تازه ترين
آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ سياري جو وڏو طوفان، برفباري، لکين ماڻهو ڦاسي پيا، سوين اڏامون معطل

آمريڪا ۾ سياري جي مند جي وڏي طوفان سبب ڪيتريون ئي رياستن ۾ سخت سيءُ ۽ برفباري ٿي آهي، 10 لک کان وڌيڪ آبادي بجلي کان محروم آهي ۽ سوين اڏامون معطل ڪيون ويون آهن. آمريڪي ميڊيا موجب سخت ٿڌ ۽ برفباري سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيڻ جا به اطلاع آهن، جڏهن ته جارجيا، نارٿ ڪيرولينا ۽ ڪينٽڪي ۾ هنگامي صورتحال لاڳو ڪئي وئي آهي. سخت ٿڌ ۽ برفباري سبب آمريڪا ۾ ڪرسمس جي موڪلن دوران سفر ڪندڙ لکين ماڻهو ڏکيائين جو شڪار آهن، ٻن ڏينهن دوران 4 هزار 500 اڏامون ۽ مڊ ويسٽ ۾ سوين ٽرينن جي اچ وڃ معطل ڪئي وئي آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن موسم جي سنگيني کان خبردار ڪندي عوام کي چيو آهي ته اهي اختيارين جي وارننگ تي عمل ڪن. آمريڪا کانسواءِ ڪينيڊا جي اوڀرئين حصي ۾ به سخت سيءُ ۽ برفباري آهي، ٽورنٽو ۾ پڻ ڪيتريون ئي اڏامون معطل يا دير جو شڪار آهن.

خبرون