Thu Apr 27 2017
تازا ترين:  
* *سرينگر: ڪپواڙا ۾ ڀارتي فوج جو سرچ آپريشن، 2 ڪشميري شهيد * سرينگر: ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي حملو، 3 اهلڪار مارجي ويا * سرينگر: جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملي آور مارجي ويا: ڀارتي ميڊيا * ملڪ ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف ردالفساد آپريشن جاري * خانيوال: جهانيان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي * ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا: سي ٽي ڊي * راولپنڊي: آپريشن رد الفساد تحت ڪارروايون جاري، خيبر ايجنسي ۾ فورسز جي بمباري ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي، ڪيترائي زخمي: آءِ ايس پي آر * انٽيليجنس بنياد تي بمباري ڪئي وئي: آءِ ايس پي آر * هوائي حملن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ٿيا: آءِ ايس پي آر * افغانستان جي صوبي ننگر هار مان دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش رهيا هئا: آءِ ايس پي آر * اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو سلسلو جاري آهي: نفيس ذڪريا * ڪل ڀوشن ياديو جاسوس ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهي: نفيس ذڪريا * ڀارت انساني حقن جون ڀڃڪڙيون لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا کي بلاڪ ڪيو آهي: ترجمان پرڏيهي کاتو * جماعت الاحرار ڪرم ايجنسي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي: نفيس ذڪريا * عالمي برادري کي احسان الله احسان جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: نفيس ذڪريا * اسلام آباد: پاناما اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ وارو مامرو، اسٽيٽ بئنڪ 3 نالا سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيا: ترجمان اسٽيٽ بئنڪ * ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ عدالت ۾ سولجر بازار ۾ تاريخي اسڪول کي ڊاهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي * پوليس معاملي جي شروعاتي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي، جاچ آفيسر ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪري ڇڏيو * جاچ آفيسر 5 جوابدارن کي مفرور قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن سميت 28 شاهدن جا نالا شامل آهن: رپورٽ * ڪراچي: چڪرا ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز، دڪان تي حملو، فائرنگ * ڪراچي: عاشق چانڊيو ۽ عبدالله ڪوريجو وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو * عاشق چانڊيو پاران عبدالله ڪوريجو جي دڪانن تي حملو فائرنگ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽ ٻين خلاف نيب جاچ متعلق درخواست تي ٻڌڻي * ڊاڪٽر ظفر اقبال کي نيب لاهور مان گرفتار ڪيو آهي: پراسيڪيوٽر نيب * عدالت نيب ۽ ٻين ڌرين کان تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيڙپ جي نالي تي عوام سان ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي * بلاول ۽ علي رضا اي ايم انٽر پرائزز ۽ اين ٽي ايف فاريسٽ جي نالي سان ڪمپني کولي: نيب جو موقف * جوابدارن ڪمپني ۾ 19 ايجنٽ رکيا، جيڪي ماڻهن کان سيڙپ جي نالي تي پئسا وصول ڪندا هئا: نيب * جعلي ڪمپنين جي ذريعي ماڻهن سان 78 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو ويو: نيب * عدالت ڌرين کي وڌيڪ دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي * ايڌي قبرستان ۾ 84 هزار لاوارث لاش دفن آهن: پوليس * ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين وٽ لاوارث لاشن جي سڃاڻپ جو بهتر نظام ناهي: پوليس * لاوارث لاشن جي سڃاڻپ لاءِ گڏيل نظام هئڻ گهرجي: عدالت * اسلام آباد: سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 7 جوابدار گرفتار * جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل ۽ 4 گاڏيون هٿ: پوليس * جوابدارن شهري کي اغوا ڪري 5 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو هو: پوليس * جوابدارن هڪ ڪروڙ وصول ڪري مغوي کي آزاد ڪيو: پوليس * جوابدار افغانستان جي سم استعمال ڪري ڊيل ڪندا هئا: پوليس * جيڪب آباد: ڳوٺ عبدالرحمان ڀنگر ۾ جوابدار سڪندر دستي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن گهر وارين کي قتل ڪري ڇڏيو: ايس ايڇ او صدر * گهوٽڪي: ڌاڙيل سلطو شر جي ڀاءُ سومر ۽ انور شر پاران يرغمال بڻايل 14 ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ 2 ڪروڙ ڀنگ طلب * ڀٽ شاهه: درگاهه تي زيارت آيل مسافر فوت، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي * جاتي: شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي پارٽين سميت قومپرست پارٽين جو احتجاج * نئون ديرو: تعليمي ماهر نبي بخش جروار ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو * منهڙو: سيپڪو شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي 10 ڏينهن کان بند ڪري ڇڏي، ڪاروبار ٺپ * ڏوڪري: بٺ شاخ جي آبادگارن جو 10 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * ٺٽو: گهر شماري جو سلسلو جاري، سامونڊي پٽي ۾ سهولتون جي کوٽ سبب عملو سخت پريشان، ٻيٽن تي ٽيمن کي پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش * هالا: نيو شيخاڻي مائينر شاخ کي ڳوٺ دائود سنگراسي وٽان 20 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪيلي ۽ وونئڻن جو فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويو * لاڙڪاڻو: سڱاوتي تڪرار تان درگاهه عظيم شاهه ويجهو جوابدارن نادر شيخ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ممبئي: ڀارتي اداڪار ونود کنا ديهانت ڪري ويو: ڀارتي ميڊيا * ڀارتي اداڪار ونود کنا 70 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪيو * ڀارتي اداڪار ڪيتري ئي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هيو * ونود کنا بالي ووڊ جي 141 فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا *

موسم:

سنڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون

* سنڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. ڪراچي جي گلشن حديد، گلستان جوهر، ماروئڙا ڳوٺ، عمر ماروي، سچل ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد، وحدت ڪالوني، قاسم آباد، نسيم نگر سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ هلندڙ آهي. سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، دادو، ڄامشورو، ڪوٽڙي، سيوهڻ، ڀٽ ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ سج باهه وَسائڻ شروع ڪري ڇڏي

سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ سج باهه وَسائڻ شروع ڪري ڇڏي، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، جيڪب آباد، سکر ۽ خيرپور سميت مختلف شهرن ۾ گرمي ۾ واڌ ٿي وئي،سڀاڻي کان ملڪ جي مٿانهن ۽ وچ وارن علائقن ۾ اولهه هوائن سبب گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد، ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت ۾ واڌ سبب ٿڌين شين جي استعمال ۾ اضافو اچي ويو

سنڌ ۾ گرميءَ جـِي شدت ۾ واڌ سبب ٿڌين شين جي استعمال ۾ اضافو اچي ويو آهي. موسميات کاتي موجب لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد، نوشهري فيروز، ميرپورخاص، پڊعيدن ۽ ٻين علائقن ۾ گرميءَ جي شدت وڌي وئي آهي. موسميات کاتي موجب شهيد بينظير آباد 43، سبي، ميرپورخاص، پڊعيدن، سکر ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد ... (وڌيڪ پڙهو)


ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ گجگوڙ سان گڏ هلڪي برسات جي به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ، ڏکڻ سينٽرل پنجاب ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ گرمي پد 30 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، موسميات ... (وڌيڪ پڙهو)


ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات جو امڪان

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي،ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مختلف هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. لاهور، سيالڪوٽ، ڀڪر، خانيوال سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. اسلام آباد، فيصل آباد، شيخو پورا، حافظ آباد ۽ ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ برسات، ٿڌيون هوائون گهلڻ لڳيون

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات برسات کانپوءِ هوائون گهــُلي رهيون آهن، جنهن سبب سيءَ جي شدت ۾ ٻيهر واڌ اچي وئي آهي. نوشهري فيروز، ٽنڊي الهيار، پير جو ڳوٺ، غوثپور، گلاب لغاري، گڊو، نصرپور ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي ... (وڌيڪ پڙهو)


‎ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو سلسلو جاري

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ڪوئيٽا، زوب، قلات ڊويزن، چمن، چاغي ۾ برسات کانپوءِ برفباري پئي، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پڻ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ ٿڌيون گهـُلڻ لڳيون. ملڪ جي مٿانهن علائقن ۽ اتر بلوچستان ۾ ڪڪر ڇائينل آهن، پشاور، دير، دروش، سيدو شريف، بنون، ملتان ۾ برسات جڏهن ... (وڌيڪ پڙهو)


سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيءَ جي شدت ۾ واڌ، برسات ۽ برفباري جو راڄ

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيءَ جي شدت ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي،ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباريءَ جو امڪان آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪٿي ڪوهيڙو آهي ته ڪٿي برسات ۽ ڪٿي برفباري ديرا ڄمائي ورتا آهن. سوات، ڪالام مالم جبا، گليات، ايوبيا سميت مٿانهن علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات ٿي رهي ... (وڌيڪ پڙهو)


ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري، سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات سبب سيءَ ۾ واڌ

اولهه مان داخل ٿيل برسات جي نئين سسٽم ملڪ جي ڪيتري ئي حصي کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، سنڌ سميت مختلف ميداني علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو سلسلو جاري آهي. موسميات کاتي موجب بلوچستان، خيبر پختون خواهه، فاٽا، اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا جي ... (وڌيڪ پڙهو)


ايندڙ هفتي دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جو امڪان،سنڌ ۾ به برسات جي اڳڪٿي

ايندڙ هفتي دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برساتن ۽ برفباري جو امڪان آهي،موسميات کاتي اڱاري ۽ اربع تي سنڌ ۾ به ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب سومر کان اربع دوران بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات جڏهن ته ڪوئيٽا، زوب ۽ قلات ڊويزن جي جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. اڱاري ۽ اربع تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت صوبي ... (وڌيڪ پڙهو)