Mon Dec 18 2017
تازا ترين:  
* * www.awaztv.tv ‏(((اهم خبرون))) *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه سان ريئر ايڊمرل اطهر مختيار جي ملاقات *ملاقات ۾ منهڙو جي علائقي ۾ ترقي ڏيارڻ بابت ڳالهيون *بابا ۽ ڀٽ ٻيٽن کي ملائڻ لاءِ پل جي تعمير شروع ڪرڻ تي اتفاق * اسلام آباد: اقتصادي سهڪاري تنظيمي اجلاس کي احسن اقبال جو خطاب *اڄ جي دنيا ۾ تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن: احسن اقبال *ڪو به ملڪ اڪيلو سيڪيورٽي ۽ ٻيا مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهي: احسن اقبال *ڪو به ملڪ اڪيلي سر اقتصادي مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهي: احسن اقبال * مواصلات،انفرااسٽرڪچر ۾ گلوبل پارٽنرشپ جي ضرورت آهي:احسن اقبال *ترقي ۽ تعاون لاءِ وسيع لاڳاپا ضروري آهن: گهرو وزير احسن اقبال *دهشتگردي ۽ انتها پسندي وڏا چئلينجز آهن: گهرو وزير احسن اقبال *امير ۽ غريب ملڪن وچ ۾ فرق ختم ڪرڻو پوندو: گهرو وزير احسن اقبال *خطي جي خوشحالي لاءِ امن جو هجڻ ضروري آهي: گهرو وزير احسن اقبال *موسمياتي تبديليون معاشي منصوبن تي اثر انداز ٿينديون آهن: احسن اقبال *بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ بڻائڻ تان تڪرار وڌيو آهي:گهرو وزير * (((عدالتي خبرون )))* اسلام آباد: نوازشريف خلاف ٽن ريفرنسز ڪيس جي ٻڌڻي *نواز شريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان ڇوٽ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيندا * سپريم ڪورٽ ۾ حديبيا پيپر ملز ڪيس بابت اپيل *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب جي التوا جي درخواست رد ڪري ڇڏي *نيب مان ڪو پيش نه ٿو ٿئي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو: جسٽس فائز عيسيٰ *ڇو نه توهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪجي: جسٽس فائز عيسيٰ *اسان جي لاءِ هر ڪيس هاءِ پرو فائل آهي ، عدالت جو مذاق نه اڏايو : جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *ڪيس ملتوي نه ٿيندو ، ٻيهر ٻڌڻي ڪنداسين: جسٽس مشير عالم *نيب پراسيڪيوٽر جو عهدو خالي آهي: نيب جو وڪيل* پراسيڪيوٽر ناهي ته پوءِ ڇو نه نيب جي چيئرمين کي گهرايو: جسٽس فائز عيسيٰ *مناسب ٿيندو ته ڪيس ۾ نيب پروسيڪيوٽر پاڻ پيش ٿئي: نيب جو وڪيل *نيب پروسيڪيوٽر جي مقرري سان اسان جو تعلق ناهي: جسٽس مشير عالم *ڪيس جي دير جو ڪو به سبب نه آهي: جسٽس مشير عالم *اسلام آباد: احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي*نيب پاران اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي استدعا *وڪيل پاران مخالفت، نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش *عدالت پاران اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ وارو فيصلو محفوظ *اسحاق ڊار جي ايم آءِ آر جو انتظار هو، سيني ۾ اڃا تڪليف اٿس: وڪيل *ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن وارو معاملو *مني لانڊرنگ الزام ۾ شريڪ جوابدار عبدالحميد خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت گواهه عبدالرشيد جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي *احتساب عدالت ۾اڳوڻي ڊائريڪٽر سائيٽ خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻي ڊائريڪٽر لبنيٰ صلاح الدين احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري خلاف ٻڌڻي *رينجرز جي وڪيل جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب *ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي مهلت نه ٿا ڏئي سگهون: عدالت *رينجرز جو وڪيل ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب داخل ڪرائي : عدالت *رينجرز ڊاڪٽر عاصم کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکيو هو :درخواست *عدالت ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي *اسلام آباد: دهشگردي ٽوڙ عدالت ۾عمران خان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي*اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي *دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران عمران خان تي ڪيسن جو فيصلو محفوظ *ڪيسن مان دهشتگردي ايڪٽ ختم ڪرائڻ لاءِ عمران خان جي وڪيل جا دليل *11 شاهدن مان ڪنهن هڪ به عمران خان خلاف بيان نه ڏنو:بابر اعواڻ *ڇا ڏنڊن ۽ غليلين سان حملو دهشتگردي آهي ؟: بابر اعواڻ *پوليس موجب ڏنڊن ۽ غليلين سان حملو ڪيو ويو : بابر اعواڻ *گولي هلي ۽ نه ئي اهڙي شيءِ هٿ آئي : بابر اعواڻ *مطالبن جي لاءِ احتجاج ڪرڻ دهشتگردي آهي ؟: بابر اعواڻ *عمران خان چئني ڪيسن ۾ مک جوابدار آهي: چوڌري شفقات *چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو : چوڌري شفقات *رياستي ادارن ۽ آفيسرن تي حملا ڪيا ويا: چوڌري شفقات *حڪومتي ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: عمران خان *ماڊل ٽائون ۾ هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلايون ويون: عمران خان *ڪرپشن خلاف جنگ ۾ آصف زردري جو ساٿ نه ٿو ڏئي سگهان: عمران خان *آصف زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد نه ٿو سگهي: عمران خان *منهنجي مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا: عمران خان *ملڪيت بابت پنهنجي پور ي مني ٽريل ڏني: عمران خان *ڪهڙي طرح پوئتي هٽان ،ڪيس داخل ڪري ڌمڪايو پيو وڃي: عمران خان *چيو ويو ته مان ڪرپٽ ۽ شريفن جي جان ڇڏيان : عمران خان *ماڊل ٽائون سانحي ۾ پوليس حڪمرانن جي ڪمداري ڪئي: عمران خان* اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ حديبيا پيپرز ڪيس کولڻ بابت ٻڌڻي *حديبيا پيپرز ڪيس کولڻ بابت نيب درخواست داخل ڪئي *جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي *اوهان جيڪو حڪم ڪيو ، اهو پورو ڪيو آهي: نيب جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر *جن تاريخن جو پڇيو ويو اهو دستاويزن ۾ ٻڌايو آهي: نيب *ٺاهه تحت نواز شريف پرڏيهه ويو: نيب جو وڪيل عمران الحق *نواز شريف پاڻ پرڏيهه ويو ؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *نواز شريف اٽڪ جيل اختيارين حوالي هو: نيب جو وڪيل *ڇا اٽڪ جيل ۾ ڪيس هلايو ويو ؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *هي اٽڪ ڪورٽ ڪهڙي شيءِ آهي ؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *قانون ثبوت گهرندو آهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *اوهان جو موقف اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *اسان ڪيس جي مڪمل تصوير ڏسڻ چاهيون ٿا: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز تي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي *دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي ڪيسن بابت ٻڌڻي *عمران خان جي دهشتگردي وارا قلم ختم ڪرڻ واري درخواست رد *اَي ٽي سي جي جج شاهه رخ ارجمند فيصلو پڙهي ٻڌايو *عمران خان جي ضمانت ۾ 19 ڊسمبر تائين واڌ *عدالت ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي * (((مقامي خبرون))) * مٺياڻي: ڳوٺ سانوڻ چانڊيو ۾ بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب فاروق چانڊيو فوت * غوثپور: انڙ واهه وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر،4ڄڻا زخمي ڪراچي: ڪمند جي اعلانيل اگهه 182 رپين تي عمل نه ٿيڻ وارو معاملو *سارڪ ۽ آبادگارن پاران اڄ بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو * 182 رپيا ڪمند جي اگهه واري فيصلي تي عمل نه پيو ٿئي : علي پلهه * اڪثر شگرملون 130 رپيا ڪمند جو اگهه في مڻ ڏين ٿيون : علي پلهه *ڪراچي: ملير ڪينٽ ويجهو هڪ ڄڻي جو تشدد ٿيل لاش هٿ *گهوٽڪي: باءِ پاس وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، فرمان علي فوت * خانواھڻ: ھلڪي ھلڪي برسات جو وسڪارو، ٿڌ ۾ واڌ * نصيرآباد: قومي شاھراھھ تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ٽڪر، 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي، نصيرآباد ۽ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل * ڪراچي: ريجنٽ پلازا ويجھو ٽينڪر جو موٽرسائيڪل ۽ ڪار کي ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل * شاھپورجھانيان: قومي شاھراھھ تي تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي، 50 کان وڌيڪ مسافر زخمي، اسپتال منتقل * مسافر ڪوچ ڪراچي کان ملتان وڃي رھي ھئي تھ حادثو پيش آيو: ريسڪيو ذريعا * سڪرنڊ: سنڌ سرڪار پاران ڪمند جو اگهه 182 رپيا نه ڏيڻ خلاف آبادگارن ۽ سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس * اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 16 ڊسمبر تي قاضي احمد ۾ ڌرڻو ۽ احتجاج ڪيو ويندو *ميهڙ: تعلقا اسپتال جي ايم ايس سميت 27 ڊاڪٽرن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ٿيڻ ۽ گرفتارين خلاف ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران ڪم ڇڏهڙتال *شڪارپور: ڳوٺ دودو ڏيٿو جي رهواسين جو ڳڙهي ياسين جي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو *ميهڙ: جماعت اهلسنت پاران احتجاجي مظاهرو *گلاب لغاري: ويجهو 14 ورهين جو نينگر ڏاند گاڏي تان ڪِري چڪري هيٺان اچي فوت *دادو: ميهڙ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف او پي ڊي جو بائڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو *نصيرآباد: مقتول عبدالغفار مسڻ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو * ٺل: گلشير لاڙي وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي ڊرائيور گرفتاري * ((( وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽس لاءِ وزٽ ڪندا آواز نيوز جي ويب سائيٽ)))‏

ڪراچي ۾ پيرپاڳاري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي مخالف الائنس جي گڏجاڻي

ڪراچي ۾ پيرپاڳاري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي مخالف الائنس جي گڏجاڻي

ڪراچي ۾ پيرپاڳاري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي مخالف الائنس جي گڏجاڻي، سنڌ حڪومت جي بيڊگورننس خلاف عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو فيصلو. پير پاڳاري جي گهر تي ٿيل اجلاس ۾ غوث علي شاهه، صدالدين شاهه راشدي، ارباب غلام رحيم، ڊاڪٽر ذالفقار مرزا اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت جي بيڊ گورننس بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي ۽ سنڌ حڪومت خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪيو ويندو. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳلاهائيندي پيرپاڳاري چيو ته سنڌ جي عوام پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿاري. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پ پ جي رحم ۽ ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بات جلد وائيٽ پيپر جاري ڪري عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.     (تاريخ: جمعو 19 مئي 2017 ٽائيم: 23:37 )


Design & Developed by Aftab Tunio