Mon Sep 25 2017
تازا ترين:  
* * دير بالا: ڊونگ دره ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه: پوليس * گهر کي باهه لڳڻ سبب 6 ٻار سڙي فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي * فوتين ۾ 5 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ شامل آهي: پوليس * ڪوئيٽا: اختر آباد ۾ ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر،5 ڄڻا فوت 8 زخمي * ڪراچي: ڪلفٽن جي علائقي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ ريسٽورنٽ کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو * فائر برگيڊ جي عملي 2 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو * عمارت جي پهرين ٻي ۽ ٽئين ماڙ کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو * ريسٽورنٽ کي باهه بجلي شارڪٽ مان لڳي آهي: پوليس * باهه ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا: پوليس * فيصل آباد: گٽر جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 ڄڻا فوت * رشيد آباد ۾ گٽر ۾ زهريلي گئس ڀرجڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿيا: پوليس * نيويارڪ: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستاني سفير مليحا لوڌي جو خطاب * مليحا لوڌي ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت کي دهشتگردي جي ماءُ قرار ڏئي ڇڏيو * ڀارت پاڪستان خلاف الزام تراشين تي لهي آيو آهي: مليحا لوڌي * ڀارتي وزيراعظم گجرات ۾ مسلمانن جي قتل ۾ ملوث آهي: مليحا لوڌي * ڪشمسير ڀارت جو حصو ناهي، اتي قبضو ڪيو يو آهي: مليحا لوڌي * عالمي برادري ڀارت کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀڃڪڙين کان روڪي: مليحا لوڌي * ڀارت دهشتگردي کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: مليحا لوڌي * ڳالهين لاءِ ڀارت کي دهشتگردي جي پاليسي ختم ڪرڻي پوندي: مليحا لوڌي * ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جون ڀڃڪڙيون جاري آهن: مليحا لوڌي * پاڪستان سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي چاهي ٿو: مليحا لوڌي * ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوھن جي جاچ ٿيڻ گھرجي: مليحا لوڌي * ڀارت پھرين پاڪستان ۾ دھشتگردن جي مدد ڪرڻ بند ڪري: مليحا لوڌي * ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ جاسوسي جو اعتراف ڪيو آھي: مليحا لوڌي * گڏيل قومن جي ٺھرائن تي عمل کان انڪار جارحيت ۽ دوکو آھي: مليحا * ڳالھين لاءِ پاڪستان جا دروازا کليل آھن: مليحا لوڌي * پاڪستان سڀني مسئلن جو حل ڳالھين ذريعي چاھي ٿو؛ مليحا لوڌي * ڳالھين لاءِ ڀارت کي رياستي دھشتگردي جي پاليسي ختم ڪرڻي پوندي: مليحا لوڌي * ڀارت ۾ ڪابھ اقليت محفوظ ناھي: مليحا لوڌي * ڀارتي حڪمران جماعت جا ھٿ خون سان رڱيل آھن: مليحا لوڌي * راولپنڊي: ايل او سي نڪيال سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ: آءِ ايس پي آر * ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ھڪ ٻارڙي شھيد ۽ 2شھري زخمي: آءِ ايس پي آر * شھري آبادي کي ھٿيارن ۽ مارٽر گولن سان نشانو بڻايو ويو: آءِ ايس پي آر * پاڪ فوج پاران ڀارتي فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو ويو: آءِ ايس پي آر * لنڊن: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات * اين اي 120تي جمهوريت جي فتح ٿي: وزيراعظم * آمريڪا جو دورو ڪامياب رهيو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي * نواز شريف سان ملڪي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون: وزيراعظم * ملاقات حسن نواز جي آفيس ۾ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي * لنڊن: ڪلثوم نواز جي ٽئين آپريشن ٿي:نواز شريف * مشاورت ٿيندي رهندي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندي رهندي: نواز شريف * پاڪستان جي عوام اسان جي بيان جي تائيد ڪئي: نواز شريف * حالتون عجيب رخ اختيار ڪري سگهن ٿيو: نواز شريف * جي ٽي روڊ تي جيڪي ڳالهيون ڪيون اهو منهنجو اصولي موقف هو: نواز شريف * مشاورت سٺو عمل آهي، مشاورت سان اڳتي وڍڻ گهرجي: نواز شريف * اين اي 120تان جيڪي ماڻهو گم ٿيا ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي: نواز شريف * ڪراچي: سي پيڪ جي جوائنٽ ورڪنگ گروپ طرفان ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي منظوري ڪراچي جي ماڻهن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي:وڏو وزير مراد علي شاهه * اهو اسان جي لڳاتار ۽ بهتر ڪوششن جو نتيجو آهي: وڏو وزير * سي پيڪ جي جوائنٽ ورڪنگ ڪميٽي جي اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سنڌ سرڪار جي ٽن منصوبن ڪي سي آر، ڪيٽي بندر ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ڌاٻيجي تي غور ڪيو ويو: وڏو وزير * گڏجاڻي ۾ صوبي جي ٽنهي اهم منصوبن جي منظوري ڏيندي معاملو جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو:وڏو وزير مراد علي شاهه * سي پيڪ منصوبو سنڌ جي معيشيت کي مضبوط ۽ پائيدار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو:وڏو وزير * ميرپورماٿيلو:يارولنڊ ويجھو ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،ھڪ ڄڻو فوت * حادثي ۾23 ورھين جو درشن لال مينگھواڙ فوت ٿيو * اوٻاوڙو: ٻھ ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل 12ورھين جو نينگر بازياب * بلال غوري کي ھٿياربند اوٻاوڙو باءِ پاس ويجھو ڇڏي فرار ٿي ويا: پوليس * بوزدار وڏا:سئي گيس ويجھو سلينڊر ڦاٽڻ سبب ھڪ ڄڻو زخمي، اسپتال منتقل * سي اين جي اسٽيشن تي سلينڊر ڦاٽڻ سبب ارشاد علي زخمي ، گمبٽ اسپتال داخل * ڪنڌڪوٽ:ڪشمور پوليس جو بي ايس فيڊر ويجھو ڇاپو * ڪچو شراب ٺاھيندڙ 4جوابدار گرفتار، شراب ۽ سامان ھٿ: پوليس * ڪراچي: جمالي پل ويجھو ھٿياربندن جي فائرنگ، ھڪ ڄڻو مارجي ويو: ذريعا * ڪراچي: سپر مارڪيٽ ويجھو پوليس جي ڪارروائي، ھڪ جوابدار گرفتار * جوابدار جي قبضي مان ھٿيار ۽ موبائل فونز ھٿ، ڪيس داخل: پوليس * گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ، طارق عرف ديوانا جي نالي سان ٿي آھي: پوليس * جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ھئڻ جو اعتراف ڪيو آھي: پوليس * ڪراچي: جهانگارا کان ڪراچي خوف سبب منتقل ٿياسين: تانيا جي امڙ * ڪٽنب کي موتمار ڌمڪيون ملڻ باوجود سيڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي * خاصخيلي اتحاد رهائش ۽ خانگي سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو آهي * هڪ نياڻي تانيا مارجي وئي ٻين نياڻين کي خطرو آهي: تانيا جي امڙ * حڪومت رهائش ۽ روزگار فراهم ڪري، دربدري کان بچائي: تانيا جي امڙ * جيستائين ڌيءُ جي قاتلن کي ڦاهي تي نه چاڙهيو ويندو سک سان نه ويهنداسين:تانيا جي امڙ * غوثپور: ڳوٺ رضا محمد جعفري ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو * جرڳو برداري جي چڱي مڙس عزيز علي جعفري ۽ محمد مراد جعفري جي سرپئنچي هيٺ ٿيو * ڏوهه ثابت ٿيڻ تي الله رکيو جعفري واري ڌر مٿان 24لک ڏنڊ مقرر،ڌريون کير کنڊ *

سپريم ڪورٽ  پاناما عملدرآمد ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ پاناما عملدرآمد ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ پاناما عملدرآمد ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي پهرين ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ ، جماعت اسلامي ۽ شيخ رشيد احمد دليل مڪمل ڪري ورتا.پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته ٻن ججن 20 اپريل جي فيصلي ۾ وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو ، ٽن ججن وڌيڪ جاچ جي هدايت ڏني، هاڻي بينچ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ٻن ججن جو فيصلو صحيح هو يا نه؟ سندس چوڻ هو ته طارق شفيع جو بيان جي آءِ ٽي غلط ثابت ڪيو، ٽرسٽي هجڻ لاءِ لازمي هو ته مريم نواز وٽ بيريئر سرٽيفڪيٽ هجي، جاچ دوران مريم نواز اصل سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪيو. هن چيو ته الثاني خاندان جي 12 درهم ملين جي حوالگي به ثابت نه ٿي، گلف اسٽيل مل وڪرو نه ٿي، حسن ۽ حسين نواز جي بيانن ۾ تضاد آهي، قطري خط ۽ ورڪ شيٽ ٻئي بوگس آهن. جسٽس اعجازالحسن نعيم بخاري کان پڇاڻو ڪيو ته قطري خط بوگس آهن يا جوڙيل ڪهاڻي، ڪيس ۾ لکيل آهي ته جاچ اڃا جاري آهي. جنهن تي نعيم بخاري جواب ڏيندي چيو ته سندس نظر ۾ ٻئي بوگس آهن، شريف خاندان وٽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون آهن، حسن نواز 2006 کان اڳ رقم برطانيا منتقل ٿيڻ بابت اڻڄاڻائي ڏيکاري. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جي آءِ ٽي موجب قطر ۾ سيڙپڪاري لاءِ رقم نه هئي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته شهباز شريف جي آءِ ٽي آڏو شاهد طور پيش ٿيو، قانوني حدون نظر ۾ رکي فيصلو ڪرڻو آهي. نعيم بخاري چيو ته حديبيه ڪيس ۾ قطري خاندان جو ڪٿي به ذڪر نه آهي، جنهن تي جسٽس عظمت چيو ته حديبيا ڪيس ۾ قطري خاندان جو ذڪر هجڻ ضروري نه هو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته قطري شهزادي جو بيان وٺڻ ضروري ناهي جنهن تي جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته ڇا دستاويزن جي ڪاپي تصديق ٿيل آهي. جنهن تي نعيم بخاري جواب ڏنو ته دستاويز اڻ تصديق ٿيل يعني ڪوڙا آهن. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ته هنن به پڙهي آهي هو جي آءِ ٽي جي فائينڊنگز جا پابند ناهن، جي آءِ ٽي جي فائينڊنگز سڄو ملڪ ڄاڻي چڪو آهي، ان تي عمل ڇو نه ڪيو ويو. جماعت اسلامي جي وڪيل توفيق آصف چيو ته نواز شريف قطري خط کي صحيح قرار ڏنو پر اهو ثابت نه ٿي سگهيو. شريف خاندان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجي اختيارن کي اورانگهيو، عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪري هو چاهين ٿا ته عوام ۽ عدالت جو وقت ضايع نه ٿئي. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته پنهنجي لفظن جو استعمال احتياط سان ڪيو، پنهنجي دليلن کي اشوز تائين محدود رکو. خواجا حارث جا دليل جاري هئا ته عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي........     (تاريخ: سومر 17 جولاءِ 2017 ٽائيم: 16:08 )


Design & Developed by Aftab Tunio