Sat Mar 25 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي * صبح جي شروعات وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي * مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون * اسلام آباد جي شڪرپڙيان گرائونڊ ۾ فوج جي گڏيل پريڊ تقريب * تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي ملڪن جا سفير به شريڪ * پريڊ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو * پاڪستان جي ڏهاڙي تي فوجي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو چين جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شريڪ * سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجن جا دستا به فوجي پريڊ تقريب ۾ شرڪت * صدر ممنون حسين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد صدر ممنون حسين فوجي پريڊ جو معائنو ڪيو * پريڊ تقريب دوران هوائي فوج جي جهازن جي ايف ٿنڊر، ۽ ايف 16 جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو * هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ايف 16 جهازن جي قيادت ڪئي * اسلام آباد: صدر ممنون حسين جو فوجي پريڊ تقريب کي خطاب * پوري قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيان ٿو؛ صدر ممنون حسين * اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا: صدر ممنون حسين * اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: صدر ممنون حسين * پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: صدر ممنون حسين * ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي:صدر ممنون حسين * ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي:صدر ممنون حسين * ڀارت لڳاتار فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهي: صدر ممنون حسين * اسان جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي: صدر * دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ردالفساد جاري رهندو، دهشتگردي جي پاڙ کي هميشه لاءِ پٽيو ويندو: صدر ممنون حسين * آپريشن ردالفساد ۾ رهيل دهشتگردن جو خاتمو آندو يندو: صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جون وڏيون قربانيون آهن:ممنون حسين * چين جي لبريشن آرمي جي دستي جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي:صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي: صدر ممنون * اڄ پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ گهڻو محفوظ آهي: صدر ممنون * خوشي آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي معيشت طور اڀري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ ترقي جا نوان در کلندا: صدر ممنون حسين * سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو: صدر ممنون حسين * ڪراچي: سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مزار قائد تي حاضري * سنڌ جي گورنر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي * پاڪستان وڏين قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي: گورنر محدم زبير * اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪرڻو پوندو: گورنر محمد زبير * متحد ۽ منظم طريقي سان پاڪستان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي:گورنر * ملڪ جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀني کيِ اڳتي وڌڻو پوندو: گورنر محمد زبير

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان اڄ پنهنجي 52 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان اڄ پنهنجي 52 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان اڄ پنهنجي 52 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي عامر خان کي فن ورثي ۾ مليو، سندس والد طاهر حسين ۽ چاچو ناصر حسين وقت جا بهترين فلمساز هئا، عامر خان به والد ۽ چاچي کي ڏسي فني دنيا ۾ قدم رکيو. عامر خان جو اصل نالو عامر حسين خان آهي، هن 14 مارچ 1965ع تي جنم ورتو،.هن کي فلمن ۾ اچڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو،عامر خان چاچي ناصر حسين جي 1973ع ۾ رليز ٿيل فلم“ يادون ڪي بارات” ۾ چائلڊ اسٽار طور ڪم ڪيو. 1988ع ۾ عامر خان جي چاچي کي فلم “قيامت سي قيامت تڪ” لاءِ هڪ نوجوان جي ڳولا هئي پر اوچتو ناصر حسين جي نظر عامر خان تي پئي ۽ کيس مک ڪردار ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن ته عامر خان ان وقت انڪار ڪيو هو پر چاچي جي زور ڀرڻ تي فلم ۾ اداڪاره جوهي چاولا سان پهريون ڀيرو سامهون آيو، جيڪا جوهي چاولا جي به پهرئين فلم هئي، اها فلم ايتري ته مشهور ٿي جو عامر خان کي انهيءَ فلم فرش کان عرش تائين پهچائي ڇڏيو، ان کانپوءِ هن لاءِ فلمن جا دروازا کلندا ويا. ان کانپوءِ عامر خان اول نمبر، تم ميري هو، دل، ديوانا مجها سا نهين، جواني زنده آباد، افسانا پيار ڪا، دل هي ڪي مانتا نهين، جو جيتا وو هـِي سڪندر، هم هين راهي پيار ڪي، بازي، رنگيلا، اڪيلي هم اڪيلي تم، راجا هندستاني، عشق، غلام، سرفروش، من، ميلا، دل چاهتا هي، فنا ۽ تلاش سميت ٻين فلمن ۾ ڪم ڪيو. عامر خان فلم ”لگان“ ۾ ڪم ڪيو، جيڪا هالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي، عامر خان هڪ ئي وقت اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ فلمساز پڻ آهي. فلمساز طور هن 2011ع ۾ ”ڌوبي گهاٽ“ ۽ ”دهلي بيلي“ ٺاهي، جن ۾ پاڻ اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريا. عالمي سطح تي عامر خان کي جن فلمن ذريعي شهرت ۽ مڃتا ملي، انهن ۾ منگل پانڊي، رنگ دي بسنتي، تاري زمين پر، گــَجنـِي، ڌوم ٿري، پـِي ڪي، ٿري ايڊيٽس ۽ دنگل شامل آهن. عامر خان انڊين ٽي وي تي ريئلٽي شو به ڪيو، ان شو ۾ سوشل اشوز تي ڳالهائيندو هو، جيڪو ڏسندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ويو، عامر خان کي يونيسڪو پاران 2011ع ۾ ”چائلڊ نيوٽريشن“ جو ايمبيسڊر مقرر ڪيو ويو.عامر خان جي نئين ايندڙ فلم سيڪريٽ سپر اسٽار آهي جيڪا هلندڙ سال ئي رليز ٿيندي.،     (تاريخ: اڱارو 14 مارچ 2017 ٽائيم: 12:48 )


Design & Developed by Aftab Tunio