Sat Mar 25 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي * صبح جي شروعات وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي * مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون * اسلام آباد جي شڪرپڙيان گرائونڊ ۾ فوج جي گڏيل پريڊ تقريب * تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي ملڪن جا سفير به شريڪ * پريڊ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو * پاڪستان جي ڏهاڙي تي فوجي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو چين جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شريڪ * سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجن جا دستا به فوجي پريڊ تقريب ۾ شرڪت * صدر ممنون حسين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد صدر ممنون حسين فوجي پريڊ جو معائنو ڪيو * پريڊ تقريب دوران هوائي فوج جي جهازن جي ايف ٿنڊر، ۽ ايف 16 جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو * هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ايف 16 جهازن جي قيادت ڪئي * اسلام آباد: صدر ممنون حسين جو فوجي پريڊ تقريب کي خطاب * پوري قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيان ٿو؛ صدر ممنون حسين * اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا: صدر ممنون حسين * اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: صدر ممنون حسين * پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: صدر ممنون حسين * ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي:صدر ممنون حسين * ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي:صدر ممنون حسين * ڀارت لڳاتار فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهي: صدر ممنون حسين * اسان جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي: صدر * دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ردالفساد جاري رهندو، دهشتگردي جي پاڙ کي هميشه لاءِ پٽيو ويندو: صدر ممنون حسين * آپريشن ردالفساد ۾ رهيل دهشتگردن جو خاتمو آندو يندو: صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جون وڏيون قربانيون آهن:ممنون حسين * چين جي لبريشن آرمي جي دستي جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي:صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي: صدر ممنون * اڄ پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ گهڻو محفوظ آهي: صدر ممنون * خوشي آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي معيشت طور اڀري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ ترقي جا نوان در کلندا: صدر ممنون حسين * سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو: صدر ممنون حسين * ڪراچي: سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مزار قائد تي حاضري * سنڌ جي گورنر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي * پاڪستان وڏين قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي: گورنر محدم زبير * اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪرڻو پوندو: گورنر محمد زبير * متحد ۽ منظم طريقي سان پاڪستان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي:گورنر * ملڪ جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀني کيِ اڳتي وڌڻو پوندو: گورنر محمد زبير

اهم خبرون:

ماسڪو ۾ افغانستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان شرڪت ڪندو:پرڏيهي ترجمان

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ماسڪو ۾ افغانستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان شرڪت ڪندو، ڪانفرنس ۾ افغان طالبان جي شرڪت بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان چيو ته ماسڪو ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڪهڙي سطح تي شرڪت ڪندو ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ اڃا باقي آهي. نفيس ... (وڌيڪ پڙهو)


آدمشماريءَ جي طريقيڪار خلاف پ پ جي درخواست تي وفاق، شماريات کاتي جي ڪمشنر ۽ سنڌ حڪومت کي 3 اپريل جا نوٽيس جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ، آدمشماريءَ جي طريقيڪار خلاف پ پ جي درخواست تي وفاق، شماريات کاتي جي ڪمشنر ۽ سنڌ حڪومت کي 3 اپريل جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته آدمشماري تي وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن، هنن آدمشماري جي شفافيت لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آدمشماري جي طريقيڪار خلاف پ پ جي درخواست تي ٻـُڌڻي ... (وڌيڪ پڙهو)


ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ايئر فورس پاران پاڪستان جي ڏهاڙي تي فلاءِ پاسٽ ڪيو ويو

ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ايئر فورس پاران پاڪستان جي ڏهاڙي تي فلاءِ پاسٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ جنگي جهازن حصو ورتو، پاڪستان ايئرفورس طرفان پاڪستان ڏهاڙي تي سي ويو تي تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان ايئر فورس جي پيرا گلائيڊرز پيشواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو. مارچ پاسٽ ۾ 4- 4 جنگي جهاز ٽولين جي صورت ۾ ڪرتب ڏيکاريندي نظر آيا. تقريب ۾ سنڌ جي ... (وڌيڪ پڙهو)


آزادي جي تحريڪن کي وقتي طور دٻائي سگهجي ٿو پر ختم نه ٿو ڪري سگهجي:عبدالباسط

ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته آزادي جي تحريڪن کي وقتي طور دٻائي سگهجي ٿو پر ختم نه ٿو ڪري سگهجي،اسانکي يقين آهي ته ڪشميري عوام جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي. پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ڀارت ۾ موجود سمورن ... (وڌيڪ پڙهو)


ملڪ جي ترقي ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪنهن قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو ۽ آپريشن ردالفساد سان فتنو پکيڙيندڙن کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو:صدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪنهن قربانيءَ کان نه ڪيِٻايو ويندو ۽ آپريشن ردالفساد سان فِتنو پکيڙيندڙن کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو،ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي. پريڊ اوينيو گرائونڊ اسلام آباد ۾ 23 مارچ جي پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين پاڪستان جي ڏهاڙي تي قوم کي واڌايون ڏيندي ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان جو ڏهاڙو، اسلام آباد ۾ هٿياربند فوجن جي شاندار پريڊ، ويڙهاڪ جهازن جو فلاءِ پاسٽ،پرڏيهي فوجي دستن جي به شرڪت

پاڪستان جي ڏهاڙي تي اسلام آباد ۾ هٿياربند فوجن جي دستن شاندار پريڊ ۽ ويڙهاڪ جهازن مظاهرو ڪيو،جنهن ۾ چين، سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجي دستن به شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن، گلگت بلتستان، فاٽا ۽ ڪشمير جا ثقافتي رنگ به ڏيکاريا ويا. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ پاڪ فوج جي هٿياربند دستن طرفان شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيوويو جنهن ۾ پهريون ڀيرو ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان جو ڏهاڙو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21- 21 توپن جي سلامي ڏني وئي

ڏينهن جي شروعات تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهـُريون ويون جڏهن ته سمورين سرڪاري توڙي خانگي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦـَڙڪايا ويا آهن. اسلام آباد اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ توپن جي سلاميءَ جي تقريب ٿي. ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 توپن ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21 – 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. لاهور جي محفوظ شهيد ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان جو ڏهاڙو، علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي واري تقريب منعقد ڪئي وئي

لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي به گارڊز جي تبديلي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. هوائي فوج جي ايئر ڪموڊور سلمان محبوب خاص مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي، پنجاب رينجرز جي جوانن علامه اقبال جي مزار تي سلامي ڏني. پاڪستان ايئرفورس جي دستي اقبال جي مزار تي گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. لاهور ۾ ئي مينار پاڪستان تي شاندار آتشبازي جو به ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ کي گهٽ پاڻي ملڻ تي خورشيد شاهه جو قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سنڌ کي گهٽ پاڻي ملڻ تي احتجاج ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڇا ننڍن صوبن جا حق ناهن، 2.82 ملين ايڪڙ پاڻي پنجاب کي ملي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ کي رڳو 0.62 ملين ايڪڙ پاڻي ڏنو پيو وڃي. خورشيد شاهه چيو ته هنن وٽ سمنڊ هجڻ باوجود پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود وفاق ڪن ئي نٿو ... (وڌيڪ پڙهو)


قومي اسيمبلي پاڪستان انڪوائري ڪميشن بل 2017 جي منظوري ڏئي ڇڏي

قومي اسيمبلي پاڪستان انڪوائري ڪميشن بل 2017 جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي بحران جي گونج قومي اسيمبلي تائين به پهچي وئي، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته2.82 ملين ايڪڙ پاڻي پنجاب کڻي وڃي ٿو، سنڌ کي رڳو 0.62 ملين ايڪڙ پاڻي ملي رهيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ٿيو، وفاقي وزير زاهد حامد پاڪستان ... (وڌيڪ پڙهو)