Mon Dec 18 2017
تازا ترين:  
* * www.awaztv.tv ‏(((اهم خبرون))) *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه سان ريئر ايڊمرل اطهر مختيار جي ملاقات *ملاقات ۾ منهڙو جي علائقي ۾ ترقي ڏيارڻ بابت ڳالهيون *بابا ۽ ڀٽ ٻيٽن کي ملائڻ لاءِ پل جي تعمير شروع ڪرڻ تي اتفاق * اسلام آباد: اقتصادي سهڪاري تنظيمي اجلاس کي احسن اقبال جو خطاب *اڄ جي دنيا ۾ تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن: احسن اقبال *ڪو به ملڪ اڪيلو سيڪيورٽي ۽ ٻيا مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهي: احسن اقبال *ڪو به ملڪ اڪيلي سر اقتصادي مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهي: احسن اقبال * مواصلات،انفرااسٽرڪچر ۾ گلوبل پارٽنرشپ جي ضرورت آهي:احسن اقبال *ترقي ۽ تعاون لاءِ وسيع لاڳاپا ضروري آهن: گهرو وزير احسن اقبال *دهشتگردي ۽ انتها پسندي وڏا چئلينجز آهن: گهرو وزير احسن اقبال *امير ۽ غريب ملڪن وچ ۾ فرق ختم ڪرڻو پوندو: گهرو وزير احسن اقبال *خطي جي خوشحالي لاءِ امن جو هجڻ ضروري آهي: گهرو وزير احسن اقبال *موسمياتي تبديليون معاشي منصوبن تي اثر انداز ٿينديون آهن: احسن اقبال *بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي جو هنڌ بڻائڻ تان تڪرار وڌيو آهي:گهرو وزير * (((عدالتي خبرون )))* اسلام آباد: نوازشريف خلاف ٽن ريفرنسز ڪيس جي ٻڌڻي *نواز شريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان ڇوٽ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيندا * سپريم ڪورٽ ۾ حديبيا پيپر ملز ڪيس بابت اپيل *اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب جي التوا جي درخواست رد ڪري ڇڏي *نيب مان ڪو پيش نه ٿو ٿئي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو: جسٽس فائز عيسيٰ *ڇو نه توهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪجي: جسٽس فائز عيسيٰ *اسان جي لاءِ هر ڪيس هاءِ پرو فائل آهي ، عدالت جو مذاق نه اڏايو : جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *ڪيس ملتوي نه ٿيندو ، ٻيهر ٻڌڻي ڪنداسين: جسٽس مشير عالم *نيب پراسيڪيوٽر جو عهدو خالي آهي: نيب جو وڪيل* پراسيڪيوٽر ناهي ته پوءِ ڇو نه نيب جي چيئرمين کي گهرايو: جسٽس فائز عيسيٰ *مناسب ٿيندو ته ڪيس ۾ نيب پروسيڪيوٽر پاڻ پيش ٿئي: نيب جو وڪيل *نيب پروسيڪيوٽر جي مقرري سان اسان جو تعلق ناهي: جسٽس مشير عالم *ڪيس جي دير جو ڪو به سبب نه آهي: جسٽس مشير عالم *اسلام آباد: احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي*نيب پاران اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي استدعا *وڪيل پاران مخالفت، نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش *عدالت پاران اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ وارو فيصلو محفوظ *اسحاق ڊار جي ايم آءِ آر جو انتظار هو، سيني ۾ اڃا تڪليف اٿس: وڪيل *ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن وارو معاملو *مني لانڊرنگ الزام ۾ شريڪ جوابدار عبدالحميد خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت گواهه عبدالرشيد جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي *احتساب عدالت ۾اڳوڻي ڊائريڪٽر سائيٽ خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻي ڊائريڪٽر لبنيٰ صلاح الدين احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري خلاف ٻڌڻي *رينجرز جي وڪيل جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب *ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي مهلت نه ٿا ڏئي سگهون: عدالت *رينجرز جو وڪيل ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب داخل ڪرائي : عدالت *رينجرز ڊاڪٽر عاصم کي 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکيو هو :درخواست *عدالت ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي *اسلام آباد: دهشگردي ٽوڙ عدالت ۾عمران خان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي*اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي *دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران عمران خان تي ڪيسن جو فيصلو محفوظ *ڪيسن مان دهشتگردي ايڪٽ ختم ڪرائڻ لاءِ عمران خان جي وڪيل جا دليل *11 شاهدن مان ڪنهن هڪ به عمران خان خلاف بيان نه ڏنو:بابر اعواڻ *ڇا ڏنڊن ۽ غليلين سان حملو دهشتگردي آهي ؟: بابر اعواڻ *پوليس موجب ڏنڊن ۽ غليلين سان حملو ڪيو ويو : بابر اعواڻ *گولي هلي ۽ نه ئي اهڙي شيءِ هٿ آئي : بابر اعواڻ *مطالبن جي لاءِ احتجاج ڪرڻ دهشتگردي آهي ؟: بابر اعواڻ *عمران خان چئني ڪيسن ۾ مک جوابدار آهي: چوڌري شفقات *چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو : چوڌري شفقات *رياستي ادارن ۽ آفيسرن تي حملا ڪيا ويا: چوڌري شفقات *حڪومتي ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: عمران خان *ماڊل ٽائون ۾ هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلايون ويون: عمران خان *ڪرپشن خلاف جنگ ۾ آصف زردري جو ساٿ نه ٿو ڏئي سگهان: عمران خان *آصف زرداري جي هوندي پ پ سان اتحاد نه ٿو سگهي: عمران خان *منهنجي مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا: عمران خان *ملڪيت بابت پنهنجي پور ي مني ٽريل ڏني: عمران خان *ڪهڙي طرح پوئتي هٽان ،ڪيس داخل ڪري ڌمڪايو پيو وڃي: عمران خان *چيو ويو ته مان ڪرپٽ ۽ شريفن جي جان ڇڏيان : عمران خان *ماڊل ٽائون سانحي ۾ پوليس حڪمرانن جي ڪمداري ڪئي: عمران خان* اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ حديبيا پيپرز ڪيس کولڻ بابت ٻڌڻي *حديبيا پيپرز ڪيس کولڻ بابت نيب درخواست داخل ڪئي *جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي *اوهان جيڪو حڪم ڪيو ، اهو پورو ڪيو آهي: نيب جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر *جن تاريخن جو پڇيو ويو اهو دستاويزن ۾ ٻڌايو آهي: نيب *ٺاهه تحت نواز شريف پرڏيهه ويو: نيب جو وڪيل عمران الحق *نواز شريف پاڻ پرڏيهه ويو ؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *نواز شريف اٽڪ جيل اختيارين حوالي هو: نيب جو وڪيل *ڇا اٽڪ جيل ۾ ڪيس هلايو ويو ؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *هي اٽڪ ڪورٽ ڪهڙي شيءِ آهي ؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *قانون ثبوت گهرندو آهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *اوهان جو موقف اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *اسان ڪيس جي مڪمل تصوير ڏسڻ چاهيون ٿا: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ *شريف ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز تي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي *دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي ڪيسن بابت ٻڌڻي *عمران خان جي دهشتگردي وارا قلم ختم ڪرڻ واري درخواست رد *اَي ٽي سي جي جج شاهه رخ ارجمند فيصلو پڙهي ٻڌايو *عمران خان جي ضمانت ۾ 19 ڊسمبر تائين واڌ *عدالت ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي * (((مقامي خبرون))) * مٺياڻي: ڳوٺ سانوڻ چانڊيو ۾ بجلي ڪرنٽ لڳڻ سبب فاروق چانڊيو فوت * غوثپور: انڙ واهه وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر،4ڄڻا زخمي ڪراچي: ڪمند جي اعلانيل اگهه 182 رپين تي عمل نه ٿيڻ وارو معاملو *سارڪ ۽ آبادگارن پاران اڄ بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو * 182 رپيا ڪمند جي اگهه واري فيصلي تي عمل نه پيو ٿئي : علي پلهه * اڪثر شگرملون 130 رپيا ڪمند جو اگهه في مڻ ڏين ٿيون : علي پلهه *ڪراچي: ملير ڪينٽ ويجهو هڪ ڄڻي جو تشدد ٿيل لاش هٿ *گهوٽڪي: باءِ پاس وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، فرمان علي فوت * خانواھڻ: ھلڪي ھلڪي برسات جو وسڪارو، ٿڌ ۾ واڌ * نصيرآباد: قومي شاھراھھ تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ٽڪر، 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي، نصيرآباد ۽ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل * ڪراچي: ريجنٽ پلازا ويجھو ٽينڪر جو موٽرسائيڪل ۽ ڪار کي ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل * شاھپورجھانيان: قومي شاھراھھ تي تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي، 50 کان وڌيڪ مسافر زخمي، اسپتال منتقل * مسافر ڪوچ ڪراچي کان ملتان وڃي رھي ھئي تھ حادثو پيش آيو: ريسڪيو ذريعا * سڪرنڊ: سنڌ سرڪار پاران ڪمند جو اگهه 182 رپيا نه ڏيڻ خلاف آبادگارن ۽ سيد زين شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس * اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 16 ڊسمبر تي قاضي احمد ۾ ڌرڻو ۽ احتجاج ڪيو ويندو *ميهڙ: تعلقا اسپتال جي ايم ايس سميت 27 ڊاڪٽرن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس ٿيڻ ۽ گرفتارين خلاف ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران ڪم ڇڏهڙتال *شڪارپور: ڳوٺ دودو ڏيٿو جي رهواسين جو ڳڙهي ياسين جي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو *ميهڙ: جماعت اهلسنت پاران احتجاجي مظاهرو *گلاب لغاري: ويجهو 14 ورهين جو نينگر ڏاند گاڏي تان ڪِري چڪري هيٺان اچي فوت *دادو: ميهڙ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف او پي ڊي جو بائڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو *نصيرآباد: مقتول عبدالغفار مسڻ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو * ٺل: گلشير لاڙي وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي ڊرائيور گرفتاري * ((( وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽس لاءِ وزٽ ڪندا آواز نيوز جي ويب سائيٽ)))‏

سنڌ جيجل سان چاهه ۽ ثقافت تي فخر ڪندڙ سنڌ واسي ثقافت ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي رهيا آهن

سنڌ جيجل سان چاهه ۽ ثقافت تي فخر ڪندڙ سنڌ واسي ثقافت ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائي رهيا آهن

سنڌ جي هزارين ورهيه قديم ثقافت سان محبت جو وچن ورجائڻ جي سلسلي ۾ اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي جڏهن ته مهراڻ جي وستي ۽ واهڻن ۾ گيتن جي گونج تي جمهريون هنيون پيون وڃن. بدين ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سياسي، سماجي، واپاري ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ماتلي ۾ به آواز ٽي وي جي سڏ تي شهر ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو، شھر توڙي ڳوٺن ريليون ڪڍي ۽ رنگارنگي تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن، ٻار توڙي نوجوان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. ٽنڊي باگي ۾سماجي تنظيم الستي گروپ پاران ڏاند گاڏن، اٺ گاڏن ۽ گهوڙن جي ريلي ڪڍي وئي ، پنج فوٽ ويڪري ۽ پنج فوٽ ڊگھي سنڌي ٽوپي جي ماڊل جي نمائش ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي سائين بخش جمالي، پروفيسر ضرار رستماڻي ۽ پروفيسر طفيل چانڊيو چيو ته اهڙا ڏهاڙا هميشه ملهائڻ گهرجن. ڪلاسيڪل فنڪار ڪريم ڪڇي لوڪ گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. سنجر چانگ ۾ به ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اسڪولن ۾ شاگرد ۽ شاگرد قومي لباس پهري لوڪ گيتن تي جمهريون هنيو. ٺٽي ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي مرڪزي ريلي ٽريفڪ چوڪي کان مدني هوٽل تائين ڪڍي وئي، ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مک تقريب پريس ڪلب مڪلي ۾ منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناليوارا فنڪار سر وکيري سنڌي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪندا جاتي ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي تي بابو رحيم، زين قريشي ۽ منظور پليجو جي جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ٽوپي اجرڪ پائي سنڌي لوڪ گيتن تي جهمريون هنيون. مختلف اسڪولن ۾ پڻ ثقافتي ڏهاڙي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري، قومي گيتن تي جمهريون هنيون. دڙي ۾ آواز ٽي وي پاران اعلانيل ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي جسقم ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽۽ شھرين پاران جسقم اڳواڻن انور ملاح شوڪت سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رٽا اسٽاپ کان پبلڪ پارڪ تائين ثقافتي ريلي ڪڍي ۽ سنڌي گيتن تي جمهريون هنيون سانگهڙ ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پريس ڪلب اڳيان نوجوان سنڌي ٽوپي، اجرڪ پائي سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي خوشي ملهائي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏئي رهيا آهن. شهدادپور ۾ آواز ٽي وي جو سڏ ورنائيندي سنڌ پروگريسو فورم ۽ مزدور اتحاد پاران عالم ڏاهري، رسول بخش ٿهيم، عبدالغفور بروهي جي اڳواڻي ۾ قومي لباس پائي ريلوي اسٽيشن کان روينيو آفيس تائين ٽانگن، ڏاند گاڏن ۽ اٺ گاڏن کي سينگاري قومي گيتن تي جهمريون هڻي قومي گيتن تي رقص ڪيو. پيرومل ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پريس ڪلب کان سارواڻي هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ مختلف تنظيمن ۽ قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي. سرهاڙي ۾ الفلاح اسڪول مان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ اسڪولي ٻارڙن قومي گيتن تي جمهريون پڻ هنيون. بلڙي شاهه ڪريم ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي پريس ڪلب کان درگاهه شاهه ڪريم تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين شهرين ثقافتي لباس پهري شرڪت ڪئي. ڪوٽڙي ۾ آواز ٽي وي جي ثقافتي سڏ تي شورا هائوس کان المدينا چوڪ تائين ضلعي وائيس چيئرمين صادق شورو، ذوالفقار شورو ۽ عزيز شورو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. ريلي ۾ شريڪ نوجوانن قومي گيتن تي جمهريون هڻي ثقافتي ڏهاڙي تي خوشي جو اظهار ڪيو. سجاول ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پرائمري اسڪول مدرسا سائيٽ پاران پبلڪ پارڪ سجاول تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن قومي گيتن تي جمهريون هنيون. سنڌڙي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پريس ڪلب آڏو رنگا رنگ تقريب ٿي جنهن مشهور فنڪار حاجي خير محمد، لاجواب عرس ۽ هوشو ٻاٽ فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ڊگهڙي ۾ آواز ٽي وي جي ڏنل سڏ جي موٽ ۾ لٽل فيري سنڌي هاءِ اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي لباس اوڍي ريلي ڪڍي، پريس ڪلب اڳيان ٻاڙن تقريرون، ٽيبلوز ۽ قومي گيت تي رقص ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ڇاڇري ۾ سوين شهرين گڏ ٿي ثقافتي لباس اوڍي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي شهر جي پوراڻي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڏهاڙي جي حوالي سان پريس ڪلب اڳيان مک تقريب ڪوٺائي وئي آهي. ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سکر شهر ثقافتي رنگن سان رنڱجي ويو، هر طرف ٽوپين ۽ اجرڪن جا تجلا، عورتون، ٻارڙا، نوجوان، پڪن پوڙهن قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. مختلف ڌرين طرفان ريليون ڪڍيون ويون جيڪي مختلف هنڌن کان ٿيندي پريس ڪلب پهچي ڪوٺايل مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نالي وارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري شرڪت ڪندڙن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. روهڙي، پني عاقل، ڪنڌرا ۽ صالح پٽ ۾ مختلف ڌرين طرفان ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف ڌرين طرفان ريليون ڪيون ويون، جڏهن ته جناح باغ تي مک تقريب جاري آهي، جنهن ۾ نالي وارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. جناح باغ چوڪ منعقد ڪيل تقريب ۾ ٻارڙا، عورتون، نوجوان ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شريڪ آهن، جيڪي قومي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا آهن. نوابشاهه پريس ڪلب آڏو ميلي جا منظر ڏسڻ وٽا آيا، ورلڊ صوفي تنظيم جي سرواڻ فقير جي ايم مست پروازي جا پيروڪار صوفي پريس ڪلب آڏو پهچي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته پيپلزپارٽي، جسقم، ايس ٽي پي، ايس يو پي، پ پ شهيد ڀٽو، جساف،سپاف، پيپلز يوٿ ۽ ٻين مختلف تنظيمن جا ڪارڪن پڻ ثقافتي ڏهاڙي جي خوشين جي موقعي تي پريس ڪلب آڏو ريلين جي صورت ۾ پهچي دهل شرنائين تي جهمريون هنيون. دوڙ، ٻانڌي، اٺهٺ موري، سٺ ميل ۾ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين طرفان ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ ٻارڙن ۽ نوجوان ثقافتي ويس پهري سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون سڪرنڊ به ثقافتي رنگن ۾ رنڱجي ويو، ايس يو پي، جسقم، انڊس ۽ ٻين پارٽين پاران شاندار ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. خيرپور شهر ۾ سياسي سماجي ڌرين طرفان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ماڻهن ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪا ٻڌي شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن دهل شرنائين تي جهمريون هنيون ۽ هٿ هٿ ۾ ملائي سنڌ امڙ سان وفا جو وچن ڪيو. آواز نيٽورڪ جي سڏ تي 3 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان تي سوڀوديري ۽ ڀرپاسي ثقافتي ڏهارو ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي، ڳوٺ مڏ جي هاءِ ۽ پرائمري اسڪولز ۾ ثقافتي پروگرام ٿيا جنهن ۾ شاگردن سميت شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سوڀوديرو، سيٺارجا، هڱورجا، ٺري ميرواهه پيروسڻ، ڪنب، راڻيپور ۽ فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ريليون ڪڍيون ويون. ڪنڌڪوٽايٽ ڪشمور ضلعي ۾ ثقافتي ڏهارو ڀرپور نموني ملهايو ويو، مختلف علائقن ۾ سياسي سماجي ڌرين ڌار ڌار ريليون ڪڍي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو. ڪنڌڪوٽ شهر جي گهنٽاگهر چوڪ وٽ مک تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ فنڪارن قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ڪشمور ۾ شهر جي مين چوڪ کان ريلي ڪڍي چوڪ تي مک تقريب منقعد ڪئي وئي گڊو، بخشاپور ۽ تنگواڻي ۾ ريليون ڪڍي سنڌ سان ڀرپور محبت جو پڻ اظهار ڪيو ويو. آواز ٽي وي جي سڏ تي گهوٽڪي ضلعي ۾ ثقافتي ڏهارو ڀرپور نموني ملهايو ويو، سياسي، سماجي ڌرين طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. گهوٽڪي پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب دوران قومي گيتن تي نوجوانن پاران جهمريون هڻي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو. ميرپورماٿيلي، اوٻاوڙي، سرحد، ڏهرڪي ۽ خانپور مهر سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهر ۾ ريليون ڪڍيون ويون. پڊعيدن ۾ سڄي سنڌ جيان ثقافت ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو، مختلف تنظيمن طرفان ريليون ڪڍيون ويون جنهن ۾ ماڻهن ٽوپيون اجرڪ ۽ ٻيا ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غوثپور ۾ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن طرفان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن دهل شرنائين تي جهمريون هڻي سنڌ امڙ سان وفا جو وچن ڪيون. ميهڙ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي 30 کان وڌيڪ سياسي سماجي، مذهبي، واپاري تنظيمن پاران ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي ٽوپي اجرڪ ۽ ٻيا قومي ويس پهريل هئا، جيڪي قومي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا هئا. سرحد جي مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي مين چوڪ تي گڏ ٿيڻ بعد هڪ تقريب ٿي فنڪارن قومي ڳيت ڳائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٺاروشاھه ۾ ثقافتي پروگرام جي مک تقريب ٽائون ڪاميٽي ۾ ٿي، مختلف سياسي تنظيمون جسقم جسم ايس يو پي ايس ٽي پي پپلز همدرد تحريڪ پي پي ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻن سميت شهري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. مک تقريب ۾ درٻيلو مڃٺ ڀورٽي دليپوٽا سميت آس پاس مان ريليون پهتيون، گلڙن جهڙا ٻارڙا ٽوپي اجرڪ پائي قومي گيتن تي رقص ڪندا رهيا. ٺل جي المهراڻ پبلڪ اسڪول پاران پرنسپال سجاد سومرو جي ميزباني ۾ آواز نيوز جي سڏ تي ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ قومي گيتن تي شاگردن جون جهمريون هنيون ويون وڳڻ ۾ به جسقم، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ، پي ٽي آءِ، شھري ايڪشن ڪاميٽي، واپاري اتحاد، وڳڻ اتحاد، شھرين ۽ ٻين مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن پاران پراڻي بس اسٽاپ کان وٺي مک چوڪ تائين ثقافتي ويس پھري مختيار پنھور، گدا چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي دھلن ۽ شرنائين تي جھمريون ھڻي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو چڪ ۾ به ٽوپي ۽ اجرڪن جي تجلن سان جرڪي پيو ، جسقم طرفان آواز ٽي وي جي سڏ تي هزارين ماڻهن جي ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ ماڻهن قومي گيتن تي رقص ڪري سنڌ امڙ سان وفا جو وچن ڪيو . بڊاڻي شھر ۾ آواز ٽي وي جي سڏ تي شھري اتحاد پاران درگاھه شھنشاھه کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ سوين ماڻهن هٿ هٿ ۾ ڏئي ٻڌي جو ثبوت ڏنو. جوهي ۾ سنڏ جي قومي ثقافت عيد جون ريليون مخدوم بلاول پارڪ وٽ پهچڻ شروع ٿي ويون، مُک ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ٽيڪسي اسٽاپ وٽ مک تقريب ٿيندي. شڪارپور ۾ آواز ڙي وي جي سڏ تي سنڌي ثقافت جي حوالي سان سوين گاڏين جي ريلي ڪاڪيپوٽا هائوس کان علي ڪاڪيپوٽو جي اڳواڻي ۾ نڪتي جيڪا هاٿيدر هزاريدر لکيدر روڊ کان ٿيندي سرڪيولر روڊ کان واپس پريس ڪلب پهتي، نوجوانن سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي آواز ٽي وي جي سڏ تي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي ....     (تاريخ: آچر 03 ڊسمبر 2017 ٽائيم: 14:09 )


Design & Developed by Aftab Tunio