Thu Apr 27 2017
تازا ترين:  
* *سرينگر: ڪپواڙا ۾ ڀارتي فوج جو سرچ آپريشن، 2 ڪشميري شهيد * سرينگر: ڀارتي فوج جي ڪيمپ تي حملو، 3 اهلڪار مارجي ويا * سرينگر: جوابي ڪارروائي ۾ 2 حملي آور مارجي ويا: ڀارتي ميڊيا * ملڪ ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف ردالفساد آپريشن جاري * خانيوال: جهانيان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي * ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا: سي ٽي ڊي * راولپنڊي: آپريشن رد الفساد تحت ڪارروايون جاري، خيبر ايجنسي ۾ فورسز جي بمباري ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي، ڪيترائي زخمي: آءِ ايس پي آر * انٽيليجنس بنياد تي بمباري ڪئي وئي: آءِ ايس پي آر * هوائي حملن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ٿيا: آءِ ايس پي آر * افغانستان جي صوبي ننگر هار مان دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش رهيا هئا: آءِ ايس پي آر * اسلام آباد: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو سلسلو جاري آهي: نفيس ذڪريا * ڪل ڀوشن ياديو جاسوس ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهي: نفيس ذڪريا * ڀارت انساني حقن جون ڀڃڪڙيون لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا کي بلاڪ ڪيو آهي: ترجمان پرڏيهي کاتو * جماعت الاحرار ڪرم ايجنسي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي: نفيس ذڪريا * عالمي برادري کي احسان الله احسان جي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: نفيس ذڪريا * اسلام آباد: پاناما اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ وارو مامرو، اسٽيٽ بئنڪ 3 نالا سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيا: ترجمان اسٽيٽ بئنڪ * ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ عدالت ۾ سولجر بازار ۾ تاريخي اسڪول کي ڊاهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي * پوليس معاملي جي شروعاتي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي، جاچ آفيسر ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪري ڇڏيو * جاچ آفيسر 5 جوابدارن کي مفرور قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن سميت 28 شاهدن جا نالا شامل آهن: رپورٽ * ڪراچي: چڪرا ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز، دڪان تي حملو، فائرنگ * ڪراچي: عاشق چانڊيو ۽ عبدالله ڪوريجو وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو * عاشق چانڊيو پاران عبدالله ڪوريجو جي دڪانن تي حملو فائرنگ * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽ ٻين خلاف نيب جاچ متعلق درخواست تي ٻڌڻي * ڊاڪٽر ظفر اقبال کي نيب لاهور مان گرفتار ڪيو آهي: پراسيڪيوٽر نيب * عدالت نيب ۽ ٻين ڌرين کان تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيڙپ جي نالي تي عوام سان ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي * بلاول ۽ علي رضا اي ايم انٽر پرائزز ۽ اين ٽي ايف فاريسٽ جي نالي سان ڪمپني کولي: نيب جو موقف * جوابدارن ڪمپني ۾ 19 ايجنٽ رکيا، جيڪي ماڻهن کان سيڙپ جي نالي تي پئسا وصول ڪندا هئا: نيب * جعلي ڪمپنين جي ذريعي ماڻهن سان 78 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪيو ويو: نيب * عدالت ڌرين کي وڌيڪ دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي * ايڌي قبرستان ۾ 84 هزار لاوارث لاش دفن آهن: پوليس * ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين وٽ لاوارث لاشن جي سڃاڻپ جو بهتر نظام ناهي: پوليس * لاوارث لاشن جي سڃاڻپ لاءِ گڏيل نظام هئڻ گهرجي: عدالت * اسلام آباد: سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 7 جوابدار گرفتار * جوابدارن جي قبضي مان 4 پسٽل ۽ 4 گاڏيون هٿ: پوليس * جوابدارن شهري کي اغوا ڪري 5 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو هو: پوليس * جوابدارن هڪ ڪروڙ وصول ڪري مغوي کي آزاد ڪيو: پوليس * جوابدار افغانستان جي سم استعمال ڪري ڊيل ڪندا هئا: پوليس * جيڪب آباد: ڳوٺ عبدالرحمان ڀنگر ۾ جوابدار سڪندر دستي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن گهر وارين کي قتل ڪري ڇڏيو: ايس ايڇ او صدر * گهوٽڪي: ڌاڙيل سلطو شر جي ڀاءُ سومر ۽ انور شر پاران يرغمال بڻايل 14 ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ 2 ڪروڙ ڀنگ طلب * ڀٽ شاهه: درگاهه تي زيارت آيل مسافر فوت، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي * جاتي: شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي پارٽين سميت قومپرست پارٽين جو احتجاج * نئون ديرو: تعليمي ماهر نبي بخش جروار ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو * منهڙو: سيپڪو شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي 10 ڏينهن کان بند ڪري ڇڏي، ڪاروبار ٺپ * ڏوڪري: بٺ شاخ جي آبادگارن جو 10 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * ٺٽو: گهر شماري جو سلسلو جاري، سامونڊي پٽي ۾ سهولتون جي کوٽ سبب عملو سخت پريشان، ٻيٽن تي ٽيمن کي پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش * هالا: نيو شيخاڻي مائينر شاخ کي ڳوٺ دائود سنگراسي وٽان 20 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪيلي ۽ وونئڻن جو فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويو * لاڙڪاڻو: سڱاوتي تڪرار تان درگاهه عظيم شاهه ويجهو جوابدارن نادر شيخ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ممبئي: ڀارتي اداڪار ونود کنا ديهانت ڪري ويو: ڀارتي ميڊيا * ڀارتي اداڪار ونود کنا 70 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪيو * ڀارتي اداڪار ڪيتري ئي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هيو * ونود کنا بالي ووڊ جي 141 فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا *

سنڌ حڪومت،هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي،سندس خدمتون واپس ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط

سنڌ حڪومت،هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي،سندس خدمتون واپس ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط

سنڌ حڪومت،هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي ۽ وفاق کي ان جون خدمتون واپس ڪرڻ لاءِ خط به لکيو آهي، جنهن ۾ نئين پوليس سربراهه لاءِ 3 نالا به تجويز ڪيا آهن. سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جـِي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت وفاق کي خط به لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته کين اَي ڊي خواجا جون وڌيڪ خدمتون گهـُربل ناهن ۽ ان جي جڳهه تي سردار عبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو يا خادم حسين ڀٽي مان ڪنهن آفيسر کي آءِ جـِي طور مقرر ڪيو وڃي. سردار عبدالمجيد دستي هن وقت اَي آءِ جي ريسرچ ڊولپمينٽ اينڊ اسپيڪشن جي عهدي تي مقرر آهي. غلام قادر ٿيٻو اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين آهي جڏهن ته خادم حسين ايڊيشنل آءِ جـِي ٽريفڪ جي عهدي تي مقرر ٿيل آهي، اطلاعن موجب نئين آءِ جـِي لاءِ غلام قادر ٿيٻو ئي مضبوط اميدوار آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ سنڌ حڪومت ۽ اَي ڊي خواجا وچ ۾ پوليس اهلڪارن جي ڀرتين جي معاملي تي سخت اختلاف پيدا ٿيا هئا جنهن تي صوبائي حڪومت کيس جبري موڪل تي اماڻي وقتي آءِ جـِي مقرر ڪري ڇڏيو هو ۽ معاملو سنڌ هاءِ ڪورت ۾ هليو ويو هو......     (تاريخ: ڇنڇر 01 اپريل 2017 ٽائيم: 14:34 )


Design & Developed by Aftab Tunio