تازه ترين
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا پاران لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا پاران لڳايل الزامن کي رد ڪندي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪاروائي ڪئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ مسلسل پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي، افغانستان جي ڌرتي کي پاڪستان خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب تي ٿيل ميزائل حملي جي پاڪستان مذمت ڪري ٿو، پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل وڌيڪ چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي گڏيل پڌرنامي جي حمايت ڪري ٿو، والاريل بيت المقدس بابت اصولن جي بنياد تي ووٽ ڏنو ويندو . هنگو ۾ ٿيل واقعي بابت غلط معلومات پکيڙي پئي وڃي ۽ اتي هڪ صدي کان رهندڙ سِکَ پاڪستاني شهري آهن معاملو پراڻو آهي جنهن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. ڊاڪٽر فيصل جو وڌيڪ چوڻ هو ته 291 ڀارتي مهاڻن کي انساني حقن جي بنياد تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي ڦاسي واري فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ 2030 تائين سي پيڪ جي منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو ........

خبرون