Tue Jan 23 2018
تازا ترين:  
* www.awaztv.tv ‏(((اهم خبرون))) ڪراچي: وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ 22 هين گريڊ جي ٽن آفيسرن جا نالا سنڌ سرڪار کي اماڻي ڇڏيا * سردار عبدالجميد دستي، ڪيپٽن عارف نواز ۽ مهر خالد لڪ جا نالا شامل * هن وقت 22هين گريڊ جا 10 آفيسر موجود آهن، جن مان ڄاڻايل ٽئي سينيئر آهن: وفاق * ٽنهي نالن مان سنڌ سرڪار عبدالمجيد جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو * سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر سردار عبدالمجيد کي آءِ جي مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو * سردار عبدالمجيد دستي جي آءِ جي طور مقرري جا امڪان وڌي ويا *گهوٽڪي: وزيراعظم مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن ڀائرن جي قتل جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * مٺي ۾ ٻن ڀائرن جي قتل تي ڏک ٿيو: وزيراعظم * اهڙن واقعن جي ذميوارن کي انجام تي پهچائڻ گهرجي: وزيراعظم * آءِ جي سنڌ کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي: وزيراعظم * پاڪستان هميشه اقليتن کي تحفظ ڏنو آهي: شاهد خاقان عباسي * عملي طور ثابت ڪرڻو آهي، ڀائيچاري سان رهي سگهون ٿا: وزيراعظم * منهنجي ٿرپارڪر ضلعي جي دوري ڪرڻ جو پروگرام آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي *لاهور: ماڊل ٽائون سانحي جي ڪميٽي ۾اسان جو نمائندو شامل آهي: بلاول ڀٽو زرداري * نيب مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري * اسان جو بلوچستان ۾ هڪ به ايم پي اي نه آهي: بلاول ڀٽو زرداري * سنڌ سرڪار پنهنجو ڪم بهتر ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري * ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون: بلاول ڀٽو زرداري * ميڊيا صرف ميٽرو نه پر ٻيون شيون به ڏيکاري: بلاول ڀٽو زرداري * عمران خان جي ٽئين شادي ان جو ذاتي معاملو آهي: بلاول ڀٽو زرداري * خان صاحب جي شادي جي خبر صحيح آهي ته کيس واڌايون ڏيان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري *ڪراچي: سڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه جون ميڊيا سان ڳالهيون * ملڪ جي ڪا به پرڏيهي پاليسي نه آهي: ناصر شاهه *وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ جي سياسي صورتحال خراب آهي: ناصر شاهه * بلوچستان جي سياسي حالتن جو سبب وفاقي حڪومت آهي: ناصر شاهه * پرڏيهي بئنڪن کان سرڪلر ريلوي لاءِ قرض نه وٺنداسين: ناصر شاهه * سنڌ حڪومت سرڪلر ريلوي جي لاءِ جاکوڙي رهي آهي: ناصر شاهه * اسلام آباد: مخالف ڌر اڳواڻ جون ميڊيا سان ڳالهيون * افغان جنگ اسان مٿان زبردستي مڙهي وئي: خورشيد شاهه *ڪجهه فيصلن تي سياست نه ڪئي وڃي: خورشيد شاهه *ڪوٽ مومن: هي ساٿ ڪڏهن به نه ٽٽندو،اهو فيصلو پاڪستان جي عوام کي منظور نه آهي: نواز شريف * عوام نوازشريف کي اهل ڪري ٿو ۽ اوهان کيس نااهل ڪريون ٿا: نواز شريف * پوري جذبي سان ٻڌايو ته اوهان فيصلو رد ڪريو ٿا: نوازشريف * اوهان اسپتال جو پئسو جوا ۾ لڳايو : نوازشريف * اڄ جو جلسو عوام جو ريفرنڊم آهي: نوازشريف *ڪئنيڊا کان به سازشي آيو آهي: نوازشريف * ٻين تي الزام هڻندڙ پاڻ ٻين کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن: نواز شريف *اسان ايئن جان نه ڇڏينداسين، اوهان کي جواب ڏيڻو پوندو: نوازشريف *انصاف ۾ ٻٽو معيار اسان قبول نه ڪنداسين: نوازشريف * صادق آباد: ايل ين جي منصوبو ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم * ملڪ جي تاريخ ۾ڪڏهن به 42انچ جي پائپ لائن نه وڇائي وئي: وزيراعظم * نوازشريف ۽ موجوده حڪومت ڳالهيون نه ڪم ڪنداآهن: وزيراعظم*حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران هو: وزيراعظم *نوازشريف واعدا نه ڪم ڪندڙ اڳواڻ آهي: وزيراعظم *مسلم ن خدمت جي سياست ۾ يقين رکي ٿي:وزيراعظم *حڪومت ملڻ سان ڪارخانا بند ۽ سي اين جي اسٽيشن ۾گئس نه هئي:شاهد خاقان عباسي * گئس جو مسئلو حل نه ڪيون ها ته بجلي به نه هجي ها: وزيراعظم * واڌو گئس فراهم ڪرڻ بغير ملڪ جا مسئلا حل نه ٿين ها: وزيراعظم* بحران کي منهن ڏيڻ کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي: وزيراعظم * ملڪ ۾ بجلي جو بحران حل ڪيو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي *اڄ سڀني کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي: وزيراعظم *تنقيد ڪندڙ پنهنجو هڪ به منصوبو ڏيکارين : وزيراعظم *ن ليگ حڪومت 1800 ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ڪرايا: وزيراعظم * ڪراچي: مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن ڀائرن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج * دليب مهيشوري ۽ چندر شهر ۾ ڪاروبار ڪندا هئا، انهن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي:مهيشوري برادري * پوليس ۽ انتظاميا ٻنهي ڀائرن جي قتل خاموش تماشائي بڻيل آهن: مهيشوري برادري جون ميڊيا سان ڳالهيون * (((مقامي خبرون ))) *مٺي: موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ منيش ڪمار قتل * هٿياربندن اسلام ڪوٽ ۾ مينگهواڙ پاڙي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو * خيرپور: واپڊا اسڪارپ ڪالوني ۾ پوليس ليڪچرار سرمد راحت کان گهر خالي ڪرائي ڇڏيو*پوليس جي وڏي نفري پهچي بنا نوٽيس جي ڪارروائي ڪئي: تمنا راحت * هائوس رينٽ به ڪاٽيو ويو آهي پر پوءِ به بااثرن جي ڪري بي گهر ڪيو پيو وڃي: سرمد راحت جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه *ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو، مکڻو ڇڄڻ فوت ٿي ويو، هڪ زخمي * ٿرڙي محبت: ڳوٺ کوهاران ۾ امير علي ٽريڪٽر جي هيٺان اچي فوت * مٺي: واپاري ڀائرن جي قتل جون سي سي ٽي وي تصويرون آواز نيوز کي ملي ويون * ڦر دوران مزاحمت تي دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمار کي قتل ڪيو ويو هو * ڇاڇرو: مختلف بيمارن وگهي ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا * فوتين ۾ هڪ ورهيه جي انمول بجير ۽ 4 مهينن جو شهزاد شامل * ڇاڇري تعلقي ۾ مختلف بيمارين وگهي فوتي ٻارن جو انگ 3 ٿي ويو *حيدآباد: ڄامشورو گرڊ اسٽيشن تي مرمتي ڪم جي ڪري 7 جنوري تي بجلي صبح جو 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بند رهندي:حيسڪو ترجمان محمد صادق ڪٻر * ميرپوربٺورو: 3 ڏينهن اڳ ڪرتب ڏيکاريندي باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل بابو شيدي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت * سکر: سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ 18 ڪلاڪن کان آڪسيجن ختم * ڪيترن ئي مريضن جون زندگيون داءَ تي لڳل ، انتظاميا اگهور ننڊ ستل * سيٺارجا: پير وسڻ ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي حادثو،ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ غلام قادر اڄڻ فوت * بدين: ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڄاڃين جي بس اونڌي، 20 ڄڻا زخمي * بس اونڌي ٿيڻ سبب عورتون، مرد ۽ ٻار زخمي ٿي پيا * قاضي احمد: قومي شاهراهه تي مسافر بس وڻ سان ٽڪرائجي وئي * حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ڄڻا زخمي * ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو * بس موٽر سائيڪل کي بچائيندي وڻ سان ٽڪرائجي وئي: مسافر * قاضي احمد: قومي شاهراهه تي بس ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، 10 ڄڻا زخمي * حادثي جي زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو * قبو سعيد خان: ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت 2 زخمي *حادثي ۾ اعجاز بروهي فوت، زخمي اعجاز ۽ روزهيب لاڙڪاڻي منتقل * ٺل: باگڙ لاڙي وٽ موٽر سائيڪل ۽ وين ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي،اسپتال منتقل * ڪنڊيارو: قومي شاهراهه تي ڪار۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت * ٺل: فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو * ڇاڇرو: تعلقي اسپتال ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙي * ((( وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽس لاءِ وزٽ ڪندا آواز ٽي وي جي ويب سائيٽ))) ‏

پاڪستان جون:

قصور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو،اٺن ورهين جي نينگري اجتماعي لڄالٽ بعد قتل

قصور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو،اٺن ورهين جي نينگري اجتماعي لڄالٽ بعد قتل،6 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم زينب جو مڙهه ڪچري جي ڍير تان مليو، جنازي نماز عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري پڙهائي،وارثن جو قاتلن جي گرفتاري تائين تدفين نه ڪرڻ جو اعلان، نينگري جي والد چيو آهي ته پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ سهڪار نه ڪيو،پوليس مهل ... (وڌيڪ پڙهو)


عوامي حمايت سان حڪومت ٺاهينداسين

*پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي حمايت سان هـُو حڪومت ٺاهيندا،آمر ۽ دهشتگردن گڏجي هن کان ماءُ کسي ورتي پر ملڪ ۽ سنڌ جي هر ماءُ سندسن امڙ آهي. سکر ۾ سنڌ رورل سپورٽ رورل آرگنائيزيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي اين جي اوز سان گڏجي غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ن ليگ پنهنجي حڪومتي ... (وڌيڪ پڙهو)


نواز شريف چوري جو جواب ڏيڻ بدران فوج ۽ ادارن کي بدنام ڪري رهيو آهي:عمران خان

*پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف چوري جو جواب ڏيڻ بدران فوج ۽ ادارن کي بدنام ڪري رهيو آهي،هن عوام جا 300ارب رپيا چوري ڪيا. چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته چور چوري ڪرڻ بعد سعودي عرب وڃي شهزادن جا پير پڪڙي ٿو ۽ چوي ٿو، هـُو پڪڙجي پيو آهي،کيس بچايو. سندس چوڻ هو ته شيخ رشيد هن ئي مهيني نواز شريف جي سياست جي ... (وڌيڪ پڙهو)


ميان نواز شريف راز ڀلي ٻڌائي پر اهو به ٻڌائي ته هن سدائين چونڊون ڪيئن کٽيون آهن:صدر آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ميان نواز شريف راز ڀلي ٻڌائي پر اهو به ٻڌائي ته هن سدائين چونڊون ڪيئن کٽيون آهن. ميرپورخاص ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ميان نواز شريف پهريان اهو ٻڌائي ته کيس مينڊيٽ ڪيئن مليو. هن چيو ته پيپلز پارٽي وٽ عوام جي طاقت آهي ۽ هو هارين سان گڏ آهن . پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته ميان ... (وڌيڪ پڙهو)


پارليامينٽ جي گڏيل قومي سلامتي ڪميٽيءَ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي تي دفاعي اختيارين کان بريفنگ وٺڻ جو فيصلو

پارليامينٽ جي گڏيل قومي سلامتي ڪميٽيءَ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي تي دفاعي اختيارين کان بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي پارلياماني ليڊرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان ۽ پاڪستان جي جوابي نظريي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قومي ... (وڌيڪ پڙهو)


ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان سندس ماءُ ۽ گهر واري ملاقات ڪئي

اسلام آباد ۾ گهرو کاتي آفيس ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان سندس ماءَ آوانتي سوڌي ياديو ۽ گهر واري چيتنڪا وي ياديو جي ملاقات ڪرائي وئي. 30منٽ جي ملاقات ۾ڀارت جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه به شريڪ هو. ان موقعي تي گهرو کاتي جا ترجمان ڊاڪٽڙ محمد فيصل ٻنهي عورتن جي تصوير جاري ڪندي چيو ته هنن پنهنجو وعدو پورو ڪري ڇڏيو ... (وڌيڪ پڙهو)


خانيوال ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا

پنجاب جي خانيوال واري علائقي ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب مسافر بس لاهور کان راجن پور وڃي رهي هئي ته ايم 4 موٽر وي تي ڪوهيڙي سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 11ماڻهو فوت ۽ 28 زخمي ٿي پيا جن کي نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪماليا، ميان چنو ۽ جهانيان سميت پنجاب ... (وڌيڪ پڙهو)


پشاور ۽ چترال جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

پشاور ۽ چترال جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏھن تھ ماڻھو خوف مان گھر مان نڪري آيا. ديربالا، سوات، مالاڪنڊ، چارسده ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت چار ڏھائي ڇھھ ۽ گھرائي 186 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آھي. زلزلي جو مرڪز ھندوڪش جبل ٻڌايو وڃي ... (وڌيڪ پڙهو)


اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. لاهور جي ايوب اسٽيڊيم ۾ شهيد عبدالمعيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شهيد جي وارثن سميت ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض سي سي پي او لاهور ۽ ٻين فوجي اختيارين ۽ حڪومتي ميمبرن شرڪت ڪئي. شهيد سيڪنڊ ليفٽيننٽ کي ڪيولري قبرستان ... (وڌيڪ پڙهو)


حڪومت خلاف ڪنهن به وقت رستن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري سگهون ٿا:طاهرالقادري

* پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته حڪومت خلاف ڪنهن به وقت رستن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري سگهون ٿا. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهرالقادري چيو ته جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ لڪيل سچ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ رپورٽ ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ملزم قرار ... (وڌيڪ پڙهو)