تازه ترين
اسلام آبادجي قائداعظم يونيورسٽي ۾ ٻيهر احتجاج شروع، هڪ سو شاگرد گرفتار ٿي ويا

* اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران احتجاجي مظاهري سبب يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل هڪ ڀيرو ٻيهر معطل ٿي ويو آهي. جڏهن ته زبردستي ڊپارٽمينٽ بند ڪرائيندڙ هڪ سئو شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل 19 ڏينهن بعد ٻيهر شروع ٿيو ته شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن سبب يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي بند ٿي ويو. يونيورسٽي جي شاگردن صبح جو احتجاج شروع ڪيو جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏي جنهن بعدپوليس هڪ شاگرد تنظيم جي ڪيترن ئي ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو. ان کان اڳ خميس ۽ جمعي جي رات هڙتال ڪندڙ شاگردن ۽ يونيورسٽي انتظاميا ۾ ڳالهيون ٿيون هيون جنهن ۾ فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ بعد 16 ڏينهن کان جاري احتجاج ختم ڪري يونيورسٽي ٻيهر کولي وئي هئي. اڄ صبح جيئن ئي يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل ٻيهر شروع ٿيو ته يونيورسٽي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي ۽ جڏهن احتجاج ڪندڙ شاگرد پهتا ته پوليس کين گرفتار ڪري ورتو.....

خبرون