‏(((اهم خبرون))) * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي، اعتزاز احسن کي 27 فيبروري تائين شاهديون جمع ڪرائڻ جي هدايت * اٽارني جنرل وزير اعظم خلاف دستاويزي شاهديون جمع ڪرائي ڇڏيون * سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي پراسيڪيوٽر جنرل مقرر ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي * وزير اعظم لکت ۾ بيان ڏيندو ان کانپوءِ وڌيڪ شاهديون پيش ڪري سگهان ٿو: اٽارني جنرل * اٽارني جنرل پاران وڌيڪ ثبوت پيش ڪرڻ واري بيان تي اعتراض جو حق رکان ٿو: اعتزاز احسن * جيڪي شاهديون پيش ٿيون آهن ان تي پنهنجي موڪل سان ڳالهه ٻولهه ڪري جواب ڏيندس: اعتزاز احسن * ٽرائل جي طريقيڪار تي 27 فيبروري تي لکت ۾ موقف جمع ڪرائيندس: اعتزاز احسن * لاهور: ن ليگ سربراهه ميان نواز شريف اي پي سي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ حڪومت آڏو شرط رکي ڇڏيا * بلوچستان مسئلو معافي گهرڻ سان حل ڪونه ٿيندو: نواز شريف * آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ بهتري بجاءِ وڌيڪ لاڳاپا خراب ڪندو * اڪبر بگٽي جي قاتلن جو ٽرائل ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي: ن ليگ سربراهه نواز شريف * خيبرايجنسي: باڙا واري علائقي ۾ ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي * اسلام آباد: ميمو ڪيس بابت عدالتي ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي * اجلاس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي هيٺ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندو * ميمو معاملي جي مک ڪردار منصور اعجاز جو اڄ لنڊن ۾ وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، انتظام مڪمل * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بدين ۾ پي ايس 57 تي ننڍي چونڊ روڪرائڻ لاءِ علي بخش عرف پپو شاهه جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو * ڪراچي: ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي: موسميات کاتو * راولپنڊي، مالاڪنڊ، هزاره ڊويزن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان * گذريل 24 ڪلاڪن دوران اپر پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪٿي ڪٿي برسات ۽ جبلن تي برفباري پئي: موسميات کاتو * ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ ٿڌ قلات ۾ پئي، گرمي پد ڪاٽـُو ست ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ: موسميات کاتو (((مقامي خبرون))) * سيوهڻ: الٽي قلعي ويجهو سم نالي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ * ٺٽو:کارو ڇاڻ کان ڪراچي مڇي کڻي ويندڙ مراد، امين ۽ عثمان ڪاتيار رستي مان گاڏي سميت اغوا * هٿياربند ٽنهي ڄڻن کي درگاهه ڏاتار وٽ ڦٽو ڪري مڇي سان ڀريل ڊاٽسن ڪاهي فرار * ڪراچي: نادرا ملازمن جو سڄي ملڪ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري، سنڌ جي سانگهڙ، عمرڪوٽ، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ ملازمن جا احتجاجي مظاهرا، آفيسن جي تالابندي * نوشهروفيروز: سکر کان دادو ويندي ڪينيا جو اغوا ٿيل مسٽر ٽام ۽ سندس ڊرائيور گدا حسين بازياب نه ٿيا، پوليس خاموش بڻيل * سکر: سي سيڪشن پوليس وڪيل مير محمد تنيو کي ڇڏرائڻ لاءِ آيل سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري قربان ملاڻو ۽ شفقت رحيم کي گرفتار ڪري ورتو، وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو * وڪيل مير محمد تنيو جو مالڪ مڪان سان جهيڙو تي پيو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو: وڪيل اڳواڻ * وڪيل قربان ملاڻو ۽ شفقت رحيم ٿاڻي تي پهچي پوليس کي زخمي وڪيل مير محمد کي اسپتال پهچائڻ جو چيو ته پوليس انهن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي: وڪيل اڳواڻ * سانگهڙ: ڊي اي نوشهروفيروز خلاف تعليم کاتي جي ڪچن ملازمن جو احتجاجي مظاهرو * ڀٽ شاهه: روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ نيون شيخاڻي مائينر جي آبادگارن ۽ عوام تحريڪ جي ڪارڪنن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو * ميرپورخاص: ڳوٺ گل حسن بروهي ۾ اوطاق ۾ ستل 30 ورهين جو اشوڪ ميگهواڙ باهه لڳڻ سبب سڙي فوت * ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير مغل ڊگهي موڪل تي روانو، پروين شاهه وقتي وائيس چانسلر مقرر * سنڌ يونيورسٽي ۾ 52هين ڏينهن به تدريسي عمل شروع نه ٿي سگهيو، شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل، شاگردن ۽ استادن جو احتجاج جاري * لياقت يونيورسٽي، مهراڻ، زرعي يونيورسٽي، قائد عوام ۽ خيرپور يونيورسٽي ۾ به تدريسي عمل بند * ڊيرامراد جمالي: تعليم کاتي ۾ انتظامي عهدن تي آفيسرن جي بدلي ۽ پوسٽنگ خلاف ٽيچر ايسوسئيشن جي سڏ تي سمورن اسڪولن ۾ تالابندي * سانگهڙ: عورت فائونڊيشن پاران عورتن جي حقن لاءِ ريلي ڪڍي وئي * ڀٽ شاهه: سنڌ يونيورسٽي بند هجڻ خلاف شاگردن ۽ استادن پاران تنبورا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو * ڊگهڙي: يوسي پٻڻ جي سوين ڳوٺاڻن جي ريلي، منظور ٿيل سم نالو نه ٺهڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * مديجي: سوين جي ڳوٺن جي گذريل 15 ڪلاڪن کان بجلي بند، ڪاروبار ٺپ، رهواسي پريشان * ڊيرامراد جمالي: نادرا ملازمن جو پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، اسڪولن جي تالابندي * فريدآباد: مختلف ڳوٺن جي برسات متاثرن جو وطن ڪارڊ جي ٻي قسط واري لسٽ مان نالا خارج ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ((( پبلڪ سروس ميسيج ))) ڪوهيڙي جي مند ۾ گاڏي آهستي هلايو ۽ فوگس لائيٽون استعمال ڪيو * ڊرائيونگ ڪرڻ وقت سيٽ بيلٽ جو استعمال ڪريو ۽ گاڏي جي رفتار پوري رکو * ڪوهيڙي جي مند ۾ گاڏي جو استعمال تمام گهٽ ڪيو وڃي، موٽر سائيڪل سوار هيلمٽ جو استعمال ڪن، هيلمٽ سان زندگي محفوظ رهي ٿي * سفر دوران پراڻا ۽ ڪمزور ٽائر استعمال نه ڪيا وڃن، اهي حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿا * رات جو سفر ڪرڻ کان اڳ لائيٽون چيڪ ڪيو، سفر دوران سائن بورڊز کي پڙهي انهن تي عمل ڪيو وڃي * گرمين جي مند ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ وقت گرمي پد ٺاهڻ واري آواز تي مسلسل نظر رکي وڃي * سفر ڪرڻ دوران گاڏي تي لوڊنگ نه ڪئي وڃي ڇو جو جنهن روڊ تي اوهان سفر ڪريو ٿا اتي حادثو ٿي سگهي ٿو * محفوظ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجي گاڏي جون سموريون شيون چيڪ ڪيو، سفر دوران گاڏين جي اشارن کي مڪمل سمجهو ۽ عمل ڪريو * برسات جي صورت ۾ گاڏي جا وائپر اڳ ۾ ئي چيڪ ڪريو ۽ اسپيڊ گهٽ رکو * سفر دوران ڪنهن به مدد جي صورت ۾ موٽروي پوليس جي هيلپ لائين 130 تي رابطو ڪريو‏