Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* (((اهم خبرون))) * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 10وڳي تائين ملتوي *راولپنڊي:ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جي پريس ڪانفرنس * خيبر فور آپريشن مڪمل ٿي ويو آهي:ڊي جي آءِ ايس پي آر * خيبر فور آپريشن 15جولاءِ تي شروع ڪيو ويو هو:ڊي جي آءِ ايس پي آر * خيبر ويلي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي:ميجر جنرل آصف غفور * آپريشن تمام ڏکيو هو،2سپاهي شهيد ۽ 6زخمي ٿيا:آصف غفور * راجگال ۽ شوال ۾ زميني حدف مڪمل ڪري ڇڏيا آهن: آصف غفور * آپريشن دوران 52دهشتگرد مارجي ويا ۽ 31 زخمي ٿيا *آءِ اي ڊي ٺاهڻ واري هڪ مواد تي ميڊ ان انڊيا جو ليبل لڳل آهي:ميجر جنرل آصف غفور * پنجاب ۾ ڳجهي اطلاعن تي 1728آپريشن مڪمل ڪيا ويا * آپريشن دوران 152 بارودي سرنگن کي ناڪاره بڻايو ويو:آصف غفور * آپريشن ردالفساد تحت 3300 آپريشن مڪمل ڪيا ويا:آصف غفور * دهشتگرد شيعا سني فساد ڪرائڻ چاهين ٿا:آصف غفور * ارفع ڪريم ٽاورتي حملي جو مقصد شهباز شريف کي نشانو بڻائڻ هو *پنجاب جي وڏي وزير تي حملي جو منصوبو ڪندڙ دهشتگرد گرفتار ڪيو ويو:ميجر جنرل آصف غفور * پرويز مشرف جو سياسي بيان ان جو پنهنجو نظريو آهي:آصف غفور * اڳوڻي آرمي چيف جو بچاءَ جي بابت بيان ڏيڻ ان جو تجربو آهي * آپريشن بعد 95 سيڪڙو آءِ ڊي پيز کي پنهنجي گهرن ڏانهن اماڻيو ويو * پاڪستان ۾ ڪو به دهشتگردي جو نيٽ ورڪ ناهي:آصف غفور * فوج جو ڪنهن به سياسي معاملي سان واسطو ناهي:آصف غفور * دهشتگردن جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ حڪومت جوڪم آهي * فوج رياست جي هڪ اداري طور ڪم ڪندي آهي:آصف غفور * ڊان ليڪس جي رپورٽ جو منظر عام تي آڻڻ حڪومت جو فرض آهي * ڊان ليڪس تي فيصلي جو اختيار وزيراعظم وٽ هو:آصف غفور * رپورٽ کولڻ حڪومت جو ڪم آهي فوج جو ناهي:آصف غفور * رپورٽ بابت حقيقتون ڄاڻڻ عوام جو حق آهي:آصف غفور * سيويلين ۽ فوج ۾ ڪا به ڌڙا بندي ناهي:ڊي جي آءِ ايس پي آر * پاڪستان ۾ سول ملٽري لاڳاپن جو ڪو مسئلو ناهي:آصف غفور * ڀارتي مداخلت جا سڀئي ثبوت آمريڪي وفد سان شيئر ڪيا آهن:ڊي جي آءِ ايس پي آر * اسلام آباد: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار * مان سينيٽ جي ايوان ۾ باقاعدگي سان ايندس:وزيراعظم * سينيٽ چيئرمين کي منهنجي موجودگي ضروري لڳي ته ايندس:وزيراعظم * ريڪوڊڪ معاملي تي پنهنجو نقطي نظر ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ ايندس* توهان تاريخ مقرر ڪري مون کي ٻڌائي ڇڏيو:وزيراعظم شاهد خاقان عباسي * اسلام آباد:وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ نون ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس * اجلاس ۾ نواز شريف ۽ سندس پاليسين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪئي وئي * نون ليگ جي پاليسين ملڪ کي ترقي ۽ امن جي دڳ تي هلايو * پاليسين تحت ئي ملڪ کي معاشي تباهي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏيارو: اڳواڻ * تحريڪ انصاف، نواز شريف جي نيب آڏو پيش نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي * نواز شريف پاڻ کي قانون کان مٿانهون نه سمجهي:عمران خان * شريف ڪٽنب جو دامن صاف آهي ته نيب ريفرنس کي منهن ڏئي:عمران خان * ڪراچي: صحت واري وزير سڪندر منڌرو جي ڊاڪٽر اديب رضوي سان ملاقات * ملاقات ۾ ايس آءِ يو ٽي جي هڪ شاخ سول اسپتال ۾ کولڻ جو فيصلو * ايس آءِ يو ٽي جي ٽيم هڪ هفتي ۾ فزيبلٽي رپورٽ پيش ڪندي * سمورين اسپتالن ۾ بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي: ڊاڪٽر سڪندر منڌرو * ڪراچي:متحده پاڪستان ڪرپشن خلاف اي پي سي سڏائي ورتي * ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان ،پاڪستان پيپلز پارٽي، فنڪشنل مسلم ليگ * مسلم ليگ ق، تحريڪ انصاف، ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ايس پي سي ۾ شرڪت جي دعوت * متحده وفد،پي ايس پي، پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي آفيس وڃي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون * پير پاڳاري ۽ چوڌري شجاعت کي فون ڪري اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي * ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد مهاجر قومي موومينٽ آفيس پهچي ويو * عامر خان، امين الحق ۽ فيصل سبزواري ۽ ٻيا وفد ۾ شامل * پي ٽي آءِ جي ڌرڻي دوران نواز شريف ڪجهه نه پيو ڪري سگهي:آصف علي زرداري * نواز شريف هاڻي نظرياتي ٿيڻ چاهي ٿو:آصف زرداري * نواز شريف جو نظريو سمجهه کان ٻاهر آهي:آصف علي زرداري* جمهوريت خاطر آر اوز اليڪشن قبول ڪيون:آصف زرداري * ائين ممڪن ناهي ته عدالت گهرائي ۽ اوهان پيش نه ٿيو:آصف زرداري * نواز شريف جي گهرائڻ تي مودي صاحب هليو ايندو آهي:آصف علي زرداري* نواز شريف سموري پنجاب ۾ ڪاروبار ڪرڻ چاهي ٿو:آصف علي زرداري * چوڌري نثار اشارو ڏنو ته ڊان ليڪس ۾ ان جو ڪردار ناهي * نون ليگ جو پنهنجو وزيراعظم آهي پوءِ جمهوريت کي خطرو ڪيئن آهي؟:آصف علي زرداري * ميان صاحب ووٽ جي ذريعي نه آيو پر آندو ويو* اسلام آباد: خورشيد شاهه نواز شريف کي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو * نواز شريف تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي: خورشيد شاهه * نيب پاران طلب ڪرڻ تي نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب پيش نه پيو ٿئي: خورشيد شاهه * نواز شريف جي پيش ٿيڻ تي نيب گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي: خورشيد شاهه * عدالت کي آرٽيڪل 190 لاڳو ڪرڻ جو اختيار آهي: خورشيد شاهه * جيڪڏهن آرٽيڪل 190 لاڳو ڪيو ويو ته تمام گهڻو خطرناڪ هوندو: خورشيد شاهه * ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ کي عام ڪيو وڃي: خورشيد شاهه * اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران نواز شريف ۽ ن ليگ جي صدر کي نوٽيس جاري * اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواستن تي نوٽيس جاري ڪيو ويو * ڪراچي: سنڌ بار پاران سڀاڻي عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان وڪيل برادري سان اختيار ڪيل رويو افسوسناڪ آهي: بار ڪائونسل * وڪيل سڀاڻي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪندا:بار ڪائونسل * اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي * درخواست گذار هاشم ڀٽا جي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيڻ تي درخواست خارج ڪئي وئي * اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پاناما فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي: ذريعا * نظرثاني درخواست شاهد حامد ۽ ڊاڪٽر طارق حسن داخل ڪئي: ذريعا * 28 جولاءِ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي:اسحاق ڊار جي درخواست: ذريعا * فيصلي ۾ قانوني مونجهارا آهن: درخواست ۾ موقف: ذريعا * ڪراچي: عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف ٻن رينجرز اهلڪارن کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي * دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جوابدار شير محمد پيش * ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عذير بلوچ پاڪ فوج جي حراست ۾ آهي: جاچ آفيسر * جوابدار عذير بلوچ کي سينٽرل جيل منتقل نه ڪيو ويو آهي: جاچ آفيسر * جوابدار شير محمد 2013 ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن کي قتل ڪيو هو: پوليس * حوالدار منير ۽ اعجاز جا تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيا ويا هئا: پوليس * عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪابل: افغانستان ۾ آمريڪي ۽ نيٽو فورس جي ڪمانڊر جان نڪولس جو بيان * آمريڪي صدر اڄ افغانستان ۾ جنگ بابت نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪندو:جنرل نڪولس * دشمنن کي پيغام آهي ته هو جنگ نه ٿا کٽي سگهن: جنرل نڪولس * ويڙهاڪ پنهنجي ملڪ جي بهتر مستقبل ۽ تعمير لاءِ هٿيار ڦٽا ڪن: جنرل نڪولس * دشمن وٽ صرف هڪ ئي آپشن آهي ته هو پنهنجي ماڻهن خلاف جنگ کي روڪي: جنرل نڪولس * افغانستان جنگ جي ناڪامي جو تصوير نه ٿا ڪري سگهون: جنرل نڪولس * افغان جنگ کٽڻ صرف افغانستان لاءِ نه پر پوري دنيا لاءِ انتهائي اهم آهي: جنرل نڪولس * ڪراچي: سنڌهاءِ ڪورٽ ۾سانحي بلديا فيڪٽري جي جوابدار زبير چريا جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي * سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي جاچ آفيسر کي 31 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو * جوابدار زبير چريا جي وڪيل لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو * زبير چريا کي شريڪ جوابدار عبدالرحمان عرف ڀولا جي اعترافي بيان تي گرفتار ڪيو ويو آهي: وڪيل * جوابدار زبير چريا 164 تحت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي: وڪيل * ڪراچي:صوبائي سياحت کاتي جي نگراني هيٺ اجلاس * اجلاس ۾ سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ ميمبرن جي شرڪت * اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته بورڊ جي منظوري کانسواءِ ڪيل ترقيون ۽ بدليون غيرقانوني آهن * سنڌ ٽوئرزم کاتو1994 ۾ جڙيو پر اداري کي غيرفعال رکيو ويو * اداري جي لاءِ بهتر اپاءَ وٺندي سياحن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون:ايم ڊي ايس ٽي ڊي جي بريفنگ * (((مقامي خبرون))) * ڪنڊيارو: قومي شاهراهه تي ڪار ڪلٽي، سرگوڌا واسي ملڪ نصير الدين فوت، عورت سميت 2 ٻار زخمي * ٺٽو: بگهاڙ موري جي جيالن جو نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ضلعي قيادت خلاف مظاهرو، بک هڙتال * قادرپور:ريگيوليٽر پل تي 25 ورهين جي ارشاد ڀٽو گهرو مسئلن کان بيزار ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو *روهڙي:نيشنل هاءِ وي تي ٽرالر ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر،ٽرڪ ڊرائيور فوت *نصيرآباد: شاهه گودڙيو روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر،3ڄڻا زخمي * ڳڙهي خيرو: ڳوٺ رسول آباد ۾25ورهين جو زاهد لاکو ٻڏي فوت *لکي غلام شاهه: پوليس جي ڳوٺ محمد آباد ۾ موجود هوٽلن ۽ دڪانن تي چڙهائي،12ڄڻا گرفتار،ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج * پيرونمل:کپرو واهه ۾ ٻڏي ويل هيرو ڪولهي جو لاش هٿ * شهدادپور: ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي امڪاني نجڪاري خلاف ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ شهري اتحاد جو احتجاجي مظاهرو * سوڀوديرو: شاهه لطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ بس بند ڪرڻ خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو * جوهي: ڊگري ڪاليج جي پرنسپال جي مبينا ڪرپشن خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو * فريد آباد: ڳوٺ کڏهر ويجهو ڇنڊڻ واهه ۾ نوجوان اياز چانڊيو ٻڏي فوت * مدئجي: سول جج ڳڙهي ياسين منور شر جو سرڪاري اسپتال تي ڇاپو، ٻن ڊاڪٽرن سميت 3 ڄڻا غير حاضر * اسپتال ۾ صفائي نه هجڻ تي سول جج جي ايم ايس کي ڇنڊ * جوهي: سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام عباس لنڊجي بازيابي لاءِ سياسي، سماجي ڌرين جو احتجاجي مظاهرو * جوهي: صحافي مشتاق رودناڻي ۽ حنيف رودناڻي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف صحافين، سياسي، سماجي ڌرين جو مظاهرو * تنگواڻي: گذريل ڪجهه ڏينهن کان گم ٿيل 15 ورهين جي حافظ عبدالصمد جو ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو،وارث سخت پريشان * کپرو: هٿونگو ويجهو ٻوٽار ڍنڍ مان اڻڄاتل نوجوان جو 5 ڏينهن پراڻو لاش هٿ * لکي غلام شاهه: پوليس جي ڳوٺ ناپر تي چڙهائي، 8 ڄڻا گرفتار * اسلام ڪوٽ: ستين ڪلاس جو شاگرد شاهنواز اسڪول اڳيان بس هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت * لاڙڪاڻو: ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ 13ورھين جي نينگري گھر اندر مبينا قتل * گمبٽ:ناليوارو تعليمدان استاد عزيزالله ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو * استاد عزيزالله جي جنازي نماز صبح جو 10وڳي روهڙيءَ ۾ ادا ڪئي ويندي * استاد عزيزالله ميمڻ هڪ بهترين انسان هو:گسٽا اڳواڻ نورالدين پنهور *وڳڻ: آءِ جي جيلز نصرت حسين مڱڻ جو والد حاجي انور علي مڱڻ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو *حاجي انور علي مڱڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي* جنازي نماز بعد مڙهه آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو * ((برسات)) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ برسات،موسم خوشگوار * ملير، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، گهگهر ڦاٽڪ ، شاهه لطيف ٽائون، پورٽ قاسم ۽ رزاق آباد ۾ به برسات جو وسڪارو * حيدرآباد،ڀٽ شاهه،جهڏو، نئون ڪوٽ، پنگريو، ڊگهڙي، سنجر چانگ، ٽنڊوباگو، ميرپورخاص، گلاب لغاري، سانگهڙ، ٺٽو، ٽنڊوڄام،ٽنڊو آدم،سرهاڙي،جاتي ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو وسڪارو* مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ بجلي جو نظام درهم برهم،رهواسي پريشانين ۾ مبتلا

اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ گهرو وزارت جي آفيس ۾ چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، نادرا، پي ٽي اَي، ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت جي ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته خالد لطيف ۽ محمد عرفان ايف آءِ اي آڏو پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن جڏهن ته ٻين رانديگرن جا بيان به ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ رڪارڊ ڪيا ويندا. گهرو وزير چوڌري نثار اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث سمورن رانديگرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چوڌري نثار جو چوڻ هو ته اسپاٽ فڪسنگ معاملي جي هر رخ کان شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي،ڪنهن ۾ ملوث شخص سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي ۽ پاڪستان کي بدنام ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ياد رهي ته پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ، شرجيل خان، خالد لطيف، محمد عرفان ۽ شاهه زيب حسن کي چارج شيٽ جاري ڪري چڪي آهي جڏهن ته شرجيل خان ۽ خالد لطيف پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کان انڪار چڪا آهن......     (تاريخ: سومر 20 مارچ 2017 ٽائيم: 17:00 )


Design & Developed by Aftab Tunio