Copyrights © Awaz Television Network (pvt.) ltd.
‏‏(اهم خبرون) * اسلام آباد: ڪجهه ماڻهو ملڪي سلامتي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن: رحمان ملڪ * مون اڳ ئي چيو هو ته شيعا_سني وڳوڙن جو منصوبو تيار آهي * لاهور سانحو شيعا ۽ سنين کي ويڙهائڻ جي سازش آهي * جلوسن کي محدود ڪرڻ جي درخواست ڪيان ٿو: وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ * مظفر ڳڙهه: ٻوڏ متاثرن کي عيد کان اڳ 20_20 هزار رپيا ڏنا وڃن: نواز شريف * اسلام آباد: دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن: قمر زمان ڪائره * اسلام آباد: آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس ايڊمرل مائيڪ مولن سان ملاقات * نوشهره: پاڪستان تاريخ جي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني * پاڪستان جو 20 سيڪڙو حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي * ٻوڏ ۽ زلزلي ۾ ترڪي جو ڪردار مثالي رهيو آهي * ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر جي تصور کان به وڌيڪ تباهي ٿي آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو ٻوڏ متاثرن کي خطاب * اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ 18 هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي * 18 هين ترميم ۾ پارٽي سربراهه پنهنجي ڪنهن به پارلياماني ميمبر کي پارٽي ڊسيپلن جي ڀڃڪڙي تي نااهل قرار ڏياري سگهي ٿو: اٽارني جنرل * ڇا پارٽي سربراهه جي تعريف آئين ۾ آهي؟: چيف جسٽس (مقامي خبرون) * مورو: 12 ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ خلاف شهرين جو گرڊ اسٽيشن آڏو ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون * ميرپورماٿيلو: ڳوٺ ڪينجهر پتافي ۾ چورن ۾ حصي پتي تان جهيڙو، مدد علي پتافي مارجي ويو * رتوديرو: چاندني چوڪ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، پرائمري استاد پيرل ڏاهاڻي قتل، 2 واٽهڙو زخمي * نيو سعيد آباد: ڳوٺ جان محمد جمالي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بجلي بند، رهواسي پريشان (پرڏيهي خبرون) * واشنگٽن: آمريڪي بچاءُ واري سيڪريٽري جو پاڪستاني هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو * پاڪ فوج جي وفد سان پيش آيل خراب رويي تي باضابطا طور معافي گهري ورتي * بچاءُ واري سيڪريٽري جو مشعل فلورني سان احتجاج * مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: پاڪستاني بچاءُ وارو سيڪريٽري * ڳالهين ذريعي بهتر قدم کڻي سگهجن ٿا: آمريڪي بچاءُ وارو سيڪريٽري مشعل فلورني (راندين جون خبرون) * لنڊن: ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ ملوث سلمان بٽ، محمد آصف ۽ محمد عامر جي پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ سان ملاقات * ٽنهي رانديگرن پي سي بي چيئرمين آڏو پنهنجو موقف پيش ڪيو * رانديگرن خلاف صرف الزامن جي بنياد تي ڪارروائي نٿا ڪري سگهون: اعجاز بٽ * لنڊن: سمورا رانديگر ذهني طور تي پريشان آهن: لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن * پنهنجي رانديگرن جي حفاظت ڪئي ويندي * سمورا رانديگر اسڪاٽ لينڊ يارڊ سان سهڪار ڪري رهيا آهن * پي سي بي ۽ اي سي بي کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي * رانديگر پنهنجي الزامن جي وضاحت کانپوءِ ئي ميدان ۾ لهندا * يقين آهي ته رانديگر بي قصور ثابت ٿي ويندا * رانديگرن جي معاملي تي عدالت ۾ وينداسين * رانديگر پنهنجي وڌيڪ توهين نٿا ڪرائڻ چاهن، جنهن ڪري کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي * وڊيو ٽيپس مستحڪم ثبوت نه هوندا آهن، ثبوتن بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو * وڊيو ٽيپس پنهنجي طريقي سان ٺاهي سگهجن ٿا * نيوز آف دي ورلڊ کي ماضي ۾ کوڙ ڀيرا هرجاڻو ادا ڪرڻو پيو آهي * اي سي سي سان هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پوليس جي صحيح جاچ نه ڪرڻ بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي: واجد شمس الحسن جون برطانوي ميڊيا سان ڳالهيون