تازه ترين
سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ  ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو ناليوارو اديب، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڊينگي بخار سبب سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل هو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو چيئرمين هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جون علمي ۽ ادبي خدمتون سدائين ياد رهنديون. ڪمال ڄامڙو بي اي آنرز جي سند ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ هُن سنڌي ادب ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر پڻ رهيو. ڊاڪٽر ڪمال 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ۾ليڪچرار پڻ رهيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو مقالو سنڌو جا گيت لکي ڪراچي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ريديو پاڪستان تي ادبي پروگرام پڻ ڪيا جڏهن ته ڪمال ڄامڙو اخبارن، رسالن، ميگزين ۾سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر پڻ رهيو.

خبرون