Mon Nov 20 2017
تازا ترين:  
* *نوشهره: نواز شريف بعد هاڻي شهباز شريف جو وارو آهي: پرويز خٽڪ * ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چئني صوبن ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي: پرويز خٽڪ * جنهن ملڪ ۾ زرداري صدر ۽ وزيراعظم نوازشريف هجي ، ان قوم جو خدا حافظ آهي: پرويز خٽڪ * ملڪ ۾ ايماندار قيادت ئي تبديلي آڻي سگهي ٿي: پرويز خٽڪ * ڪي پي جي وڏي وزير جون ميڊيا سان ڳالهيون * ملتان: جمهوريت ۾ خاميون آهن پر اها آمريت کان بهتر آهي: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو: مخدوم جاويد هاشمي * ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي گڏ ڪري مشرف کي سربراهه ڪيو ويندو: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان سان مفاد پرست گڏ آهن: مخدوم جاويد هاشمي * منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به جهيڙو ناهي: مخدوم جاويد هاشمي * عمران خان کي سياست جي س جي به خبر ناهي: مخدوم جاويد هاشمي* جمهوريت کان سواءِ ملڪ نه ٿو هلي سگهي: مخدوم جاويد هاشمي* عام چونڊن کان اڳ نون ليگ کي رڳڙو ڏنو پيو وڃي: مخدوم جاويد هاشمي * نواز شريف کان جان ڇڏائڻ بحران جو حل ناهي:مخدوم جاويد هاشمي * سول حڪومت هميشه ملڪ جي ترقي ڪئي آهي: مخدوم جاويد هاشمي * 18سال اڳ چيو هو ته چين پاڪستان سان گڏ بيهندو: مخدوم جاويد هاشمي * ڀارت به خوار ٿي ڪجهه سالن کان پوءِ پاڪستان سان گڏ بيهندو: مخدوم جاويد هاشمي * ڪراچي: ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾کِل جهڙي سياست ٿي رهي آهي * بلاول ڀٽو زرداري * اسان جو شهر ڪراچي اهڙي سياست کان بهتر سياست جو حق رکي ٿو:بلاول ڀٽو *لاهور: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلام آباد کان لاهور پهچي ويو *وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف وچ ۾ راءِ ونڊ ۾ ملاقات *ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون وينديون *ملاقات ۾نئين آئيني ترميم،پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي *ڪلهه به جمهوريت جي بالادستي جي حمايت ڪئي۽اڄ به چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو *ڪو به غير جمهوري قدم قبول نه ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو *ڪوئٽا: اسمنگلي روڊ تي سرچ آپريشن 2 جوابدار گرفتار: پوليس * گرفتار جوابدارن وٽان ايس ايم جي ۽ بارودي مواد هٿ: پوليس * تونسا: نواز شريف هليو ويو، واپس نه ايندو، هاڻي شهباز شريف جو وارو آهي: پي ٽي آءِ سربراهه * ملڪ ۾ في الحال ڪا حڪومت ناهي، وزير اربين رپين جي چور کي پروٽوڪول ڏئي رهيا آهن: عمران خان * وزيراعظم قوم جي چور کي پنهنجو وزيراعظم چوي ٿو، ثابت ٿي ويو ته شاهد خاقان عباسي به شريف جيان ڪرپٽ آهي:عمران خان * ڪراچي: سنڌ سرڪار ميڊيڪل داخلا لاءِ ورتل اين ٽي ايس ٽيسٽ رد ڪري ڇڏي: نوٽيفڪيشن جاري * خيرپور: اليڪشن ٿي ته وقت کان اڳ ٿيندي يا نه ٿيندي: منظور وساڻ * ايندڙ ٻه هفتا سياست لاءِ اهم آهن: منظور وساڻ * پهريان چيو هيم ته فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو آهن: منظور وساڻ * متحده پاڪستان ،لنڊن ۽ پي ايس پي هڪ ئي نشان تي چونڊ وڙهنديون: منظور وساڻ *عمران خان جلسن ۾ عوام ڏسي خوش نه ٿئي: منظور وساڻ * جلسا ڪرڻ ۽ چونڊ وڙهڻ ۾ فرق آهي: منظور وساڻ * نواز شريف جون مشڪلاتون وڌنديون پيون وڃن: منظور وساڻ * فاروق ستار جو مستقبل خراب نظر اچي رهيو آهي: منظور وساڻ * (((مقامي خبرون))) خانپور: ڳوٺ درگاهي لوهر ۾ گهر ٻاهران راند کيڏندي 7ورهين جو ابراهيم لوهر پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت * شهدادپور: ڳوٺ ٻڍو چانڊيو ۾ معمولي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽين ۾ جهيڙو، 3ڄڻا زخمي *ٺل: مغوي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو *خانپور: ڳوٺ نورمحمد شجرا ۾ سارين جي ديري کي باهه، هڪ سئو مڻ ساريون سڙي ويون *ڏوڪري: گم ڪيل شاهد جوڻيجو جي وارثن جو آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو * ڊگهڙي: شگر ملون نه هلائڻ، ڪمند جو اگهه نه ملڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مظاهرو *شهدادپور: ڳوٺ ٻڍو چانڊيو ۾ معمولي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب علي بخش، رمضان، صدام حسين ۽ محمد ايوب چانڊيو زخمي * غوثپور: ڪچي واري علائقي مان 2 ڄڻا مبينا طور اغوا *استاد اسحاق ۽ هوت نصيراڻي کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا * تنگواڻي: جمال واري علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائي ، 3گهر ڊاهي پٽ ، 6شڪي گرفتار * نيوسعيدآباد: ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻومارجي ويو *نورڪيٽي ۾ گوليون لڳڻ سبب دلدار ماڇي مارجي ويو* ٺل: اڻڄاتل ھٿياربندن پاران ٻن ڀائرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش * باگڙ لاڙي ويجھو مزاحمت تي اڪبر ۽ مظفر سومرو زخمي، ھٿياربند فرار * ميرپوماٿيلو: ڳوٺ لال پتافي ۾ 22 ورھين جي ھيرا مبينا طور گھرواڻبڻت تان زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي * ڪراچي: فريئر پوليس ٻن گھربل جوابدارن جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون * پوليس پاران ٻنھي جوابدارن جي ڳولا جاري * جوابدار ڪلفٽن، فريئر ۽ صدر جي علائقن ۾شھرين کان ڦر لٽ ڪندا آھن: پوليس ****

آمريڪا جوشام تي ڪروز ميزائلن سان حملو، شام پاران مذمت، اڳرائي قرار، روس سلامتي ڪائونسل جو  هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

آمريڪا جوشام تي ڪروز ميزائلن سان حملو، شام پاران مذمت، اڳرائي قرار، روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

آمريڪا پاران شام تي ڪروز ميزائلن سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ شامي هوائي اڏن ۽ ٻين هنڌن کي نشانو بڻايو ويو،شام آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي ان کي اڳرائي قرار ڏنو آهي جڏهن ته روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آمريڪا سان شام ۾ سهڪار روڪي سگهجي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ايئر بيس تي موجود روسي ۽ شامي اهلڪارن کي نشانو ناهي بڻايو ويو. گذريل ڏينهن آمريڪا ڪيميائي حملي بابت روسي موقف رد ڪندي هڪ طرفي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني هئي. ان کان اڳ بشار الاسد جي فوج طرفان مبينا ڪيميائي حملي ۾ 14 ٻارن سميت 70 کان وڌيڪ شهري مارجي ويا هئا، صدر ٽرمپ ڪيميائي حملن کانپوءِ بشار الاسد کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. ٽرمپ جو چوڻ آهي ته شام تي هوائي حملو اهم قومي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي، شامي صدر جي رويي کي تبديل ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي، بشار الاسد شام ۾ شهرين تي زهريلي گئس استعمال ڪئي. پينٽاگون جو چوڻ آهي ته ميزائل حملن کان اڳ روس کي آگاهه ڪيو ويو هو، هوائي اڏي جي ان حصن کي نشانو ناهي بڻايو ويو جتي روسي فوجي موجود هئا، حملن ۾ ڪيترائي شامي جهاز تباهه ٿيا آهن. ٻئي طرف شام ايئر بيس تي آمريڪي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪدني ان کي اڳرائي قرار ڏنو آهي. شامي اختيارين موجب حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ ايئربيس تي ٿيل حملو ڳري نقصان جو سبب بڻيو، حملي ۾ چار فوجي مارجي ويا آهن. شامي اختيارين جو موقف آهي ته آمريڪي حملن سان داعش ۽ ٻين دهشتگردن کي فائدو ٿيو آهي، انهن حملن سان شام جي پاليسي تبديلي نه ٿيندي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني هم منصب کي ذاتي طور تي حملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. شام ۾ اپوزيشن اڳواڻن آمريڪي حملن جي حمايت ڪئي آهي ۽ بشار الاسد خلاف حملا جاري رکڻ جو چيو آهي. هوڏانهن شام تي آمريڪي ڪارروائي کانپوءِ روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهـُرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته روس شام ۾ آمريڪي سان سهڪار به روڪي سگهي ٿو. روسي ميڊيا موجب روس جي پارلياماني ميمبرن شام ۾ آمريڪي هوائي حملي کي سياسي ٻٽو معيار قرار ڏنو آهي. روسي دفاعي ڪميٽي جي سربراهه چيو آهي ته شام ۾ آمريڪي هوائي حملو دهشتگردي خلاف مقابلي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب شام ۾ آمريڪي حملي تي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هـُو هوائي ڪارروائي ذريعي آمريڪا جي شام کي ڏنل واضح پيغام جي حمايت ڪن ٿا. ايران شام ۾ آمريڪي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي....     (تاريخ: جمعو 07 اپريل 2017 ٽائيم: 19:09 )


Design & Developed by Aftab Tunio