Sat Mar 25 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي * صبح جي شروعات وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي * مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون * اسلام آباد جي شڪرپڙيان گرائونڊ ۾ فوج جي گڏيل پريڊ تقريب * تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي ملڪن جا سفير به شريڪ * پريڊ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو * پاڪستان جي ڏهاڙي تي فوجي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو چين جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شريڪ * سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجن جا دستا به فوجي پريڊ تقريب ۾ شرڪت * صدر ممنون حسين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد صدر ممنون حسين فوجي پريڊ جو معائنو ڪيو * پريڊ تقريب دوران هوائي فوج جي جهازن جي ايف ٿنڊر، ۽ ايف 16 جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو * هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ايف 16 جهازن جي قيادت ڪئي * اسلام آباد: صدر ممنون حسين جو فوجي پريڊ تقريب کي خطاب * پوري قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيان ٿو؛ صدر ممنون حسين * اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا: صدر ممنون حسين * اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: صدر ممنون حسين * پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: صدر ممنون حسين * ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي:صدر ممنون حسين * ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي:صدر ممنون حسين * ڀارت لڳاتار فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهي: صدر ممنون حسين * اسان جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي: صدر * دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ردالفساد جاري رهندو، دهشتگردي جي پاڙ کي هميشه لاءِ پٽيو ويندو: صدر ممنون حسين * آپريشن ردالفساد ۾ رهيل دهشتگردن جو خاتمو آندو يندو: صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جون وڏيون قربانيون آهن:ممنون حسين * چين جي لبريشن آرمي جي دستي جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي:صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي: صدر ممنون * اڄ پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ گهڻو محفوظ آهي: صدر ممنون * خوشي آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي معيشت طور اڀري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ ترقي جا نوان در کلندا: صدر ممنون حسين * سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو: صدر ممنون حسين * ڪراچي: سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مزار قائد تي حاضري * سنڌ جي گورنر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي * پاڪستان وڏين قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي: گورنر محدم زبير * اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪرڻو پوندو: گورنر محمد زبير * متحد ۽ منظم طريقي سان پاڪستان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي:گورنر * ملڪ جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀني کيِ اڳتي وڌڻو پوندو: گورنر محمد زبير

آپريشن ردالفساد تحت اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪاررواين دوران وڌيڪ 19 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو

آپريشن ردالفساد تحت اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪاررواين دوران وڌيڪ 19 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو

آپريشن ردالفساد تحت اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪاررواين دوران وڌيڪ 19 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد جاري آهي. آپريشن تحت اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، سيالڪوٽ، اٽڪ ۽ قصور ۾ سرچ ۽ انٽيجلنس بنيادن تي ڪارروايون ڪيون ويون،جنهن دوران 19 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب سرچ ۽ جڳهي اطلاع تي ٿيل ڪاررواين ۾ پنجاب رينجرز، پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل طور تي حصو ورتو. گرفتار ٿيل 19 شڪي ماڻهن جي قبضي مان ليپ ٽاپ، پرڏيهي ڪرنسي، نفرت پکيڙيندڙ مواد ۽ پرڏيهي پاسپورٽ به برآمد ٿيا.....     (تاريخ: سومر 20 مارچ 2017 ٽائيم: 10:59 )


Design & Developed by Aftab Tunio