Sat Mar 25 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي * صبح جي شروعات وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي * مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون * اسلام آباد جي شڪرپڙيان گرائونڊ ۾ فوج جي گڏيل پريڊ تقريب * تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي ملڪن جا سفير به شريڪ * پريڊ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو * پاڪستان جي ڏهاڙي تي فوجي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو چين جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شريڪ * سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجن جا دستا به فوجي پريڊ تقريب ۾ شرڪت * صدر ممنون حسين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد صدر ممنون حسين فوجي پريڊ جو معائنو ڪيو * پريڊ تقريب دوران هوائي فوج جي جهازن جي ايف ٿنڊر، ۽ ايف 16 جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو * هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ايف 16 جهازن جي قيادت ڪئي * اسلام آباد: صدر ممنون حسين جو فوجي پريڊ تقريب کي خطاب * پوري قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيان ٿو؛ صدر ممنون حسين * اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا: صدر ممنون حسين * اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: صدر ممنون حسين * پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: صدر ممنون حسين * ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي:صدر ممنون حسين * ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي:صدر ممنون حسين * ڀارت لڳاتار فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهي: صدر ممنون حسين * اسان جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي: صدر * دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ردالفساد جاري رهندو، دهشتگردي جي پاڙ کي هميشه لاءِ پٽيو ويندو: صدر ممنون حسين * آپريشن ردالفساد ۾ رهيل دهشتگردن جو خاتمو آندو يندو: صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جون وڏيون قربانيون آهن:ممنون حسين * چين جي لبريشن آرمي جي دستي جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي:صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي: صدر ممنون * اڄ پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ گهڻو محفوظ آهي: صدر ممنون * خوشي آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي معيشت طور اڀري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ ترقي جا نوان در کلندا: صدر ممنون حسين * سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو: صدر ممنون حسين * ڪراچي: سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مزار قائد تي حاضري * سنڌ جي گورنر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي * پاڪستان وڏين قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي: گورنر محدم زبير * اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪرڻو پوندو: گورنر محمد زبير * متحد ۽ منظم طريقي سان پاڪستان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي:گورنر * ملڪ جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀني کيِ اڳتي وڌڻو پوندو: گورنر محمد زبير

سائنس:

آءِ ٽي ۾ عالمي اعزاز ماڻيندڙ ارفع ڪريم جي وڇوڙي کي 4 سال مڪمل

آءِ ٽي ۾ عالمي اعزاز ماڻيندڙ ارفع ڪريم جي وڇوڙي کي 4 سال مڪمل ڪنهن نه ڄاتو هو ته 2 فيبروري 1995 ۾ فيصل آباد جي ڳوٺ چڪ فور ۾ جنم وٺندڙ ارفع ڪريم دنيا ۾ ننڍي ڄمار واري آءِ ٽي ماهر هجڻ جو اعزاز ماڻي ڪروڙين ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيندي. ارفع ڪريم رنڌاوا رڳو 9 ورهين جي ڄمار ۾ سال 2004 ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل جو امتحان پاس ڪيو ته سڄي ... (وڌيڪ پڙهو)


ناسا جي خلائي جهاز زحل سياري جي چنڊ جون تصويرون موڪلي ڇڏيون

آمريڪي خلائي اداري ناسا جو جهاز ڪيسيني، پنهنجي مشن جي آخري مرحلي ۾ آهي، ان سلسلي ۾ خلائي جهاز سياري زحل جي چنڊ ڀرسان ورتل تصويرون موڪليون آهن. ذريعن موجب ناسا طرفان روانو ڪيل خلائي جهاز ڪيسيني زحل جي 11 سالن جي دوري دوران چنڊ” ڊائيوني“ جي داڳ دار سطح کان 500 ڪلوميٽر جي فاصلي تان گــُذريو ۽ تصويرون ورتيون. ان مشن جي تصويرن تي ڪم ... (وڌيڪ پڙهو)


ناسا زمين جي سائيز جيترو نئون سيارو دريافت ڪري ورتو

آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا،زمين جي سائيز جيترو نئون سيارو دريافت ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ناسا،ڪيپلر خلائي دوربين جي مدد سان زمين جي سائيز جو سيارو دريافت ڪيو آهي. نئون سيارو ڪهڪشان ڀرسان ان زون ۾ پنهنجي مدار جي چوڌاري گردش ڪري رهيو آهي،جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ سازگار حالتون موجود آهن. سائنسدانن موجب نئين سياري کي ڪيپلر ... (وڌيڪ پڙهو)


هڪ وڏو سيارو 26 جنوري تي زمين جي ويجهو گذرندو:سائنسدان

خلائي سائنسدانن زمين طرف وڌندڙ هڪ سياريَ جو پتو لڳايو آهي جيڪو 26 جنوري تي زمين جي ويجهو گــُذرندو. سائسندانن پاران دريافت ڪيل سياري کي بي ايل 86 جو نالو ڏنو آهي جنهن جي جسامت اڌ ڪلوميٽر ٻــُڌائي پئي وڃي. سائسندانن موجب بي ايل 86 جي گــُذرڻ سان زمين تي ڪو به فرق نه پوندو ڇو ته 26 جنوري تي گــُذرندڙ سياري جو مفاصلو زمين کان 12 ملين ... (وڌيڪ پڙهو)


ايبولا وائرس جي صحتياب مريضن جي رت مان حاصل ڪيل سيرم تيار

صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ايبولا وائرس جي صحتياب مريضن جي رت مان حاصل ڪيل سيرم ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ فراهم ڪيو ويندو. جنيوا ۾ صحت جي عالمي اداري سان لاڳاپيل طب جي شعبي جي هڪ اعليٰ عهديدار ٻڌايو ته نئون سيرم ايبولا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي رت مان ٺاهيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن ايبولا جو مريض صحتياب ٿي وڃي ٿو ته سندس جسم ۾ ... (وڌيڪ پڙهو)


شوگر جي مريض عورتن ۾ هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي:تحقيق

ڪينبرا: شوگر جي مرض ۾ مبتلا عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ 44 سيڪڙو کان وڌيڪ دل جي مرض ۾ مبتلا ٿيندا آهن. آسٽريلوي يونيورسٽي آف ڪوئينز جي پروفيسر هڪسلي چيو ته جمع ڪرايل انگ اکرن مان ثابت ٿيو آهي ته شوگر ۾ مبتلا عورتن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن. ذيابطيس ۾ مبتلا عورتن ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ دل جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا ٽيڻا ... (وڌيڪ پڙهو)


ناسا جو خلائي جهاز ميون مريخ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو

آمريڪي خلائي اداري ناسا جو خلائي جهاز ”ميون“ مريخ جــَي مدار ۾ ڪاميابيءَ سان داخل ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ناسا طرفان موڪليل خلائي جهاز 10 مهينن جو سفر ڪرڻ بعد مريخ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو، جتي اهو مريخ بابت تحقيق ڪندو ۽ پنهنجي مرڪز کي ڄاڻ پهچائيندو. مريخ تي تحقيق جي هن مهم سان لاڳاپيل سائنسدان ڊاڪٽر بروس جارڪو ... (وڌيڪ پڙهو)


محبت انسان کي ڌوڪي باز بڻائي ڇڏيندي آهي:ماهرن جو انڪشاف

ايمسٽرڊيم: چوندا آهن ته پيار هڪ سچي جذبي جو نالو آهي جيڪو انسان جي زندگي سنوارڻ جو سبب بڻجي ٿو پر نئين جاچ ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. نيدر لينڊ جي ايمسٽرڊيم يونيورسٽي جي ماهرن طرفان ڪيل تحقيق موجب محبت ماڻهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ جو عادي بڻائي ڇڏيندي آهي. تحقيق موجب آڪسي ٽاڪسن نالي هارمون انسان اندر پيار ۽ محبت پيدا ڪرڻ جو سبب ... (وڌيڪ پڙهو)


چاڪليٽ کائڻ وقت تڪليف جو احساس گهٽجي ويندو آهي

نيويارڪ: آمريڪي ماهرن هڪ تحقيق ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته چاڪليٽ کائڻ وقت پنهنجو پاڻ تڪليف جو احساس گهٽجي ويندو آهي. ماهرن موجب جيڪڏهن اوهان ڪنهن به عضووي جي تڪليف ۾ مبتلا آهيو ۽ اوهان چاڪليٽ کائڻ لڳو ته تڪليف جو احساس نه رهندو. ماهرن موجب کائڻ پيئڻ هڪ قدرتي گوري وانگر اوهان جي تڪليف کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. تجرباتي عمل ۾ ماهرن ... (وڌيڪ پڙهو)


دنيا جون 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون

پاڪستان سميت سڄي دنيا جون 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون. عورتن کي گهر سنڀالڻ سان گڏ مختلف مسئلن کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي، جنهن سبب اهي ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. جيڪو نه رڳو ماءُ پر ٻارن لاءِ به نقصان جو سبب بڻجندو آهي. مختلف ملڪن ۾ ڪيل تحقيق موجب پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 12 سيڪڙو عورتون ڊپريشن ۾ مبتلا رهن ٿيون. آفيسن ۾ ڪم ... (وڌيڪ پڙهو)