Mon Oct 23 2017
تازا ترين:  
* ‏ *سکر: مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه جو تقريب کي خطاب * غلط پاليسين سبب پاڪستان ٽٽي ويو: خورشيد شاهه *اڄ ماڻهو بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن: خورشيد شاهه * اڄ نعرو لڳي رهيو آهي ته نئو پاڪستان ٺاهينداسين * نئون پاڪستان ته ذوالفقار علي ڀٽي ٺاهي ڏنو: مخالف ڌر اڳواڻ * بلاول ڀٽو اسان جي اميد آهي ۽ هو ناني جي سياست اڳتي وڌائيندو: خورشيد شاهه * حڪمران قرض وٺي پاڪستان کي تباهه ڪري رهيا آهن: خورشيد شاهه * غلط پاليسين سان هاري تباهه ۽ فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن: خورشيد شاهه *هڪ آمر اسان کان ڀٽي جهڙو اڳواڻ کسيو، پ پ عوام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون: خورشيد شاهه * مشرف دور ۾ 2 کربن واري آئل رفائنري 17 اربن ۾ وڪرو ڪئي وئي * حڪمران امير ٿيندا پيا وڃن ۽ عوام غريب: خورشيد شاهه *ڀارت اڄ مسلمان ملڪن کي اسان خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي: خورشيد شاهه جو تقريب کي خطاب * ڪراچي: پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو پشاور روانو *بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندو *موهن جو دڙو: ڳوٺ خيرمحمد جهتيال ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22ورهين جي صائما جهتيال فوت *ٺٽو: گهرو اڻبڻت تان ڏير هٿان ڀاڄائي قتل * ساڏورو ۾ جوابدار رحيم بخش بروهي فائرنگ ڪري حاجاڻي کي قتل ڪيو *ڇاڇرو: ڳوٺ صالو ڀيل ۾ باهه لڳڻ سبب 20گهر سڙي ويا *ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ ۾مصروف * ‏نيوسعيد آباد: اداڪار شهباز دراني جي جنازي نماز اسٽيشن گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي * جنازي نماز ۾ صوبائي وزير جميل الزمان سيمت علائقي جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت * ڪراچي: سنڌ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ * اين اي ڊي يونيوسٽي ۾ ٽيسٽ سبب رش، يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ متاثر * سنڌ ۾ميڊيڪل يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ *ڪراچي ۾ ڊائو ، سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽيز لاءِ ٽيسٽ ورتي پئي وڃي *هڪ هزار پنجاهه سيٽن لاءِ يارنهن هزار اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن *اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ سبب رش ، حفاظتي انتظام سخت *چانڊڪا ميڊيڪل ۽ آصفه ڊينٽل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ *ٻه سئو پنجاهه سيٽن لاءِ 4700 اميدوار پي ٽي ايس ۾ ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن *نواب شاهه پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي پئي وڃي *ٻه سئو پنجاهه سيٽن لاءِ 1100 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن : وائس چانسلر *حفاظتي انتظامن لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي آهي: پروفيسر اعظم يوسفاڻي *نتيجا اڄ شام ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا : پروفيسر اعظم يوسفاڻي *سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ *پبلڪ اسڪول ۾ 3200 اميدوار داخلا لاءِ حصو وٺي رهيا آهن *حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا لاءِ ٽيسٽ * 7000اميدوار پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن : ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا *25آڪٽوبر تي نتيجو پڌرو ڪيو ويندو : ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا *ڪراچي: رينجرز ۽ سي ٽي ڊي گذريل رات رئيس ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي: ترجمان رينجرز *ڪارروائي انصارالشريعه جي دهشتگردن جي موجودگي تي ڪئي وئي:ترجمان رينجرز *دهشتگردن جي ٽيڪنيڪل ۽ڳجهي معلومات جي جاچ ٿي رهي هئي:ترجمان رينجرز *آپريشن دوران رينجرز ۽ دهشتگردن ۾ شديد فائرنگ ٿي : ترجمان رينجرز *فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا:ترجمان رينجرز *زخمي دهشتگرد اسپتال منتقل ڪندي فوت ٿي ويا : ترجمان رينجرز *مارجي ويل ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي : ترجمان رينجرز *شهريارعرف عبدالله هاشمي انصارالشريعه جو اميرهو:ترجمان رينجرز *عبدالله هاشمي ڪراچي ۾دهشتگرد حملن جو ماسٽر مائينڊ هو:ترجمان رينجرز *مارجي ويل ٻئي دهشتگرد جي سڃاڻپ ارسلان بيگ طور ٿي آهي: ترجمان رينجرز *ارسلان بيگ ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم جو حصو هو : ترجمان رينجرز *مارجي ويل باقي دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي: ترجمان رينجرز *ڪراچي: ٻن مهينن ۾ جي آءِ ٽي جوڙي سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي: لياقت بلوچ *احتساب هڪ خاندان تائين محدود نه ٿيڻ گهرجي : لياقت بلوچ *ڪرپٽ ماڻهو جو احتساب ٿيڻ گهرجي : لياقت بلوچ *سپريم ڪورٽ جون ذميواريون وڌي ويون آهن : لياقت بلوچ *پاڪستان ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ هدف آهي: لياقت بلوچ *ختم نبوت شق تي راڻا ثناءَ الله جو بيان مذمت جوڳو آهي: لياقت بلوچ *شهباز شريف کي گهرجي ته هو راڻا ثناءَ الله کي هٽائي : لياقت بلوچ ‏‎*‎‏ ڪوئيٽا: ڪوهلو بارودي سرنگهه‎ ‎‏ جو ڌماڪو *ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي * ڪڪڙ : ڳوٺ گل محمد چانڊيو ۾ ڪالهه قتل ٿيل حاڪم زادي جو ڪيس داخل * ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي تي سندس ڀاءُ مور علي بڪيرو جي فرياد تي مقتولا عورت جي مڙس نثار احمد چانڊيو ۽ سندس سئوٽ ديدار علي چانڊيو سميت چئن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو* پوليس مقتولا عورت جي مڙس نثار احمد چانڊيو ۽ ديدار چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو * * سيوهڻ: پي ٽي آئي اڄ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي * جلسي جا سمورا انتظام مڪمل *ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري * جلسي کي عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا * ھالا: ڳوٺ صالح منڱريو ويجھو تارا مائينر کي 20 فوٽ گھارو * سوين ايڪڙ فصل پاڻي ھيٺ، آبپاشي عملو نھ پھتو * روهڙي: قومي شاهراهه تي گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت * ميرپور ماٿيلو: ڳوٺ رامڻ لنڊ ۾ پراسرار نموني ناري قتل *تنگواڻي: جماعت اسلامي پاران سارين جا اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *نصيرآباد: پ پ شهيد ڀٽو پاران سارين جو اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو * باڊهه: واپارين ۽ شهرين جو ڀتا خوري خلاف احتجاجي مظاهرو*فيض گنج: پندريو واهه کي آر ڊي 17وٽان 20فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *مقصودو رند: گذريل ڏينهن جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پنج ورهين جي دعا خاصخيلي فوت،وارثن جو شهدادپور روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *ٿرري محبت: 8مهينا اڳ ڪوٽڙي مان اغوا ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور فاروق لغاري جو لاش بريد واري اسٽاپ وٽان هٿ * مدئجي: ڳاهيجا پوليس جي مبينا زيادتين خلاف علائقي واسين جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *وارهه : پ پ شهيد ڀٽو پارن سارين جا اگهه نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *نواب شاهه: دوڙ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت *فوتين ۾ عبدالله چانڊيو، فيصل رند ۽ عرفان رند شامل * (((پرڏيهي خبرون)))) * واشنگٽن: ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو * سوشل ميڊيا جي استعمال بغير صدارت کٽي نه سگهان ها: ٽرمپ * سوشل ميڊيا تي پيغام ائين ئي آهي ڄڻ ٽائيپ رائيٽر تي لکڻ: ٽرمپ * سوشل ميڊيا تي پيغام سڌو سنئون دنيا تائين پهچي ٿو: ڊونالڊ ٽرمپ * ڪير منهنجي باري ۾ لکندو آهي ته فوري جواب ڏيندو آهيان: ٽرمپ * سوشل ميڊيا پيغام رسائي جو بهترين پليٽ فارم آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * سڌي سنئين پيغام سان غير شفاف ميڊيا ڪوريج کان بچي سگهجي ٿو: آمريڪي صدر *

پنگريو ويجهو ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پنگريو ويجهو ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پنگريي ويجهو ٻن ڌار ڌر روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 9ڄڻا زخمي ٿي پيا. انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سمن سرڪار تي ويندڙ زائرين سان ڀريل ڊاٽسن ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا. پوليس موجب، حادثن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن کي پنگريو جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. ڊڪٽر موجب، حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت سميت 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي....     (تاريخ: اڱارو 10 آڪٽومبر 2017 ٽائيم: 15:49 )


Design & Developed by Aftab Tunio