Sat Mar 25 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي * صبح جي شروعات وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي * مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون * اسلام آباد جي شڪرپڙيان گرائونڊ ۾ فوج جي گڏيل پريڊ تقريب * تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي ملڪن جا سفير به شريڪ * پريڊ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو * پاڪستان جي ڏهاڙي تي فوجي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو چين جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شريڪ * سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجن جا دستا به فوجي پريڊ تقريب ۾ شرڪت * صدر ممنون حسين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد صدر ممنون حسين فوجي پريڊ جو معائنو ڪيو * پريڊ تقريب دوران هوائي فوج جي جهازن جي ايف ٿنڊر، ۽ ايف 16 جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو * هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ايف 16 جهازن جي قيادت ڪئي * اسلام آباد: صدر ممنون حسين جو فوجي پريڊ تقريب کي خطاب * پوري قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيان ٿو؛ صدر ممنون حسين * اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا: صدر ممنون حسين * اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: صدر ممنون حسين * پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: صدر ممنون حسين * ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي:صدر ممنون حسين * ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي:صدر ممنون حسين * ڀارت لڳاتار فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهي: صدر ممنون حسين * اسان جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي: صدر * دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ردالفساد جاري رهندو، دهشتگردي جي پاڙ کي هميشه لاءِ پٽيو ويندو: صدر ممنون حسين * آپريشن ردالفساد ۾ رهيل دهشتگردن جو خاتمو آندو يندو: صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جون وڏيون قربانيون آهن:ممنون حسين * چين جي لبريشن آرمي جي دستي جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي:صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي: صدر ممنون * اڄ پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ گهڻو محفوظ آهي: صدر ممنون * خوشي آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي معيشت طور اڀري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ ترقي جا نوان در کلندا: صدر ممنون حسين * سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو: صدر ممنون حسين * ڪراچي: سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مزار قائد تي حاضري * سنڌ جي گورنر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي * پاڪستان وڏين قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي: گورنر محدم زبير * اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪرڻو پوندو: گورنر محمد زبير * متحد ۽ منظم طريقي سان پاڪستان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي:گورنر * ملڪ جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀني کيِ اڳتي وڌڻو پوندو: گورنر محمد زبير

ٽئين ون ڊي مئچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 264 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو، ڪينگروز جي بيٽنگ جاري

ٽئين ون ڊي مئچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 264 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو، ڪينگروز جي بيٽنگ جاري

پنج ون ڊي مئچز تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ پرٿ ۾ جاري آهي، ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان، ميزبان آسٽريليا کي 264 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، بابر اعظم شاندار 84 رنسون ٺاهي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهڻ جو سر ويون رچرڊز جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. آسٽريليا، ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 50 اوررن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 263 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان بابر اعظم 84 ۽ شرجيل خان 50 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ عمر اڪمل 39 رنسون ٺاهيون. عماد وسيم 9 رنسن کان اڳتي نه وڌي سگهيو، محمد رضوان 14 ۽ محمد عامر 4 رنسون ٺاهيون. اهڙي ريت پاڪستاني ٽيم آسٽريليا کي 264 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جڏهن ته ڪينگروز جي بيٽنگ جاري آهي. آسٽريليا طرفان جوش هيزل 3، ٽريوس هيڊ 2 جڏهن ته اسٽين ليڪ ۽ پيٽ ڪمنز هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.........     (تاريخ: خميس 19 جنوري 2017 ٽائيم: 11:53 )


Design & Developed by Aftab Tunio