Mon Jan 22 2018
تازا ترين:  
* www.awaztv.tv ‏(((اهم خبرون))) ڪراچي: وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ لاءِ 22 هين گريڊ جي ٽن آفيسرن جا نالا سنڌ سرڪار کي اماڻي ڇڏيا * سردار عبدالجميد دستي، ڪيپٽن عارف نواز ۽ مهر خالد لڪ جا نالا شامل * هن وقت 22هين گريڊ جا 10 آفيسر موجود آهن، جن مان ڄاڻايل ٽئي سينيئر آهن: وفاق * ٽنهي نالن مان سنڌ سرڪار عبدالمجيد جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو * سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر سردار عبدالمجيد کي آءِ جي مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو * سردار عبدالمجيد دستي جي آءِ جي طور مقرري جا امڪان وڌي ويا *گهوٽڪي: وزيراعظم مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن ڀائرن جي قتل جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو * مٺي ۾ ٻن ڀائرن جي قتل تي ڏک ٿيو: وزيراعظم * اهڙن واقعن جي ذميوارن کي انجام تي پهچائڻ گهرجي: وزيراعظم * آءِ جي سنڌ کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي: وزيراعظم * پاڪستان هميشه اقليتن کي تحفظ ڏنو آهي: شاهد خاقان عباسي * عملي طور ثابت ڪرڻو آهي، ڀائيچاري سان رهي سگهون ٿا: وزيراعظم * منهنجي ٿرپارڪر ضلعي جي دوري ڪرڻ جو پروگرام آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي *لاهور: ماڊل ٽائون سانحي جي ڪميٽي ۾اسان جو نمائندو شامل آهي: بلاول ڀٽو زرداري * نيب مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري * اسان جو بلوچستان ۾ هڪ به ايم پي اي نه آهي: بلاول ڀٽو زرداري * سنڌ سرڪار پنهنجو ڪم بهتر ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري * ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون: بلاول ڀٽو زرداري * ميڊيا صرف ميٽرو نه پر ٻيون شيون به ڏيکاري: بلاول ڀٽو زرداري * عمران خان جي ٽئين شادي ان جو ذاتي معاملو آهي: بلاول ڀٽو زرداري * خان صاحب جي شادي جي خبر صحيح آهي ته کيس واڌايون ڏيان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري *ڪراچي: سڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه جون ميڊيا سان ڳالهيون * ملڪ جي ڪا به پرڏيهي پاليسي نه آهي: ناصر شاهه *وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ جي سياسي صورتحال خراب آهي: ناصر شاهه * بلوچستان جي سياسي حالتن جو سبب وفاقي حڪومت آهي: ناصر شاهه * پرڏيهي بئنڪن کان سرڪلر ريلوي لاءِ قرض نه وٺنداسين: ناصر شاهه * سنڌ حڪومت سرڪلر ريلوي جي لاءِ جاکوڙي رهي آهي: ناصر شاهه * اسلام آباد: مخالف ڌر اڳواڻ جون ميڊيا سان ڳالهيون * افغان جنگ اسان مٿان زبردستي مڙهي وئي: خورشيد شاهه *ڪجهه فيصلن تي سياست نه ڪئي وڃي: خورشيد شاهه *ڪوٽ مومن: هي ساٿ ڪڏهن به نه ٽٽندو،اهو فيصلو پاڪستان جي عوام کي منظور نه آهي: نواز شريف * عوام نوازشريف کي اهل ڪري ٿو ۽ اوهان کيس نااهل ڪريون ٿا: نواز شريف * پوري جذبي سان ٻڌايو ته اوهان فيصلو رد ڪريو ٿا: نوازشريف * اوهان اسپتال جو پئسو جوا ۾ لڳايو : نوازشريف * اڄ جو جلسو عوام جو ريفرنڊم آهي: نوازشريف *ڪئنيڊا کان به سازشي آيو آهي: نوازشريف * ٻين تي الزام هڻندڙ پاڻ ٻين کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن: نواز شريف *اسان ايئن جان نه ڇڏينداسين، اوهان کي جواب ڏيڻو پوندو: نوازشريف *انصاف ۾ ٻٽو معيار اسان قبول نه ڪنداسين: نوازشريف * صادق آباد: ايل ين جي منصوبو ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم * ملڪ جي تاريخ ۾ڪڏهن به 42انچ جي پائپ لائن نه وڇائي وئي: وزيراعظم * نوازشريف ۽ موجوده حڪومت ڳالهيون نه ڪم ڪنداآهن: وزيراعظم*حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران هو: وزيراعظم *نوازشريف واعدا نه ڪم ڪندڙ اڳواڻ آهي: وزيراعظم *مسلم ن خدمت جي سياست ۾ يقين رکي ٿي:وزيراعظم *حڪومت ملڻ سان ڪارخانا بند ۽ سي اين جي اسٽيشن ۾گئس نه هئي:شاهد خاقان عباسي * گئس جو مسئلو حل نه ڪيون ها ته بجلي به نه هجي ها: وزيراعظم * واڌو گئس فراهم ڪرڻ بغير ملڪ جا مسئلا حل نه ٿين ها: وزيراعظم* بحران کي منهن ڏيڻ کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي: وزيراعظم * ملڪ ۾ بجلي جو بحران حل ڪيو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي *اڄ سڀني کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي: وزيراعظم *تنقيد ڪندڙ پنهنجو هڪ به منصوبو ڏيکارين : وزيراعظم *ن ليگ حڪومت 1800 ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ڪرايا: وزيراعظم * ڪراچي: مٺي ۾ قتل ٿيل ٻن ڀائرن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج * دليب مهيشوري ۽ چندر شهر ۾ ڪاروبار ڪندا هئا، انهن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي:مهيشوري برادري * پوليس ۽ انتظاميا ٻنهي ڀائرن جي قتل خاموش تماشائي بڻيل آهن: مهيشوري برادري جون ميڊيا سان ڳالهيون * (((مقامي خبرون ))) *مٺي: موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ منيش ڪمار قتل * هٿياربندن اسلام ڪوٽ ۾ مينگهواڙ پاڙي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو * خيرپور: واپڊا اسڪارپ ڪالوني ۾ پوليس ليڪچرار سرمد راحت کان گهر خالي ڪرائي ڇڏيو*پوليس جي وڏي نفري پهچي بنا نوٽيس جي ڪارروائي ڪئي: تمنا راحت * هائوس رينٽ به ڪاٽيو ويو آهي پر پوءِ به بااثرن جي ڪري بي گهر ڪيو پيو وڃي: سرمد راحت جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه *ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو، مکڻو ڇڄڻ فوت ٿي ويو، هڪ زخمي * ٿرڙي محبت: ڳوٺ کوهاران ۾ امير علي ٽريڪٽر جي هيٺان اچي فوت * مٺي: واپاري ڀائرن جي قتل جون سي سي ٽي وي تصويرون آواز نيوز کي ملي ويون * ڦر دوران مزاحمت تي دليپ ڪمار ۽ چندر ڪمار کي قتل ڪيو ويو هو * ڇاڇرو: مختلف بيمارن وگهي ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا * فوتين ۾ هڪ ورهيه جي انمول بجير ۽ 4 مهينن جو شهزاد شامل * ڇاڇري تعلقي ۾ مختلف بيمارين وگهي فوتي ٻارن جو انگ 3 ٿي ويو *حيدآباد: ڄامشورو گرڊ اسٽيشن تي مرمتي ڪم جي ڪري 7 جنوري تي بجلي صبح جو 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بند رهندي:حيسڪو ترجمان محمد صادق ڪٻر * ميرپوربٺورو: 3 ڏينهن اڳ ڪرتب ڏيکاريندي باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل بابو شيدي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت * سکر: سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ 18 ڪلاڪن کان آڪسيجن ختم * ڪيترن ئي مريضن جون زندگيون داءَ تي لڳل ، انتظاميا اگهور ننڊ ستل * سيٺارجا: پير وسڻ ويجهو مهراڻ نيشنل هاءِ وي حادثو،ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ غلام قادر اڄڻ فوت * بدين: ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڄاڃين جي بس اونڌي، 20 ڄڻا زخمي * بس اونڌي ٿيڻ سبب عورتون، مرد ۽ ٻار زخمي ٿي پيا * قاضي احمد: قومي شاهراهه تي مسافر بس وڻ سان ٽڪرائجي وئي * حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ڄڻا زخمي * ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو * بس موٽر سائيڪل کي بچائيندي وڻ سان ٽڪرائجي وئي: مسافر * قاضي احمد: قومي شاهراهه تي بس ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، 10 ڄڻا زخمي * حادثي جي زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو * قبو سعيد خان: ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت 2 زخمي *حادثي ۾ اعجاز بروهي فوت، زخمي اعجاز ۽ روزهيب لاڙڪاڻي منتقل * ٺل: باگڙ لاڙي وٽ موٽر سائيڪل ۽ وين ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي،اسپتال منتقل * ڪنڊيارو: قومي شاهراهه تي ڪار۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت * ٺل: فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو * ڇاڇرو: تعلقي اسپتال ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙي * ((( وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽس لاءِ وزٽ ڪندا آواز ٽي وي جي ويب سائيٽ))) ‏

  پنجاب جي علائقي چڪوال ۾ سوزوڪي ۽  ٽرڪ ۾ ٽڪر ، هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي فوت ، 5 ٻارڙا زخمي

پنجاب جي علائقي چڪوال ۾ سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ، هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي فوت ، 5 ٻارڙا زخمي

پنجاب جي علائقي چڪوال ۾ سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي فوت جڏهن ته 5 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. راولپنڊي روڊ تي چڪوال کان بازيد ويندڙ تيز رفتار سوزوڪي سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار زال مڙس سميت 5 ڀاتي ٿڏي تي فوت ويا جڏهن ته 6 ٻارڙا پڻ زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي سوزوڪي کي ڪٽي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ڪڍي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پهچايو. پوليس ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.     (تاريخ: اڱارو 16 مئي 2017 ٽائيم: 12:44 )


Design & Developed by Aftab Tunio