تازه ترين
ناليواري اداڪار سلطان راهي جي وڇوڙي کي 21 سال گذري ويا

پاڪستاني فلمن جي ناليواري اداڪار سلطان راهي جي وڇوڙي کي 21 سال گذري ويا، فلمن ۾ مظلومن کي انصاف فراهم ڪندڙ کي قانون انصاف نه ڏياري سگهيو. سلطان راهي جو اصل نالو حاجي حبيب احمد هو، هـُو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي مظفر نگر بجنور ۾ 1938ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ورهاڱي وقت گوجرانوالا آيو. سلطان راهي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات اسٽيج ڊرامي کان ڪئي جنهن سندس نالو نادر شاهه راني رکيو ويو جڏهن ته 1959ع ۾ فلم “باغي” ۾ ايڪسٽرا اداڪار جي حيثيت سان ڪم ڪيو. 70ع واري ڏهاڪي ۾ فلم بشيرا ذريعي اهڙي انٽري ڏني جو فلمن جو ايڪسٽرا اداڪار فن جو سلطان سڏجڻ لڳو. احمد نديم قاسمي جي افساني گنڊاسا کان ناصر اديب اهڙو ڪردار تراشو جو هر طرف پهريان وحشي جٽ ۽ پوءِ مولا جٽ جا چرچا ٿيڻ لڳا. سلطان راهي جي مصطفيٰ قريشي سان جوڙي مشهور ٿي ۽ فلم اسٽار انجمن ۽ صائمه هيروئن طور نالو ڪمايو. سلطان راهي اٽڪل 750 جي لڳ ڀڳ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس نالو گينز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به لکيو ويو هو. پنهنجي ذاتي زندگي ۾ سلطان راهي مذهب سان چاهه رکندڙ هو ۽ هن ڪيترائي حج ۽ عمري جي سعادت ماڻي. سلطان راهي پنجابي کانسواءِ ڪيترين ئي اردو فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ کيس فلمي دنيا ۾ وڏن ايوارڊن سان نوازيو ويو. پنجابي فلمن جي سلطان راهي کي 1996ع ۾ گوجرانوالا ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ اڄ تائين فلم ۾ مظلومن کي انصاف ڏياريندڙ کي قانون انصاف نه ڏياري سگهيو...

خبرون