Fri May 26 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي * عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو * اسلام آباد: هاري اتحاد پاران ڊي چوڪ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي، پوليس پاران مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال * قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه به ريلي ۾ شريڪ * غريب محنت ڪري ٿو ۽ اسان ايوانن ۾ ويهي مزا ماڻيون ٿا: خورشيد شاهه * ملڪ جي 80 سيڪڙو ماڻهن جو دارمدار زراعت تي آهي: خورشيد شاهه * هاري ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: خورشيد شاهه * پاڙيسري ملڪ هارين کي بهترين پئڪيج ڏيندا آهن: خورشيد شاهه * ڪراچي: گورنر سنڌ پاران ڊائو يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت * وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 20 شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا * ڊائو يونيورسٽي طبي تعليم جو عالمي سطح تي مڃيل ادارو آهي: محمد زبير * آءِ ٽي جي دور ۾ ليپ ٽاپ جي وڏي اهميت آهي: گورنر سنڌ * شاگردن کي صحيح رهنمائي جي ضرورت آهي: گورنر سنڌ * ڪراچي: سپلا پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، امتحاني سينٽرن کي تالا هڻي ڇڏيا * وڏي وزير نوٽيس ورتو، وڏي وزير پاران تعليم واري وزيرکي امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ جي هدايت * استاد مهذب طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪن: تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر * استاد کي ان طرح جي قدمن کڻڻ سان شاگردن ۾ غلط تاثر ويندو: ڄام مهتاب ڏهر * اسان چاهيون ٿا ته ٻارن جو مستقبل خراب نه ٿئي: تعليم وارو وزير * اسلام آباد: منشيات ٽوڙ عدالت ۾ ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس جي ٻڌڻي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي موسيٰ گيلاني عدالت ۾ پيش، 3 جوابدارن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي * ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم پاران پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت جا اختيار پٽ حوالي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي * ڪابل: ننگرهار ۾ سرچ آپريشن، داعش جا 12 دهشتگرد مارجي ويا:ذريعا * ميرپور ماٿيلو:آبادگارن جو چيف انجنيئر گڊو ۽ ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو * لاڙڪاڻو:اوڍا برادري ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 2 ٻارڙا فوت * 10ورهين جي ڪائنات ۽ بابر علي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت، فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو * سن: انڊس هاءِ وي تي ٿيندڙ روڊ حادثن خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، مسافرن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون * ڪنڊيارو: گوادر واقعي ۾ شهيد ٿيل 9 پورهيتن جي وارثن جي مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف لاکا برادريءَ جو مظاهرو * بوزدار وڏا: ڳوٺ هاشم گوپانگ وٽ ميرواهه ۾ پير ترڪڻ سبب 7 ورهين جو علي حيدر گوپانگ ٻڏي ويو، ڳولا جاري * ڀريا روڊ: چانهيو روڊ تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽئين درجي جو شاگرد زبير احمد چنه فوت * ٺٽو: هفتو اڳ عدالت مان واپس ويندڙ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل محمد خان ڀٽي اسپتال ۾ فوت، فوتين جو انگ 4 ٿي ويو * لعلو رائنڪ: بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو * مانجهي پور: ڳوٺ پنهور سنهڙي ۾ چئن ورهين جو محرم علي جت ارڙيءَ وگهي فوت * شڪارپور: آپڪا روڊس کاتي جو با اثر ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو * ٺل: پوليس جي ڪارروائي، 3 روپوش جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون هٿ * ٺل: فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو * جهرڪ: ڪار ڪلٽي، 3 ڄڻا زخمي * ميرپور ماٿيلو: ڏهرڪي ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان وارو مامرو، عبدالرزاق لاڙڪ جي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او فرار * پوليس لائين ۾ گرفتار ٿيل سيف الله ٻگهيو وجهه وٺي ڀڄي ويو * ايس ايڇ او ڪوارٽر گهاٽ ٿيل هو، جنهن کي پٽي ڀائين ڀڄايو: ذريعا * ايڊيشنل اي آءِ جي ڊاڪٽر ولي الله دل پهتو، معاملي جي جاچ شروع * ميرپور ماٿيلو: ٻنڌ مائينر کي آر ڊي 25 وٽان 40 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پهتو * قادرپور: ڀٽا گهيڙ وٽان جاڙي شاخ هڪ ڏينهن کان اوور ٽاپ وهڻ لڳي، گهاري پوڻ جو خطرو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو * راڌڻ: شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شاهي بازار جي دڪاندارن جو احتجاجي مظاهرو *

بلاول ڀٽو زرداري جو وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب کي خطاب

بلاول ڀٽو زرداري جو وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب کي خطاب

* پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت مزدور ،هاري ۽ غريب جي دشمن حڪومت آهي، حڪمرانن عوام جا حق کائي پاناما ۾ آف شور ڪمپنيون ٺاهيون آهن جڏهن ته مسئلن جي حل ۾وفاقي سرڪار ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جي ڏينهن تي پورهيتن دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽو چيو ته پ پ مزدورن جي حقن جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي جڏهن ته پيپلز پارٽي کي ڪو به پورهيتن کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري ڪو پورهيتن جي دلين مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي نظير ڀٽو کي ڪڍي سگهي ٿو بلاول ڀٽو حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته ن ليگ حڪومت پورهيت، هاري ۽ عوام جي دشمن حڪومت آهي جيڪا اورينج ٽرين منصوبو ته ٺاهي ٿي پر اسپتال قائم نه ٿي ڪري بلاول ڀٽو چيو ته نواز شريف حڪومت 2 ادارا اڃا تائين صوبن ڏانهن منتقل نه ڪيا آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت پورهيتن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ليبر ڪورٽ مان پورهيتن کي انصاف نه ملي رهيو آهي جنهن ڪري قانون ۾ ضروري ترميمون آڻڻ گهرجن پ پ چيئرمين وڏي وزير کي سوشل سيڪيورٽِي جو دائرو وڌائڻ ۽ خانگي ادارن ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ وڌيڪ جدوجهد ڪرڻ جي هدايت ڪئي تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه خطاب ڪندي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته مزدورن لاءِ پيپلز پارٽي جو ٽيون نسل جدوجهد ڪري رهيو آهي وڏي وزير چيو ته پ پ مزدورن لاءِ اسيمبلي مان 5 بل پاس ڪرايا جڏهن ته سندس پارٽي پورهيتن جي خوشحالي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو ڪير ٻيو سوچي به نه ٿو سگهي مراد علي شاهه چيو ته هو پورهيتن کي 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏئي رهيا آهن     (تاريخ: سومر 01 مئي 2017 ٽائيم: 14:24 )


Design & Developed by Aftab Tunio