Fri May 26 2017
تازا ترين:  
* ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي * عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو * اسلام آباد: هاري اتحاد پاران ڊي چوڪ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي، پوليس پاران مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال * قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه به ريلي ۾ شريڪ * غريب محنت ڪري ٿو ۽ اسان ايوانن ۾ ويهي مزا ماڻيون ٿا: خورشيد شاهه * ملڪ جي 80 سيڪڙو ماڻهن جو دارمدار زراعت تي آهي: خورشيد شاهه * هاري ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: خورشيد شاهه * پاڙيسري ملڪ هارين کي بهترين پئڪيج ڏيندا آهن: خورشيد شاهه * ڪراچي: گورنر سنڌ پاران ڊائو يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت * وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 20 شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا * ڊائو يونيورسٽي طبي تعليم جو عالمي سطح تي مڃيل ادارو آهي: محمد زبير * آءِ ٽي جي دور ۾ ليپ ٽاپ جي وڏي اهميت آهي: گورنر سنڌ * شاگردن کي صحيح رهنمائي جي ضرورت آهي: گورنر سنڌ * ڪراچي: سپلا پاران امتحانن جو بائيڪاٽ، امتحاني سينٽرن کي تالا هڻي ڇڏيا * وڏي وزير نوٽيس ورتو، وڏي وزير پاران تعليم واري وزيرکي امتحاني سينٽرن جو دورو ڪرڻ جي هدايت * استاد مهذب طريقي سان پنهنجو موقف پيش ڪن: تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر * استاد کي ان طرح جي قدمن کڻڻ سان شاگردن ۾ غلط تاثر ويندو: ڄام مهتاب ڏهر * اسان چاهيون ٿا ته ٻارن جو مستقبل خراب نه ٿئي: تعليم وارو وزير * اسلام آباد: منشيات ٽوڙ عدالت ۾ ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس جي ٻڌڻي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي موسيٰ گيلاني عدالت ۾ پيش، 3 جوابدارن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي * ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم پاران پرڏيهه ۾ پنهنجي ملڪيت جا اختيار پٽ حوالي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ، عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي * ڪابل: ننگرهار ۾ سرچ آپريشن، داعش جا 12 دهشتگرد مارجي ويا:ذريعا * ميرپور ماٿيلو:آبادگارن جو چيف انجنيئر گڊو ۽ ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو * لاڙڪاڻو:اوڍا برادري ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 2 ٻارڙا فوت * 10ورهين جي ڪائنات ۽ بابر علي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت، فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو * سن: انڊس هاءِ وي تي ٿيندڙ روڊ حادثن خلاف ايس يو پي جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، مسافرن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون * ڪنڊيارو: گوادر واقعي ۾ شهيد ٿيل 9 پورهيتن جي وارثن جي مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف لاکا برادريءَ جو مظاهرو * بوزدار وڏا: ڳوٺ هاشم گوپانگ وٽ ميرواهه ۾ پير ترڪڻ سبب 7 ورهين جو علي حيدر گوپانگ ٻڏي ويو، ڳولا جاري * ڀريا روڊ: چانهيو روڊ تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽئين درجي جو شاگرد زبير احمد چنه فوت * ٺٽو: هفتو اڳ عدالت مان واپس ويندڙ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل محمد خان ڀٽي اسپتال ۾ فوت، فوتين جو انگ 4 ٿي ويو * لعلو رائنڪ: بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو * مانجهي پور: ڳوٺ پنهور سنهڙي ۾ چئن ورهين جو محرم علي جت ارڙيءَ وگهي فوت * شڪارپور: آپڪا روڊس کاتي جو با اثر ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو * ٺل: پوليس جي ڪارروائي، 3 روپوش جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون هٿ * ٺل: فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو * جهرڪ: ڪار ڪلٽي، 3 ڄڻا زخمي * ميرپور ماٿيلو: ڏهرڪي ۾ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان وارو مامرو، عبدالرزاق لاڙڪ جي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او فرار * پوليس لائين ۾ گرفتار ٿيل سيف الله ٻگهيو وجهه وٺي ڀڄي ويو * ايس ايڇ او ڪوارٽر گهاٽ ٿيل هو، جنهن کي پٽي ڀائين ڀڄايو: ذريعا * ايڊيشنل اي آءِ جي ڊاڪٽر ولي الله دل پهتو، معاملي جي جاچ شروع * ميرپور ماٿيلو: ٻنڌ مائينر کي آر ڊي 25 وٽان 40 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پهتو * قادرپور: ڀٽا گهيڙ وٽان جاڙي شاخ هڪ ڏينهن کان اوور ٽاپ وهڻ لڳي، گهاري پوڻ جو خطرو، پاڻي شهر طرف وڌڻ لڳو * راڌڻ: شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شاهي بازار جي دڪاندارن جو احتجاجي مظاهرو *

مير پور ماٿيلو ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي ، 15 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

مير پور ماٿيلو ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي ، 15 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

ميرپور ماٿيلي ويجهو تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گرڊ اسٽيشن وٽ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ ياسر علي، محمد عمران، سجاول، مسمات نسيم، فرزانه، عامر، اشرف ۽ عاسيه زخمي ٿي پئي، جن مان 4 ڄڻن ياسر، مسمات نسيم، عامر ۽ عاسيه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. مسافر ڪوچ راولپنڊي کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.....     (تاريخ: جمعو 19 مئي 2017 ٽائيم: 12:26 )


Design & Developed by Aftab Tunio