Mon Oct 23 2017
تازا ترين:  
* ‏ *سکر: مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جو تقريب کي خطاب * غلط پاليسين سبب پاڪستان ٽٽي ويو: خورشيد شاهه *اڄ ماڻهو بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن: خورشيد شاهه * اڄ نعرو لڳي رهيو آهي ته نئو پاڪستان ٺاهينداسين * نئون پاڪستان ته ذوالفقار علي ڀٽي ٺاهي ڏنو: مخالف ڌر اڳواڻ * بلاول ڀٽو اسان جي اميد آهي ۽ هو ناني جي سياست اڳتي وڌائيندو: خورشيد شاهه * حڪمران قرض وٺي پاڪستان کي تباهه ڪري رهيا آهن: خورشيد شاهه * غلط پاليسين سان هاري تباهه ۽ فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن: خورشيد شاهه *هڪ آمر اسان کان ڀٽي جهڙو اڳواڻ کسيو، پ پ عوام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون: خورشيد شاهه * مشرف دور ۾ 2 کربن واري آئل رفائنري 17 اربن ۾ وڪرو ڪئي وئي * حڪمران امير ٿيندا پيا وڃن ۽ عوام غريب: خورشيد شاهه *ڀارت اڄ مسلمان ملڪن کي اسان خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي: خورشيد شاهه جو تقريب کي خطاب * ڪراچي: پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو پشاور روانو *بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندو *موهن جو دڙو: ڳوٺ خيرمحمد جهتيال ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22ورهين جي صائما جهتيال فوت *ٺٽو: گهرو اڻبڻت تان ڏير هٿان ڀاڄائي قتل * ساڏورو ۾ جوابدار رحيم بخش بروهي فائرنگ ڪري حاجاڻي کي قتل ڪيو *ڇاڇرو: ڳوٺ صالو ڀيل ۾ باهه لڳڻ سبب 20گهر سڙي ويا *ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ ۾مصروف * ‏نيوسعيد آباد: اداڪار شهباز دراني جي جنازي نماز اسٽيشن گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي * جنازي نماز ۾ صوبائي وزير جميل الزمان سيمت علائقي جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت * ڪراچي: سنڌ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ * اين اي ڊي يونيوسٽي ۾ ٽيسٽ سبب رش، يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ متاثر * سنڌ ۾ميڊيڪل يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ *ڪراچي ۾ ڊائو ، سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽيز لاءِ ٽيسٽ ورتي پئي وڃي *هڪ هزار پنجاهه سيٽن لاءِ يارنهن هزار اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن *اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ سبب رش ، حفاظتي انتظام سخت *چانڊڪا ميڊيڪل ۽ آصفه ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ *ٻه سئو پنجاهه سيٽن لاءِ 4700 اميدوار پي ٽي ايس ۾ ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن *نواب شاهه پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي پئي وڃي *ٻه سئو پنجاهه سيٽن لاءِ 1100 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن : وائس چانسلر *حفاظتي انتظامن لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي آهي: پروفيسر اعظم يوسفاڻي *نتيجا اڄ شام ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا : پروفيسر اعظم يوسفاڻي *سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ *پبلڪ اسڪول ۾ 3200 اميدوار داخلا لاءِ حصو وٺي رهيا آهن *حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا لاءِ ٽيسٽ * 7000اميدوار پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن : ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا *25آڪٽوبر تي نتيجو پڌرو ڪيو ويندو : ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا *ڪراچي: رينجرز ۽ سي ٽي ڊي گذريل رات رئيس ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي: ترجمان رينجرز *ڪارروائي انصارالشريعه جي دهشتگردن جي موجودگي تي ڪئي وئي:ترجمان رينجرز *دهشتگردن جي ٽيڪنيڪل ۽ڳجهي معلومات جي جاچ ٿي رهي هئي:ترجمان رينجرز *آپريشن دوران رينجرز ۽ دهشتگردن ۾ شديد فائرنگ ٿي : ترجمان رينجرز *فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا:ترجمان رينجرز *زخمي دهشتگرد اسپتال منتقل ڪندي فوت ٿي ويا : ترجمان رينجرز *مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي : ترجمان رينجرز *شهريارعرف عبدالله هاشمي انصارالشريعه جو اميرهو:ترجمان رينجرز *عبدالله هاشمي ڪراچي ۾دهشتگرد حملن جو ماسٽر مائينڊ هو:ترجمان رينجرز *مارجي ويل ٻئي دهشتگرد جي سڃاڻپ ارسلان بيگ طور ٿي آهي: ترجمان رينجرز *ارسلان بيگ ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم جو حصو هو : ترجمان رينجرز *مارجي ويل باقي دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي: ترجمان رينجرز *ڪراچي: ٻن مهينن ۾ جي آءِ ٽي جوڙي سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي: لياقت بلوچ *احتساب هڪ خاندان تائين محدود نه ٿيڻ گهرجي : لياقت بلوچ *ڪرپٽ ماڻهو جو احتساب ٿيڻ گهرجي : لياقت بلوچ *سپريم ڪورٽ جون ذميواريون وڌي ويون آهن : لياقت بلوچ *پاڪستان ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ هدف آهي: لياقت بلوچ *ختم نبوت شق تي راڻا ثناءَ الله جو بيان مذمت جوڳو آهي: لياقت بلوچ *شهباز شريف کي گهرجي ته هو راڻا ثناءَ الله کي هٽائي : لياقت بلوچ ‏‎*‎‏ ڪوئيٽا: ڪوهلو بارودي سرنگهه‎ ‎‏ جو ڌماڪو *ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي * ڪڪڙ : ڳوٺ گل محمد چانڊيو ۾ ڪالهه قتل ٿيل حاڪم زادي جو ڪيس داخل * ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي تي سندس ڀاءُ مور علي بڪيرو جي فرياد تي مقتولا عورت جي مڙس نثار احمد چانڊيو ۽ سندس سئوٽ ديدار علي چانڊيو سميت چئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو* پوليس مقتولا عورت جي مڙس نثار احمد چانڊيو ۽ ديدار چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو * * سيوهڻ: پي ٽي آئي اڄ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي * جلسي جا سمورا انتظام مڪمل *ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري * جلسي کي عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا * ھالا: ڳوٺ صالح منڱريو ويجھو تارا مائينر کي 20 فوٽ گھارو * سوين ايڪڙ فصل پاڻي ھيٺ، آبپاشي عملو نھ پھتو * روهڙي: قومي شاهراهه تي گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت * ميرپور ماٿيلو: ڳوٺ رامڻ لنڊ ۾ پراسرار نموني ناري قتل *تنگواڻي: جماعت اسلامي پاران سارين جا اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *نصيرآباد: پ پ شهيد ڀٽو پاران سارين جو اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * باڊهه: واپارين ۽ شهرين جو ڀتا خوري خلاف احتجاجي مظاهرو*فيض گنج: پندريو واهه کي آر ڊي 17وٽان 20فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *مقصودو رند: گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پنج ورهين جي دعا خاصخيلي فوت،وارثن جو شهدادپور روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *ٿرري محبت: 8مهينا اڳ ڪوٽڙي مان اغوا ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور فاروق لغاري جو لاش بريد واري اسٽاپ وٽان هٿ * مدئجي: ڳاهيجا پوليس جي مبينا زيادتين خلاف علائقي واسين جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *وارهه : پ پ شهيد ڀٽو پارن سارين جا اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *نواب شاهه: دوڙ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت *فوتين ۾ عبدالله چانڊيو، فيصل رند ۽ عرفان رند شامل * (((پرڏيهي خبرون)))) * واشنگٽن: ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو * سوشل ميڊيا جي استعمال بغير صدارت کٽي نه سگهان ها: ٽرمپ * سوشل ميڊيا تي پيغام ائين ئي آهي ڄڻ ٽائيپ رائيٽر تي لکڻ: ٽرمپ * سوشل ميڊيا تي پيغام سڌو سنئون دنيا تائين پهچي ٿو: ڊونالڊ ٽرمپ * ڪير منهنجي باري ۾ لکندو آهي ته فوري جواب ڏيندو آهيان: ٽرمپ * سوشل ميڊيا پيغام رسائي جو بهترين پليٽ فارم آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * سڌي سنئين پيغام سان غير شفاف ميڊيا ڪوريج کان بچي سگهجي ٿو: آمريڪي صدر *

عدالتن سان ٽڪراءُ پارٽي ۽ نواز شريف لاءِ ٺيڪ ناهي:اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري نثار

عدالتن سان ٽڪراءُ پارٽي ۽ نواز شريف لاءِ ٺيڪ ناهي:اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري نثار

اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته جمهوري ملڪن ۾ فيصلا عدالتن ۾ ئي ٿيندا آهن، نواز شريف ۽ شريف ڪٽنب بابت ڪيسن جو فيصلو عدالتن ۾ ئي ٿيڻو آهي ٽيڪسلا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته عدالتن سان ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ ٺيڪ ناهي، جيڪڏهن هڪ عدالت مان انصاف نه ملي ته ٻي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت جمهوريت به آهي ۽ قانون جي حڪمراني به آهي سندس چوڻ هو ته عدالتن تي تنقيد ڪرڻ نه پارٽي ۽ نه وري قيادت جي مفاد ۾ آهي،ن ليگ کي عدالتن ۾ پنهنجا ڪيس ڀرپور نموني وڙهڻ گهرجن چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته شيخ رشيد کي قرض نه ڏيڻو آهي جو سندس خواهش تي سياست هـُو ڪري سندس چوڻ هو ته ڪوبه ڪيس جاچ کان اڳ داخل ڪرڻ مناسب ناهي،جڏهن ته پاڪستان ۾ آپريشن لاءِ پنهنجي فوج ئي ڪافي آهي، جيڪڏهن گڏيل آپريشن جي تجويز آهي ته ٻطرفو آپريشن ٿيڻ گهرجي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته آءِ بي جي نالي سان جاري ڪيل خط سندس تحقيق موجب جعلي آهي چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهي آهي ۽ نه وري ڪا ڌڙا بندي آهي     (تاريخ: خميس 12 آڪٽومبر 2017 ٽائيم: 19:23 )


Design & Developed by Aftab Tunio