Mon Nov 20 2017
تازا ترين:  
* *نوشهره: نواز شريف بعد هاڻي شهباز شريف جو وارو آهي: پرويز خٽڪ * ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چئني صوبن ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي: پرويز خٽڪ * جنهن ملڪ ۾ زرداري صدر ۽ وزيراعظم نوازشريف هجي ، ان قوم جو خدا حافظ آهي: پرويز خٽڪ * ملڪ ۾ ايماندار قيادت ئي تبديلي آڻي سگهي ٿي: پرويز خٽڪ * ڪي پي جي وڏي وزير جون ميڊيا سان ڳالهيون * ملتان: جمهوريت ۾ خاميون آهن پر اها آمريت کان بهتر آهي: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو: مخدوم جاويد هاشمي * ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي گڏ ڪري مشرف کي سربراهه ڪيو ويندو: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان سان مفاد پرست گڏ آهن: مخدوم جاويد هاشمي * منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به جهيڙو ناهي: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان کي سياست جي س جي به خبر ناهي: مخدوم جاويد هاشمي* جمهوريت کان سواءِ ملڪ نه ٿو هلي سگهي: مخدوم جاويد هاشمي* عام چونڊن کان اڳ نون ليگ کي رڳڙو ڏنو پيو وڃي: مخدوم جاويد هاشمي * نواز شريف کان جان ڇڏائڻ بحران جو حل ناهي:مخدوم جاويد هاشمي * سول حڪومت هميشه ملڪ جي ترقي ڪئي آهي: مخدوم جاويد هاشمي * 18سال اڳ چيو هو ته چين پاڪستان سان گڏ بيهندو: مخدوم جاويد هاشمي * ڀارت به خوار ٿي ڪجهه سالن کان پوءِ پاڪستان سان گڏ بيهندو: مخدوم جاويد هاشمي * ڪراچي: ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾کِل جهڙي سياست ٿي رهي آهي * بلاول ڀٽو زرداري * اسان جو شهر ڪراچي اهڙي سياست کان بهتر سياست جو حق رکي ٿو:بلاول ڀٽو *لاهور: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد کان لاهور پهچي ويو *وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف وچ ۾ راءِ ونڊ ۾ ملاقات *ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون *ملاقات ۾نئين آئيني ترميم،پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي *ڪلهه به جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي۽اڄ به چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو *ڪو به غير جمهوري قدم قبول نه ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو *ڪوئٽا: اسمنگلي روڊ تي سرچ آپريشن 2 جوابدار گرفتار: پوليس * گرفتار جوابدارن وٽان ايس ايم جي ۽ بارودي مواد هٿ: پوليس * تونسا: نواز شريف هليو ويو، واپس نه ايندو، هاڻي شهباز شريف جو وارو آهي: پي ٽي آءِ سربراهه * ملڪ ۾ في الحال ڪا حڪومت ناهي، وزير اربين رپين جي چور کي پروٽوڪول ڏئي رهيا آهن: عمران خان * وزيراعظم قوم جي چور کي پنهنجو وزيراعظم چوي ٿو، ثابت ٿي ويو ته شاهد خاقان عباسي به شريف جيان ڪرپٽ آهي:عمران خان * ڪراچي: سنڌ سرڪار ميڊيڪل داخلا لاءِ ورتل اين ٽي ايس ٽيسٽ رد ڪري ڇڏي: نوٽيفڪيشن جاري * خيرپور: اليڪشن ٿي ته وقت کان اڳ ٿيندي يا نه ٿيندي: منظور وساڻ * ايندڙ ٻه هفتا سياست لاءِ اهم آهن: منظور وساڻ * پهريان چيو هيم ته فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو آهن: منظور وساڻ * متحده پاڪستان ،لنڊن ۽ پي ايس پي هڪ ئي نشان تي چونڊ وڙهنديون: منظور وساڻ *عمران خان جلسن ۾ عوام ڏسي خوش نه ٿئي: منظور وساڻ * جلسا ڪرڻ ۽ چونڊ وڙهڻ ۾ فرق آهي: منظور وساڻ * نواز شريف جون مشڪلاتون وڌنديون پيون وڃن: منظور وساڻ * فاروق ستار جو مستقبل خراب نظر اچي رهيو آهي: منظور وساڻ * (((مقامي خبرون))) خانپور: ڳوٺ درگاهي لوهر ۾ گهر ٻاهران راند کيڏندي 7ورهين جو ابراهيم لوهر پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت * شهدادپور: ڳوٺ ٻڍو چانڊيو ۾ معمولي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽين ۾ جهيڙو، 3ڄڻا زخمي *ٺل: مغوي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو *خانپور: ڳوٺ نورمحمد شجرا ۾ سارين جي ديري کي باهه، هڪ سئو مڻ ساريون سڙي ويون *ڏوڪري: گم ڪيل شاهد جوڻيجو جي وارثن جو آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو * ڊگهڙي: شگر ملون نه هلائڻ، ڪمند جو اگهه نه ملڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مظاهرو *شهدادپور: ڳوٺ ٻڍو چانڊيو ۾ معمولي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب علي بخش، رمضان، صدام حسين ۽ محمد ايوب چانڊيو زخمي * غوثپور: ڪچي واري علائقي مان 2 ڄڻا مبينا طور اغوا *استاد اسحاق ۽ هوت نصيراڻي کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا * تنگواڻي: جمال واري علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائي ، 3گهر ڊاهي پٽ ، 6شڪي گرفتار * نيوسعيدآباد: ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻومارجي ويو *نورڪيٽي ۾ گوليون لڳڻ سبب دلدار ماڇي مارجي ويو* ٺل: اڻڄاتل ھٿياربندن پاران ٻن ڀائرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش * باگڙ لاڙي ويجھو مزاحمت تي اڪبر ۽ مظفر سومرو زخمي، ھٿياربند فرار * ميرپوماٿيلو: ڳوٺ لال پتافي ۾ 22 ورھين جي ھيرا مبينا طور گھرواڻبڻت تان زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي * ڪراچي: فريئر پوليس ٻن گھربل جوابدارن جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون * پوليس پاران ٻنھي جوابدارن جي ڳولا جاري * جوابدار ڪلفٽن، فريئر ۽ صدر جي علائقن ۾شھرين کان ڦر لٽ ڪندا آھن: پوليس ****

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي،

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي،

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي، صحت واري سيڪريٽري دانهيندي چيو ته کيس پٽيوالي کي بدلي ڪرڻ جي به اجازت نه آهي حڪمن تي عمل ڪيئن ڪرائي؟ کيس ون ۽ ٽو وارا اختيار ڏنا وڃن پوءِ ڏسو ته ڪم ڪيئن ٿو ٿئي. صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت جوڙيل واٽر ڪميشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. درخواستگذار شهاب اوستو ڪميشن آڏو پيش نه ٿي سگهيو جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل، صحت وارو صوبائي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو ۽ ٻيا عملدار ڪميشن آڏو پيش ٿيا. ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته شهر جي ڪنهن به علائقي ۾ صاف پاڻي نه ملي رهيو آهي، ڇا سندن حڪمن تي عمل نه ڪندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جو مسئلو ايندڙ ٻڌڻي تائين حل ڪيو ويندو، چيف سيڪريٽري ٽي پي ون ۽ ٽي پي ٽو جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪي پي ٽي جو وڪيل چيو ته ممتاز شاهه وٽ ڪي پي ٽي چيئرمين جي ايڊيشنل چارج آهي، جنهن تي ڪميشن سوال ڪيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪڏهن فعال ٿيندا. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽو مان 50 هازر ماڻهن کي اٿارڻو پوندو. ڪميشن چيو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڇو نه ٿو ٿئي. ايدووڪيٽ جنرل چيو ته ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي لائينن جو مسئلو آهي. ڪميشن چيو ته پيئڻ جي پاڻي ۾ گندگي شامل ٿي رهي آهي، گذريل ڏينهن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي. ڪميشن جو چوڻ هو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ون ۽ ٽو ڪڏهن فعال ٿيندا. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پلانٽن جي مشنيري ٻاهران گهرائي وئي وئي. واٽر ڪميشن چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ پاڻي جي صورتحال خراب آهي، لوڪل ڪائونسل ڇا ڪري رهي آهي، اسپتالن ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي چئون. : ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته اوهان اسڪيم ته ٺاهيو ٿا، ان اسڪيم تي 4 کان 5 سال لڳي وڃن ٿا. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ننڍي اسڪيم آهي، ٻن سالن کان وڌيڪ وقت نه لڳندو، ڪي فور ۽ اسڪيم 3 ۾ وقت لڳندو. جنهن تي ڪميشن سمورن منصوبن تي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صحت واري سيڪريٽري پاران ڪميشن آڏو بي اختيار هجڻ جون دانهون ڪيون، فضل الله پيچوهي چيو ته هو رول آف بزنس تحت صرف سفارش ڪري سگهي ٿو، ڪارروائي جو اختيار ناهي، حڪمن تي ڪيئن عمل ڪرائي. سندس چوڻ هو ته سيڪريٽري چوڪيدار کي نٿو ڪڍي سگهي کيس ون ٽو ون پاور ڏنا وڃن پوءِ ڏسو ته ڪم ڪيئن ٿا ٿين. فضل الله پيچوهي چيو ته نتيجو اهو ئي رهندو آهي جيڪو هتي ٻڌايو ويندو آهي، هتان وڃڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي، مسئلو اتي جو اتي هوندو آهي. ڪميشن صحت واري سيڪريٽري، درخواستگذار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو     (تاريخ: ڇنڇر 15 جولاءِ 2017 ٽائيم: 14:38 )


Design & Developed by Aftab Tunio