Thu Apr 27 2017
تازا ترين:  
* *سرينگر: ڪپواڙا ۾ ڀارتي فوج جو سرچ آپريشن، 2 ڪشميري شهيد * سرينگر: ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي حملو، 3 اهلڪار مارجي ويا * سرينگر: جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملي آور مارجي ويا: ڀارتي ميڊيا * ملڪ ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف ردالفساد آپريشن جاري * خانيوال: جهانيان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي * ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا: سي ٽي ڊي * راولپنڊي: آپريشن رد الفساد تحت ڪارروايون جاري، خيبر ايجنسي ۾ فورسز جي بمباري ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي، ڪيترائي زخمي: آءِ ايس پي آر * انٽيليجنس بنياد تي بمباري ڪئي وئي: آءِ ايس پي آر * هوائي حملن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ٿيا: آءِ ايس پي آر * افغانستان جي صوبي ننگر هار مان دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش رهيا هئا: آءِ ايس پي آر * اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو سلسلو جاري آهي: نفيس ذڪريا * ڪل ڀوشن ياديو جاسوس ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهي: نفيس ذڪريا * ڀارت انساني حقن جون ڀڃڪڙيون لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا کي بلاڪ ڪيو آهي: ترجمان پرڏيهي کاتو * جماعت الاحرار ڪرم ايجنسي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي: نفيس ذڪريا * عالمي برادري کي احسان الله احسان جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: نفيس ذڪريا * اسلام آباد: پاناما اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ وارو مامرو، اسٽيٽ بئنڪ 3 نالا سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيا: ترجمان اسٽيٽ بئنڪ * ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ عدالت ۾ سولجر بازار ۾ تاريخي اسڪول کي ڊاهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي * پوليس معاملي جي شروعاتي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي، جاچ آفيسر ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪري ڇڏيو * جاچ آفيسر 5 جوابدارن کي مفرور قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن سميت 28 شاهدن جا نالا شامل آهن: رپورٽ * ڪراچي: چڪرا ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز، دڪان تي حملو، فائرنگ * ڪراچي: عاشق چانڊيو ۽ عبدالله ڪوريجو وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو * عاشق چانڊيو پاران عبدالله ڪوريجو جي دڪانن تي حملو فائرنگ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽ ٻين خلاف نيب جاچ متعلق درخواست تي ٻڌڻي * ڊاڪٽر ظفر اقبال کي نيب لاهور مان گرفتار ڪيو آهي: پراسيڪيوٽر نيب * عدالت نيب ۽ ٻين ڌرين کان تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيڙپ جي نالي تي عوام سان ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي * بلاول ۽ علي رضا اي ايم انٽر پرائزز ۽ اين ٽي ايف فاريسٽ جي نالي سان ڪمپني کولي: نيب جو موقف * جوابدارن ڪمپني ۾ 19 ايجنٽ رکيا، جيڪي ماڻهن کان سيڙپ جي نالي تي پئسا وصول ڪندا هئا: نيب * جعلي ڪمپنين جي ذريعي ماڻهن سان 78 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو ويو: نيب * عدالت ڌرين کي وڌيڪ دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي * ايڌي قبرستان ۾ 84 هزار لاوارث لاش دفن آهن: پوليس * ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين وٽ لاوارث لاشن جي سڃاڻپ جو بهتر نظام ناهي: پوليس * لاوارث لاشن جي سڃاڻپ لاءِ گڏيل نظام هئڻ گهرجي: عدالت * اسلام آباد: سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 7 جوابدار گرفتار * جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل ۽ 4 گاڏيون هٿ: پوليس * جوابدارن شهري کي اغوا ڪري 5 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو هو: پوليس * جوابدارن هڪ ڪروڙ وصول ڪري مغوي کي آزاد ڪيو: پوليس * جوابدار افغانستان جي سم استعمال ڪري ڊيل ڪندا هئا: پوليس * جيڪب آباد: ڳوٺ عبدالرحمان ڀنگر ۾ جوابدار سڪندر دستي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن گهر وارين کي قتل ڪري ڇڏيو: ايس ايڇ او صدر * گهوٽڪي: ڌاڙيل سلطو شر جي ڀاءُ سومر ۽ انور شر پاران يرغمال بڻايل 14 ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ 2 ڪروڙ ڀنگ طلب * ڀٽ شاهه: درگاهه تي زيارت آيل مسافر فوت، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي * جاتي: شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي پارٽين سميت قومپرست پارٽين جو احتجاج * نئون ديرو: تعليمي ماهر نبي بخش جروار ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو * منهڙو: سيپڪو شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي 10 ڏينهن کان بند ڪري ڇڏي، ڪاروبار ٺپ * ڏوڪري: بٺ شاخ جي آبادگارن جو 10 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * ٺٽو: گهر شماري جو سلسلو جاري، سامونڊي پٽي ۾ سهولتون جي کوٽ سبب عملو سخت پريشان، ٻيٽن تي ٽيمن کي پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش * هالا: نيو شيخاڻي مائينر شاخ کي ڳوٺ دائود سنگراسي وٽان 20 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪيلي ۽ وونئڻن جو فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويو * لاڙڪاڻو: سڱاوتي تڪرار تان درگاهه عظيم شاهه ويجهو جوابدارن نادر شيخ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ممبئي: ڀارتي اداڪار ونود کنا ديهانت ڪري ويو: ڀارتي ميڊيا * ڀارتي اداڪار ونود کنا 70 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪيو * ڀارتي اداڪار ڪيتري ئي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هيو * ونود کنا بالي ووڊ جي 141 فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا *

دلچسپ:

ناليواري اداڪار سلطان راهي جي وڇوڙي کي 21 سال گذري ويا

پاڪستاني فلمن جي ناليواري اداڪار سلطان راهي جي وڇوڙي کي 21 سال گذري ويا، فلمن ۾ مظلومن کي انصاف فراهم ڪندڙ کي قانون انصاف نه ڏياري سگهيو. سلطان راهي جو اصل نالو حاجي حبيب احمد هو، هـُو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي مظفر نگر بجنور ۾ 1938ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ورهاڱي وقت گوجرانوالا آيو. سلطان راهي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اسٽيج ڊرامي کان ڪئي ... (وڌيڪ پڙهو)


ناليواري ڳائڻي استاد محمد يوسف جي وڇوڙي کي 19 ورهيه گذري ويا

وڃ نه پري مون کان هٿڙو چڏائي جهڙو شاهڪار ڪلام ڳائي شهرت ماڻيندڙ ايوارڊ يافته استاد محمد يوسف جي وڇوڙي کي 19 ورهيه مڪمل ٿي ويا، سندس ورسي واري ڏهاڙي تي کيس ڪنهن به ياد ڪو نه ڪيو، ثقافتي اداري به کيس وساري ڇڏيو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقبوليت ماڻيندڙ محمد يوسف 14 جنوري 1942ع ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي طيب ويجهو ٽئين نمبر تلاءُ جي دين علي شاهه پاڙي ۾ ... (وڌيڪ پڙهو)


ناليواري ڳائڻي روبينا ڪاوش گڙدن جي تڪليف سبب لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

سنڌ جي لوڪ فنڪارا روبينا ڪاوش ڊگهو عرصو بيمار رکڻ کانپوءِ چانڊڪا اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. روبينا ڪاوش گذريل ڪيتري عرصي کان گڙدن جي مرض ۾ مبتلا هئي. چانڊڪا اسپتال انتظاميا موجب لوڪ فنڪارا روبينا ڪاوش گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هئي. ترجمان موجب روبينا ڪاوش جو علاج هلندڙ هو پر اوچتو طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. ٻئي طرف ثقافت ... (وڌيڪ پڙهو)


ترڪي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار انوکو مثال قائم ڪري ورتو آهي

ترڪي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار انوکو مثال قائم ڪري ورتو آهي. شادي تقريب دوران شاندار قسم جا انتظام نه ٿين اهو ته ٿي ئي نه ٿو سگهي، پر ترڪي جي گهوٽ ڪنوار شادي تقريب دوران مهمانن کي کاڌو کارائڻ بدران 4 هزار شامي پناهگيرن کي گهرائي کاڌو کارائي خوب مهمان نوازي جو مثال قائم ڪري ورتو. سوشل ميڊيا تي آيل تصوير عوام کي جذباتي ڪري ڇڏيو آهي، هر هڪ ... (وڌيڪ پڙهو)


بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو جي فلم ”الون“ رليز ٿي وئي

بالي ووڊ جي نئين خوفناڪ فلم ” اَلون“ سينيما گهرن جي زينت بڻجي وئي. فلم جي مک ڪاسٽ ۾ بپاشا باسو ۽ نئون اداڪار ڪرن سنگهه گروور شامل آهن. نائينٽين ٽوئنٽي اِيول ريٽرنس ۽ راگني ايم ايم ايس جهڙيون فلمون ڏيندڙ فلمساز ڀوشن پاٽيل” فلم اَلون“ جي ڊائريڪشن ڏني آهي. فلم ”اَلون“ 2007ع ۾ ساڳي ئي نالي سان آيل ٿائي فلم جي ڪاپي آهي. فلم جي موسيقي ... (وڌيڪ پڙهو)


بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو جي فلم ”الون“ رليز ٿي وئي

بالي ووڊ جي نئين خوفناڪ فلم ” اَلون“ سينيما گهرن جي زينت بڻجي وئي. فلم جي مک ڪاسٽ ۾ بپاشا باسو ۽ نئون اداڪار ڪرن سنگهه گروور شامل آهن. نائينٽين ٽوئنٽي اِيول ريٽرنس ۽ راگني ايم ايم ايس جهڙيون فلمون ڏيندڙ فلمساز ڀوشن پاٽيل” فلم اَلون“ جي ڊائريڪشن ڏني آهي. فلم ”اَلون“ 2007ع ۾ ساڳي ئي نالي سان آيل ٿائي فلم جي ڪاپي آهي. فلم جي موسيقي ... (وڌيڪ پڙهو)


اسڪينڊل ڪوئين وينا ملڪ ڳورهاري ٿي وئي

اسڪينڊل ڪوئين وينا ملڪ ڳورهاري ٿي وئي،، جنهن سبب هن اسڪرين تي اچڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب وينا ملڪ اڄڪلهه آمريڪي رياست ورجينيا ۾ ترسيل آهي.ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب وينا ملڪ ڳورهاري بڻجي وئي آهي ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ سندس گهر ۾ ننڍڙي مهمان جي آمد ٿيندي. وينا ملڪ جو چوڻ آهي ته هوءَ هاڻي ڳچ وقت تائين اسڪرين تي نه ... (وڌيڪ پڙهو)


نئين سائنس فڪشن فلم دي فرسٽ جو ٽريلر جاري

پراسرار طور تي گم ٿيل ڀيڻ جي جي ڳولا ڪندي ڇوڪريءَ تي ٻڌل نئين سائنس فڪشن ٿرلر فلم ” دي فرسٽ“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو. هدايتڪار جيڪبو رسپا جي هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار ديوي پينڊا نڀايو آهي جنهن کانسواءِ ٻي ڪاسٽ ۾ ايوا ٽمار گو، مينيول يورائز ۽ جوز وليسڪو شامل آهن.هيءَ فلم آمريڪا جي هڪ جهنگ ۾ گم ٿيل ڀيڻ جي ڳولا ۾ مصروف هڪ اهڙي ڇوڪري جي چوڌاري ... (وڌيڪ پڙهو)


برلن جي راڻي باغ ۾ برفاني رڇ جا ٻچا ٻن مهينن کان ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل

ٻار پنهنجي صفت ۾ نازڪ مزاج هوندا آهن، پوءِ چاهي اهي انسان جا هجن يا جانور جا. برلن جي راڻي باغ ۾ برفاني رڇ جا ٻچا ٻن مهينن کان ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن. راڻي باغ جي عملدار موجب راڻي باغ ۾ برفاني رڇ جا ٻچا 30 سالن بعد پيدا ٿيا آهن. جيڪي هن وقت راڻي باغ ۾ ايندڙ ماڻهن لاءِ تفريح جو سبب بڻيل آهن. ... (وڌيڪ پڙهو)


برسات بعد دنيا جي بلند ترين عمارت برج خليفه ڪڪرن ۾ غائب

دبئي ۾ برسات بعد دنيا جي بلند ترين عمارت برج خليفه ڪڪرن ۾ غائب ٿي وئي. آسمان ۾ ڪڪرن سبب برج خليفا ڪجهه دير لاءِ گم ويو، ٿوري دير کانپوءِ جيئن ئي ڪڪر هٽيا ته برج خليفا ٻيهر نروار ٿي ويو، برج خليفا جي ان ويڊيو کي هن وقت تائين 34 لک ماڻهو ڏسي چڪا ... (وڌيڪ پڙهو)