Mon Nov 20 2017
تازا ترين:  
* *نوشهره: نواز شريف بعد هاڻي شهباز شريف جو وارو آهي: پرويز خٽڪ * ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چئني صوبن ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي: پرويز خٽڪ * جنهن ملڪ ۾ زرداري صدر ۽ وزيراعظم نوازشريف هجي ، ان قوم جو خدا حافظ آهي: پرويز خٽڪ * ملڪ ۾ ايماندار قيادت ئي تبديلي آڻي سگهي ٿي: پرويز خٽڪ * ڪي پي جي وڏي وزير جون ميڊيا سان ڳالهيون * ملتان: جمهوريت ۾ خاميون آهن پر اها آمريت کان بهتر آهي: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو: مخدوم جاويد هاشمي * ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي گڏ ڪري مشرف کي سربراهه ڪيو ويندو: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان سان مفاد پرست گڏ آهن: مخدوم جاويد هاشمي * منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به جهيڙو ناهي: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان کي سياست جي س جي به خبر ناهي: مخدوم جاويد هاشمي* جمهوريت کان سواءِ ملڪ نه ٿو هلي سگهي: مخدوم جاويد هاشمي* عام چونڊن کان اڳ نون ليگ کي رڳڙو ڏنو پيو وڃي: مخدوم جاويد هاشمي * نواز شريف کان جان ڇڏائڻ بحران جو حل ناهي:مخدوم جاويد هاشمي * سول حڪومت هميشه ملڪ جي ترقي ڪئي آهي: مخدوم جاويد هاشمي * 18سال اڳ چيو هو ته چين پاڪستان سان گڏ بيهندو: مخدوم جاويد هاشمي * ڀارت به خوار ٿي ڪجهه سالن کان پوءِ پاڪستان سان گڏ بيهندو: مخدوم جاويد هاشمي * ڪراچي: ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾کِل جهڙي سياست ٿي رهي آهي * بلاول ڀٽو زرداري * اسان جو شهر ڪراچي اهڙي سياست کان بهتر سياست جو حق رکي ٿو:بلاول ڀٽو *لاهور: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد کان لاهور پهچي ويو *وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف وچ ۾ راءِ ونڊ ۾ ملاقات *ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون *ملاقات ۾نئين آئيني ترميم،پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي *ڪلهه به جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي۽اڄ به چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو *ڪو به غير جمهوري قدم قبول نه ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو *ڪوئٽا: اسمنگلي روڊ تي سرچ آپريشن 2 جوابدار گرفتار: پوليس * گرفتار جوابدارن وٽان ايس ايم جي ۽ بارودي مواد هٿ: پوليس * تونسا: نواز شريف هليو ويو، واپس نه ايندو، هاڻي شهباز شريف جو وارو آهي: پي ٽي آءِ سربراهه * ملڪ ۾ في الحال ڪا حڪومت ناهي، وزير اربين رپين جي چور کي پروٽوڪول ڏئي رهيا آهن: عمران خان * وزيراعظم قوم جي چور کي پنهنجو وزيراعظم چوي ٿو، ثابت ٿي ويو ته شاهد خاقان عباسي به شريف جيان ڪرپٽ آهي:عمران خان * ڪراچي: سنڌ سرڪار ميڊيڪل داخلا لاءِ ورتل اين ٽي ايس ٽيسٽ رد ڪري ڇڏي: نوٽيفڪيشن جاري * خيرپور: اليڪشن ٿي ته وقت کان اڳ ٿيندي يا نه ٿيندي: منظور وساڻ * ايندڙ ٻه هفتا سياست لاءِ اهم آهن: منظور وساڻ * پهريان چيو هيم ته فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو آهن: منظور وساڻ * متحده پاڪستان ،لنڊن ۽ پي ايس پي هڪ ئي نشان تي چونڊ وڙهنديون: منظور وساڻ *عمران خان جلسن ۾ عوام ڏسي خوش نه ٿئي: منظور وساڻ * جلسا ڪرڻ ۽ چونڊ وڙهڻ ۾ فرق آهي: منظور وساڻ * نواز شريف جون مشڪلاتون وڌنديون پيون وڃن: منظور وساڻ * فاروق ستار جو مستقبل خراب نظر اچي رهيو آهي: منظور وساڻ * (((مقامي خبرون))) خانپور: ڳوٺ درگاهي لوهر ۾ گهر ٻاهران راند کيڏندي 7ورهين جو ابراهيم لوهر پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت * شهدادپور: ڳوٺ ٻڍو چانڊيو ۾ معمولي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽين ۾ جهيڙو، 3ڄڻا زخمي *ٺل: مغوي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو *خانپور: ڳوٺ نورمحمد شجرا ۾ سارين جي ديري کي باهه، هڪ سئو مڻ ساريون سڙي ويون *ڏوڪري: گم ڪيل شاهد جوڻيجو جي وارثن جو آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو * ڊگهڙي: شگر ملون نه هلائڻ، ڪمند جو اگهه نه ملڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مظاهرو *شهدادپور: ڳوٺ ٻڍو چانڊيو ۾ معمولي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب علي بخش، رمضان، صدام حسين ۽ محمد ايوب چانڊيو زخمي * غوثپور: ڪچي واري علائقي مان 2 ڄڻا مبينا طور اغوا *استاد اسحاق ۽ هوت نصيراڻي کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا * تنگواڻي: جمال واري علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائي ، 3گهر ڊاهي پٽ ، 6شڪي گرفتار * نيوسعيدآباد: ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻومارجي ويو *نورڪيٽي ۾ گوليون لڳڻ سبب دلدار ماڇي مارجي ويو* ٺل: اڻڄاتل ھٿياربندن پاران ٻن ڀائرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش * باگڙ لاڙي ويجھو مزاحمت تي اڪبر ۽ مظفر سومرو زخمي، ھٿياربند فرار * ميرپوماٿيلو: ڳوٺ لال پتافي ۾ 22 ورھين جي ھيرا مبينا طور گھرواڻبڻت تان زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي * ڪراچي: فريئر پوليس ٻن گھربل جوابدارن جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون * پوليس پاران ٻنھي جوابدارن جي ڳولا جاري * جوابدار ڪلفٽن، فريئر ۽ صدر جي علائقن ۾شھرين کان ڦر لٽ ڪندا آھن: پوليس ****

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر آبادگارن جي مسئلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪيو

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر آبادگارن جي مسئلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج ڪيو

* سنڌ اسمبلي اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ٿي ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن آبادگارن جي مسئلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاج ڪيو، جڏهن ته ف ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، نصرت سحر عباسي کي پٽ چيو جنهن تي هن جواب ڏنو ته امي جان منهنجي مائيڪل کولرايو، اسپيڪر جو ڪم اهو ناهي ته هو تنقيد ڪري. شهلا رضا ۽ نصرت سحر عباسي جي ريمارڪس تي ايوان ۾ ٽڪهڙا پئجي ويا. ان موقعي تي هير سهو چيو ته ايوان جي تقدس جو خيال رکيو وڃي. مخالف ڌر جي ميمبرن آبادگارن جي مسئلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪمن جي تيار فصل خراب ٿي رهيو آهي، شگر ملز ۾ ڪريشنگ شروع ناهي ڪئي. مخالف ڌر جي احتجاج سبب اجلاس جي ايجنڊا شروع نه ٿي سگهي، جڏهن ته سمورا اپوزيشن ميمبر احتجاجن سيٽن تي بيهي رهيا. اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي جو قائد اعظم يونيورسٽي ۾ سنڌ جي شاگردن سان زيادتي ۽ سندن بک هڙتال بابت ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. سوالن جوابن جي وقفي دوران ايم ڪيو ايم ميمبر ظفر ڪمالي ۽ ڊپٽي اسپيڪرشهلا رضا وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ظفر ڪمالي چيو ته هو اوهان کان سکهندا آهن ۽ اوهان اهڙا لفظ استعمال ڪري رهيا آهيو. جنهن تي شهلا رضا چيو ته کيس نه سمجهايو وڃي، اپوزيشن وارا پنهنجو رويو ڏسن. اجلاس کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل ڏينهن هو ڀٽ شاهه ۾ هو، سندس غيرموجودگي ۾ معذور ماڻهن نوڪرين لاءِ احتجاج ڪيو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، هڪ هڪ کاتي ۾ نٿا وڃي سگهن، هو اڄ هڪ نوٽيفڪيشن جاري رهيو آهن جنهن ۾ سمورن معذُر ماڻهن جي درخواستن کي گڏ ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ معذور ماڻهن کي آڻڻ لاءِ جاءِ ناهي، اسيمبلي کي ڏسڻ گهرجي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبر سيد سردار احمد روهنگيا مسلمانن تي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته عزاله سيال پاڪستان يونيورسٽي بل ايوان ۾ پڻ پيش ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ٽماٽن ۽ بصرن جي اگهن ۾ واڌ بابت مهملي رٿ جمع ڪرائي جيڪا حڪومت جي مخالفت بعد رد ٿي وئي............     (تاريخ: اڱارو 07 نومبر 2017 ٽائيم: 14:54 )


Design & Developed by Aftab Tunio