Mon Sep 25 2017
تازا ترين:  
* * دير بالا: ڊونگ دره ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه: پوليس * گهر کي باهه لڳڻ سبب 6 ٻار سڙي فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي * فوتين ۾ 5 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ شامل آهي: پوليس * ڪوئيٽا: اختر آباد ۾ ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر،5 ڄڻا فوت 8 زخمي * ڪراچي: ڪلفٽن جي علائقي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ ريسٽورنٽ کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو * فائر برگيڊ جي عملي 2 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو * عمارت جي پهرين ٻي ۽ ٽئين ماڙ کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو * ريسٽورنٽ کي باهه بجلي شارڪٽ مان لڳي آهي: پوليس * باهه ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا: پوليس * فيصل آباد: گٽر جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 ڄڻا فوت * رشيد آباد ۾ گٽر ۾ زهريلي گئس ڀرجڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿيا: پوليس * نيويارڪ: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستاني سفير مليحا لوڌي جو خطاب * مليحا لوڌي ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت کي دهشتگردي جي ماءُ قرار ڏئي ڇڏيو * ڀارت پاڪستان خلاف الزام تراشين تي لهي آيو آهي: مليحا لوڌي * ڀارتي وزيراعظم گجرات ۾ مسلمانن جي قتل ۾ ملوث آهي: مليحا لوڌي * ڪشمسير ڀارت جو حصو ناهي، اتي قبضو ڪيو يو آهي: مليحا لوڌي * عالمي برادري ڀارت کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀڃڪڙين کان روڪي: مليحا لوڌي * ڀارت دهشتگردي کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: مليحا لوڌي * ڳالهين لاءِ ڀارت کي دهشتگردي جي پاليسي ختم ڪرڻي پوندي: مليحا لوڌي * ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جون ڀڃڪڙيون جاري آهن: مليحا لوڌي * پاڪستان سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي چاهي ٿو: مليحا لوڌي * ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوھن جي جاچ ٿيڻ گھرجي: مليحا لوڌي * ڀارت پھرين پاڪستان ۾ دھشتگردن جي مدد ڪرڻ بند ڪري: مليحا لوڌي * ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ جاسوسي جو اعتراف ڪيو آھي: مليحا لوڌي * گڏيل قومن جي ٺھرائن تي عمل کان انڪار جارحيت ۽ دوکو آھي: مليحا * ڳالھين لاءِ پاڪستان جا دروازا کليل آھن: مليحا لوڌي * پاڪستان سڀني مسئلن جو حل ڳالھين ذريعي چاھي ٿو؛ مليحا لوڌي * ڳالھين لاءِ ڀارت کي رياستي دھشتگردي جي پاليسي ختم ڪرڻي پوندي: مليحا لوڌي * ڀارت ۾ ڪابھ اقليت محفوظ ناھي: مليحا لوڌي * ڀارتي حڪمران جماعت جا ھٿ خون سان رڱيل آھن: مليحا لوڌي * راولپنڊي: ايل او سي نڪيال سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ: آءِ ايس پي آر * ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ھڪ ٻارڙي شھيد ۽ 2شھري زخمي: آءِ ايس پي آر * شھري آبادي کي ھٿيارن ۽ مارٽر گولن سان نشانو بڻايو ويو: آءِ ايس پي آر * پاڪ فوج پاران ڀارتي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ويو: آءِ ايس پي آر * لنڊن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات * اين اي 120تي جمهوريت جي فتح ٿي: وزيراعظم * آمريڪا جو دورو ڪامياب رهيو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي * نواز شريف سان ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون: وزيراعظم * ملاقات حسن نواز جي آفيس ۾ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي * لنڊن: ڪلثوم نواز جي ٽئين آپريشن ٿي:نواز شريف * مشاورت ٿيندي رهندي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندي رهندي: نواز شريف * پاڪستان جي عوام اسان جي بيان جي تائيد ڪئي: نواز شريف * حالتون عجيب رخ اختيار ڪري سگهن ٿيو: نواز شريف * جي ٽي روڊ تي جيڪي ڳالهيون ڪيون اهو منهنجو اصولي موقف هو: نواز شريف * مشاورت سٺو عمل آهي، مشاورت سان اڳتي وڍڻ گهرجي: نواز شريف * اين اي 120تان جيڪي ماڻهو گم ٿيا ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي: نواز شريف * ڪراچي: سي پيڪ جي جوائنٽ ورڪنگ گروپ طرفان ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي منظوري ڪراچي جي ماڻهن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي:وڏو وزير مراد علي شاهه * اهو اسان جي لڳاتار ۽ بهتر ڪوششن جو نتيجو آهي: وڏو وزير * سي پيڪ جي جوائنٽ ورڪنگ ڪميٽي جي اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سنڌ سرڪار جي ٽن منصوبن ڪي سي آر، ڪيٽي بندر ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ڌاٻيجي تي غور ڪيو ويو: وڏو وزير * گڏجاڻي ۾ صوبي جي ٽنهي اهم منصوبن جي منظوري ڏيندي معاملو جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو:وڏو وزير مراد علي شاهه * سي پيڪ منصوبو سنڌ جي معيشيت کي مضبوط ۽ پائيدار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو:وڏو وزير * ميرپورماٿيلو:يارولنڊ ويجھو ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،ھڪ ڄڻو فوت * حادثي ۾23 ورھين جو درشن لال مينگھواڙ فوت ٿيو * اوٻاوڙو: ٻھ ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل 12ورھين جو نينگر بازياب * بلال غوري کي ھٿياربند اوٻاوڙو باءِ پاس ويجھو ڇڏي فرار ٿي ويا: پوليس * بوزدار وڏا:سئي گيس ويجھو سلينڊر ڦاٽڻ سبب ھڪ ڄڻو زخمي، اسپتال منتقل * سي اين جي اسٽيشن تي سلينڊر ڦاٽڻ سبب ارشاد علي زخمي ، گمبٽ اسپتال داخل * ڪنڌڪوٽ:ڪشمور پوليس جو بي ايس فيڊر ويجھو ڇاپو * ڪچو شراب ٺاھيندڙ 4جوابدار گرفتار، شراب ۽ سامان ھٿ: پوليس * ڪراچي: جمالي پل ويجھو ھٿياربندن جي فائرنگ، ھڪ ڄڻو مارجي ويو: ذريعا * ڪراچي: سپر مارڪيٽ ويجھو پوليس جي ڪارروائي، ھڪ جوابدار گرفتار * جوابدار جي قبضي مان ھٿيار ۽ موبائل فونز ھٿ، ڪيس داخل: پوليس * گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ، طارق عرف ديوانا جي نالي سان ٿي آھي: پوليس * جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ھئڻ جو اعتراف ڪيو آھي: پوليس * ڪراچي: جهانگارا کان ڪراچي خوف سبب منتقل ٿياسين: تانيا جي امڙ * ڪٽنب کي موتمار ڌمڪيون ملڻ باوجود سيڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي * خاصخيلي اتحاد رهائش ۽ خانگي سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو آهي * هڪ نياڻي تانيا مارجي وئي ٻين نياڻين کي خطرو آهي: تانيا جي امڙ * حڪومت رهائش ۽ روزگار فراهم ڪري، دربدري کان بچائي: تانيا جي امڙ * جيستائين ڌيءُ جي قاتلن کي ڦاهي تي نه چاڙهيو ويندو سک سان نه ويهنداسين:تانيا جي امڙ * غوثپور: ڳوٺ رضا محمد جعفري ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو * جرڳو برداري جي چڱي مڙس عزيز علي جعفري ۽ محمد مراد جعفري جي سرپئنچي هيٺ ٿيو * ڏوهه ثابت ٿيڻ تي الله رکيو جعفري واري ڌر مٿان 24لک ڏنڊ مقرر،ڌريون کير کنڊ *

اسپورٽ:

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجواعالمي فٽبالرزسان ملاقات

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان پرامن ۽ راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا طرفان جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل عالمي فٽبالرز رونالڊينو ۽ سندس ساٿين جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عالمي فٽبالرز جي ... (وڌيڪ پڙهو)


آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي 95 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي 95 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. انگلينڊ جي گرائونڊ ڊربي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. ڀارت طرفان پونم راوت 47، سشما ورما 33 ۽ ديپتي شرما 28 رنسون ٺاهي اڳڀريون رهيون، جڏهن ته سمرتي منڌنا 2، ڪپتان مٿالي راج 8، هرمن ... (وڌيڪ پڙهو)


چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت بنگلاديش کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت بنگلاديش کي 9 وڪيٽن تان هارائي فائنل ۾ پهچي ويو،آچر ڏينهن ڀارت پاڪستان سان مھاڏو اٽڪائيندو. برمنگھم جي شهر ايبجسٽن ۾ کيڏي ويل چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ بنگال ٽائيگرز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسون ٺاهيون. ڀارتي ٽيم جوابي بيٽنگ ڪندي گهربل هدف آساني ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان انگلينڊ کي پنهنجي ئي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان انگلينڊ کي پنهنجي ئي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي ويو. قومي ٽيم 212 رنسن جو مليل هدف آساني سان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 38 اوورن ۾ پورو ڪيو. قومي ٽيم جي اوپنرن اظهر علي ۽ فخر زمان شاندار آغاز ڪيو، جڏهن تھ ٻنهي اووپنرن 118 رنسن جي پارٽنرشپ ڏني. فخر زمان بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 7 چوڪن ۽ 1 ڇڪي ... (وڌيڪ پڙهو)


شعيب ملڪ جي 250 ميچ تي ثانيه مرزا وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو

*اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي اڍائي سئو هين ميچ تي سندس گهرواري ثانيه مرزا وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيه مرزا پنهنجي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته شعيب ۽ هُن جي خاندان لاءِ اها خوشي جي ڳالهه ۽ اعزاز آهي. ثانيه مرزا اميد ظاهر ڪندي چيو ته اسٽار ڪرڪيٽر جي بهترين ڪارڪردگي واري موقعي کي يادگار بڻايو ... (وڌيڪ پڙهو)


قومي ٽيم جي ليجنڊ فاسٽ بالر فضل محمود جي وڇوڙي کي 12 سال وهامي ويا

قومي ٽيم جي ليجنڊ فاسٽ بالر فضل محمود جي وڇوڙي کي 12 سال وهامي ويا. فضل محمود 18 فيبروري 1927 ع ۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو، هن گڏيل هندستان ۾ ڏکڻ پنجاب جي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان رانجهي ٽرافي ۾ حصو وٺي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 18 آڪٽوبر 1952ع ۾فضل محمود پاڪستان طرفان ڀارت خلاف کيڏي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي . فضل محمود ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ کان ڊيمينما ۾ شروع ٿيندي

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ کان ڊيمينما ۾ شروع ٿيندي، ٽئين ٽيسٽ ميچ سان گڏ پاڪستان ڪرڪيٽ جو هڪ اهم دوران پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. قومي ٽيم جي ڪامياب ترين ڪپتان مصباح الحق ۽ ڪامياب ترين بيٽسمين يونس خان کي تحفو ڏيڻ جو سونهري موقعو آهي، ميچ کٽڻ جي صورت ۾ مصباح پاڪستان جو ويسٽ انڊيز ۾ سيريز کٽڻ وارو پهريون ... (وڌيڪ پڙهو)


ميزبان ٽيم ويسٽ انڊيز جون چوٿين ڏيهن جي پڄاڻي تي 9 وڪيٽن تي 264 رنسون، پاڪستان خلاف 183 رنسن جي برتري حاصل

برج ٽائون ٽيسٽ ۾ ياسر شاهه جو جادو هلي ويو، ويسٽ انڊيز جي 6 رانديگرن کي پويلين موٽائي ڇڏيو، ٻي اننگ ۾ ميزبان ٽيم 9 وڪيٽن تي 264 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪ-ويسٽ انڊيز سيريز جي ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي ميزبان ويسٽ پنهنجي ٻي اننگ ۾ شائي هوپ جي شاندار 90 رنسن سبب 264 رنسون ٺاهي ورتيون. ويسٽ انڊيز کي پاڪستان خلاف 183 رنسن جي ... (وڌيڪ پڙهو)


ٻئين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ پاڪستان جو ويسٽ انڊيز خلاف 172 رنسن تي 3 آئوٽ

برج ٽائون ٽيسٽ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگ 172 رنسون 3 رانديگر آئوٽ تان اڄ ٻيهر شروع ڪندو. پاڪ- ويسٽ انڊيز سيريز جي ٻي مئچ برج ٽائون ۾ جاري آهي ڪالهه ٻئي ڏينهن جي راند وچ ۾ جاري آهي، ٻئي ڏينهن جي راند خراب روشني سبب وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي هئي. راند ختم ٿيڻ تائين قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، جڏهن ته ويسٽ ... (وڌيڪ پڙهو)


پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻئين ٽيسٽ مئچ جو دنگل اڄ کان برج ٽائون ۾ شروع

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ اڄ برج ٽائون ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان کي ويسٽ انڊيز خلاف ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ مئچ جي سرسي حاصل آهي. اڄوڪي مئچ ۾ فاسٽ بالر محمد عباس جي جاءِ تي ليگ اسپنر شاداب خان کي ٽيسٽ ڪيپ ملڻ جو امڪان آهي. پاڪستاني ٽيم برج ٽائون ٽيسٽ ۾ ٻن ليگ اسپنرن ياسر شاهه، شاداب خان ۽ ٻن فاسٽ بالرن ... (وڌيڪ پڙهو)