تازه ترين
فرعون جي زال ۽ ان جي سالي جا حنوط ٿيل لاش هٿ

مصر جي تاريخي بادشاهي قلعي توتن خامون مان مليل ڪيترائي سال پراڻي پراسرار دٻي کي کوليو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي يونيورسٽي جي ماهرن کي 1922ع ۾ 63 مزارون مليون هيون ۽ پراسرار دٻو به مليو هو جنهن کي ملعون قرار ڏنو ويو هو. قديمي آثارن جي ماهرن هن پراسرار دٻي کي تحويل ۾ وٺي عجائب گهر منتقل ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ گذريل ڏينهن ان کي ميڊيا جي موجودگي ۾ کوليو ويو. دٻو کلڻ کان اڳ مختلف قسم جون اڳڪٿيون ڪيون ويون هيون جڏهن ان کي کوليو ويو ته ان ۾ مصري فرعون جي زال ۽ ان جي سالي جا حنوط ٿيل لاش مليا. ماهرن موجب مصر جي اولهه نائل فرعونن جي ماٿري هئي جتان حنوط ٿيل لاشن جو واسطو آهي. ان کانسواءِ ساڍا ٽي هزار سال اڳ انساني سيني جو حصو به مليو جنهن کي قاهره جي عجائب گهر ۾ رکيو ويو. مصري آثارِ قديمه کاتي سيني جي دريافت کي سڀ کان قديم قرار ڏنو. ڊاڪٽر عيسيٰ زيدان جو چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ هن سيني جي حصي کي کولي وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته باڪس کولڻ کان اڳ ڊاڪٽرن ان کي اسان لاءِ سڌي ريت باڪس کولڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي اسان قبول ڪيو ۽ ميڊيا جي موجودگي ۾ ئي اهو عمل انجام ڏنو.

خبرون