تازه ترين
قومي شاعر ابراهيم منشي جي وڇوڙي کي 14سال ٿي ويا  ، اڄ سندس ورسي ملهائي پئي وڃي

قومي شاعر ابراهيم منشي جي وڇوڙي کي اڄ 14سال مڪمل ٿي ويا. سنڌ جي عاشق شاهڪار گيتن وسيلي پنهجي ڌار سڃاڻپ ٺاهيندڙ شاعر ابراهيم منشي 15جنوري 1934تي ٽنڊي محمد خان ويجهو ڳوٺ جنهاڻ سومرو ۾ محمد اسحاق سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو. 12سالن جي عمر ۾ هن شاعري جي شروعات ڪئي. قومي شاعري ڪرڻ تي ابراهيم منشي کي ٽي ڀيرا جيل جو منهن ڏسڻو پيو، هن 41مهينا جيل ڀوڳيو . ابراهيم منشي جا پنج ڪتاب لکيل آهن جنهن ۾ ڌرتي دين ڌرم، وڳهه جا وريام ، پيغام، مظلوم، گوندر ويندا گذري، ڌونئري ڏينهن ڌاڙا، شامل آهن. هڪ مند چري آهي، جنگ جنگ آ، نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي سو سنڌ ڇڏي وڃي، ڪٽيون قيد جهڙن شاهڪار گيتن سميت ڪيترا ئي ڪلام سندس تخليق ڪيل آهن. شاعر ابراهيم منشي 31جولاءِ 2003تي لاڏاڻو ڪري ويو . سندس قلمي پورهيو اڄ تائين ختم ناهي ٿي سگهيو، ابراهيم منشي جا گيت اڄ به فضائن ۾ گونجي رهيا آهن

خبرون