Sat Mar 25 2017
تازا ترين:  
* * اسلام آباد: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي * صبح جي شروعات وفاقي راڄڌاني واري شهر ۾31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي * مسجدن ۾ فجر جي نماز ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون * اسلام آباد جي شڪرپڙيان گرائونڊ ۾ فوج جي گڏيل پريڊ تقريب * تقريب ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، وفاقي وزير ۽ پرڏيهي ملڪن جا سفير به شريڪ * پريڊ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو * پاڪستان جي ڏهاڙي تي فوجي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو چين جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا دستا شريڪ * سعودي عرب ۽ ترڪي جي فوجن جا دستا به فوجي پريڊ تقريب ۾ شرڪت * صدر ممنون حسين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن بعد صدر ممنون حسين فوجي پريڊ جو معائنو ڪيو * پريڊ تقريب دوران هوائي فوج جي جهازن جي ايف ٿنڊر، ۽ ايف 16 جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو * هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ايف 16 جهازن جي قيادت ڪئي * اسلام آباد: صدر ممنون حسين جو فوجي پريڊ تقريب کي خطاب * پوري قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جون واڌايون ڏيان ٿو؛ صدر ممنون حسين * اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا: صدر ممنون حسين * اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: صدر ممنون حسين * پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: صدر ممنون حسين * ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي:صدر ممنون حسين * ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي:صدر ممنون حسين * ڀارت لڳاتار فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهي: صدر ممنون حسين * اسان جو مقصد عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ آهي: صدر * دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ردالفساد جاري رهندو، دهشتگردي جي پاڙ کي هميشه لاءِ پٽيو ويندو: صدر ممنون حسين * آپريشن ردالفساد ۾ رهيل دهشتگردن جو خاتمو آندو يندو: صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فوج جون وڏيون قربانيون آهن:ممنون حسين * چين جي لبريشن آرمي جي دستي جي شرڪت تي خوشي ٿي آهي:صدر ممنون حسين * دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي: صدر ممنون * اڄ پاڪستان پهريان جي ڀيٽ ۾ گهڻو محفوظ آهي: صدر ممنون * خوشي آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي معيشت طور اڀري رهيو آهي: صدر ممنون حسين * سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ ترقي جا نوان در کلندا: صدر ممنون حسين * سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو: صدر ممنون حسين * ڪراچي: سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مزار قائد تي حاضري * سنڌ جي گورنر قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي * پاڪستان وڏين قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ حاصل ڪيو آهي: گورنر محدم زبير * اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جو عزم ڪرڻو پوندو: گورنر محمد زبير * متحد ۽ منظم طريقي سان پاڪستان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪرڻ ضرورت آهي:گورنر * ملڪ جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڀني کيِ اڳتي وڌڻو پوندو: گورنر محمد زبير

سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماري جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري

سنڌ سميت ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماري جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري

ملڪ جي 63 ضلعن ۾ آدمشماري جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري آهي، شماريات کاتي جو عملو گهر گهر وڃي ماڻهن جي ڳڻپ ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ 19 سالن بعد شروع ٿيل ڇهين آدمشماريءَ جي پهرين مرحلي ۾ گهر ڳڻپ بعد ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي. آدمشماري جو اهو عمل 27 مارچ تائين جاري رهندو، جڏهن ته 28 مارچ تي بي گهر ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر ڪراچي اولهه، ڪراچي اوڀر، ڪراچي ڏکڻ، سينٽرل ڪراچي، ملير، ڪورنگي سميت حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ٿي رهي آهي. پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، جهنگ، چنيوٽ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، ڊيرا غازي خان، راجن پور، لـَيا، مظفر ڳڙهه، حافظ آباد، نارووال، سيالڪوٽ، وهاڙي، بهاول پور، پاڪ پتن، اٽڪ ضلعن ۾ آدمشماري ٿي رهي آهي. خيبر پختون خواهه ۾ پشاور، مردان، صوابي، چارسده، نوشهره، لڪي مروت، ڊيرا اسماعيل خان، هنگو، ايبٽ آباد، هري پور، بٽگرام، تور گــَر سميت قبائلي علائقي اورڪزئي ايجنسي ۾ به آدمشماري ڪئي پئي وڃي. بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، آواران، لسٻيلا، ڊيرا بگٽي، ڪوهلو، موسيٰ خيل، وشڪ، خاران، قلات، جعفرآباد،نصير آباد،پشين، نوشڪي، لهڙي ۽ تربت ضلعن ۾ ماڻهن جي ڳڻپ جو عمل ٻئي ڏينهن به جاري آهي. آزاد ڪشمير جي مظفر آباد، باغ، ڪوٽلي سميت پنجن ضلعن جڏهن ته گلگت بلتستان جي گلگت، بلتستان، گانچي، نگر ۽ غضر ضلعن ۾ به ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي....     (تاريخ: سومر 20 مارچ 2017 ٽائيم: 10:55 )


Design & Developed by Aftab Tunio