Fri May 26 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي * عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو * اسلام آباد: هاري اتحاد پاران ڊي چوڪ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي، پوليس پاران مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال * قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه به ريلي ۾ شريڪ * غريب محنت ڪري ٿو ۽ اسان ايوانن ۾ ويهي مزا ماڻيون ٿا: خورشيد شاهه * ملڪ جي 80 سيڪڙو ماڻهن جو دارمدار زراعت تي آهي: خورشيد شاهه * هاري ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: خورشيد شاهه * پاڙيسري ملڪ هارين کي بهترين پئڪيج ڏيندا آهن: خورشيد شاهه * ڪراچي: گورنر سنڌ پاران ڊائو يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت * وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 20 شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا * ڊائو يونيورسٽي طبي تعليم جو عالمي سطح تي مڃيل ادارو آهي: محمد زبير * آءِ ٽي جي دور ۾ ليپ ٽاپ جي وڏي اهميت آهي: گورنر سنڌ * شاگردن کي صحيح رهنمائي جي ضرورت آهي: گورنر سنڌ * ڪراچي: سپلا پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، امتحاني سينٽرن کي تالا هڻي ڇڏيا * وڏي وزير نوٽيس ورتو، وڏي وزير پاران تعليم واري وزيرکي امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ جي هدايت * استاد مهذب طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪن: تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر * استاد کي ان طرح جي قدمن کڻڻ سان شاگردن ۾ غلط تاثر ويندو: ڄام مهتاب ڏهر * اسان چاهيون ٿا ته ٻارن جو مستقبل خراب نه ٿئي: تعليم وارو وزير * اسلام آباد: منشيات ٽوڙ عدالت ۾ ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس جي ٻڌڻي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي موسيٰ گيلاني عدالت ۾ پيش، 3 جوابدارن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي * ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم پاران پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت جا اختيار پٽ حوالي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي * ڪابل: ننگرهار ۾ سرچ آپريشن، داعش جا 12 دهشتگرد مارجي ويا:ذريعا * ميرپور ماٿيلو:آبادگارن جو چيف انجنيئر گڊو ۽ ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو * لاڙڪاڻو:اوڍا برادري ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 2 ٻارڙا فوت * 10ورهين جي ڪائنات ۽ بابر علي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت، فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو * سن: انڊس هاءِ وي تي ٿيندڙ روڊ حادثن خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، مسافرن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون * ڪنڊيارو: گوادر واقعي ۾ شهيد ٿيل 9 پورهيتن جي وارثن جي مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف لاکا برادريءَ جو مظاهرو * بوزدار وڏا: ڳوٺ هاشم گوپانگ وٽ ميرواهه ۾ پير ترڪڻ سبب 7 ورهين جو علي حيدر گوپانگ ٻڏي ويو، ڳولا جاري * ڀريا روڊ: چانهيو روڊ تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽئين درجي جو شاگرد زبير احمد چنه فوت * ٺٽو: هفتو اڳ عدالت مان واپس ويندڙ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل محمد خان ڀٽي اسپتال ۾ فوت، فوتين جو انگ 4 ٿي ويو * لعلو رائنڪ: بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو * مانجهي پور: ڳوٺ پنهور سنهڙي ۾ چئن ورهين جو محرم علي جت ارڙيءَ وگهي فوت * شڪارپور: آپڪا روڊس کاتي جو با اثر ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو * ٺل: پوليس جي ڪارروائي، 3 روپوش جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون هٿ * ٺل: فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو * جهرڪ: ڪار ڪلٽي، 3 ڄڻا زخمي * ميرپور ماٿيلو: ڏهرڪي ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان وارو مامرو، عبدالرزاق لاڙڪ جي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او فرار * پوليس لائين ۾ گرفتار ٿيل سيف الله ٻگهيو وجهه وٺي ڀڄي ويو * ايس ايڇ او ڪوارٽر گهاٽ ٿيل هو، جنهن کي پٽي ڀائين ڀڄايو: ذريعا * ايڊيشنل اي آءِ جي ڊاڪٽر ولي الله دل پهتو، معاملي جي جاچ شروع * ميرپور ماٿيلو: ٻنڌ مائينر کي آر ڊي 25 وٽان 40 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پهتو * قادرپور: ڀٽا گهيڙ وٽان جاڙي شاخ هڪ ڏينهن کان اوور ٽاپ وهڻ لڳي، گهاري پوڻ جو خطرو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو * راڌڻ: شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شاهي بازار جي دڪاندارن جو احتجاجي مظاهرو *

ميزبان  ٽيم ويسٽ انڊيز جون چوٿين ڏيهن جي پڄاڻي تي 9 وڪيٽن تي 264 رنسون، پاڪستان خلاف 183 رنسن جي برتري حاصل

ميزبان ٽيم ويسٽ انڊيز جون چوٿين ڏيهن جي پڄاڻي تي 9 وڪيٽن تي 264 رنسون، پاڪستان خلاف 183 رنسن جي برتري حاصل

برج ٽائون ٽيسٽ ۾ ياسر شاهه جو جادو هلي ويو، ويسٽ انڊيز جي 6 رانديگرن کي پويلين موٽائي ڇڏيو، ٻي اننگ ۾ ميزبان ٽيم 9 وڪيٽن تي 264 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪ-ويسٽ انڊيز سيريز جي ٻي ٽيسٽ مئچ ۾ چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي ميزبان ويسٽ پنهنجي ٻي اننگ ۾ شائي هوپ جي شاندار 90 رنسن سبب 264 رنسون ٺاهي ورتيون. ويسٽ انڊيز کي پاڪستان خلاف 183 رنسن جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي جڏهن ته وٽس هڪ وڪيٽ اڃا باقي آهي. ڪالهه راند جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز جا 9 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، نوجوان بيٽسمين شائي هوپ سڀ کان وڌيڪ 90 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته ڪريگ بريٿ ويٽ 43، ڪائرن پاول 6، شمرون هيٽمائر 22، روسٽن چيز 23، وشئول سنگهه 32، شين ڊوائچ 2، ڪپتان جيسن هولڊر 7 ۽ الزاري جوزف 7 رنسون ٺاهي سگهيو. قومي ٽيم طرفان ياسر شاهه شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 90 رنسن عيوض 6 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو، جڏهن ته محمد عباس 2 ۽ عامر هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.....     (تاريخ: خميس 04 مئي 2017 ٽائيم: 10:48 )


Design & Developed by Aftab Tunio