تازه ترين
پهرين عمران خان ڪوڙو هو، هاڻي ووٽ چور به بڻجي ويو آهي:نون ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب

* ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ اجلاس کانپوءِ ميڊيا ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته گڏيل اتفاق راءِ سان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جي اجلاس ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل ڌانڌلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن جي ڪوتاهين ۽ نااهلي تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته اميدوارن کي فارم 45 اڄ تائين نه ڏنو ويو ۽ جتي فارم 45 ڏنو ويو، انهن ۾ گهڻا نتيجا ڪچين پرچين تي شامل هئا. مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جا چونڊ نتيجا روڪيا ويا ۽ هڪ ئي وقت سڄي پاڪستان ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم کي ويهاريو ويو ته جيئن ان جو استعمال نه ٿي سگهي. مريم اورنگزيب چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف 8 آگسٽ تي ملڪ جون سمورين وڏين پارٽين تي ٻڌل پاڪستان الائنس فار فري اينڊ فيئر اليڪشن طرفان اي سي پي جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته اجلاس ۾ ميڊيا تي جبري سينسر شپ تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ آزاد صحافت جو آواز دٻائڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي............

خبرون