تازه ترين
حيدرآباد واسڻ ناياب رضا پاران پاڻي مان هٿرادو ڀاڻ تيار ڪرڻ جي دعويٰ

ناياب رضا مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردياڻي آهي جنهن هٿرادو ڀاڻ تيار ڪري ورتو آهي، هن پنهنجي ريسرچ بابت ٻڌايو ته 2020 کان هن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو مسلسل ٽي سال هليو جنهن بعد کيس نتيجو مليو پر هو ڪڏهن به دل شڪسته به ٿي هن چيو ته جزا وٺڻ لا تمام گهڻيون ڏکيايون ٿيون پر هن محنت جاري رکي ، هن ٻايو فرٽيلائيزر ٺاھڻ واري منصوبي بابت ٻڌايو ته هن جو مقصد هو ته هو سنڌ سميت پاڪستان ۾ غير آباد زمينن کي آباد ڪري سگهي ملڪ ۾ زراعت کي هٿي وٺرائيجي ڇاڪاڻ ته ملڪ جو گهڻو گذارو زراعت تي آهي جڏهن اسان جون غيرآباد زمينون به آباد ٿيڻ شروع ٿينديون ته زراعت ۾ ملڪ اڳتي ايندو ۽ سٺي پيداور ٿيندي ،هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيميڪل وارو ڀاڻ سالن کن استعمال ٿيندو پيو اچي جيڪو ڪيترائي ٽن استعال ٿئي ٿو ان ڀاڻ سان زمين خراب ٿيڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي گيسون پيدا ٿيڻ ٿين ٿيون جنهن سان سنڌ سميت ملڪ ۾ موسمي تبديلين جا هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن ،تيار ٿيل هٿرادو ڀاڻ بابت هن چيو جو چوڻ هو ته غيرآباد زمين به آباد ٿي وينديون هن دعوي ڪئي آهي ته سندس تيار ٿيل هٿرادو ڀاڻ سان هن ٽنڊو ڄام لڳ ٽنڊو قيصر ۾ ٽن مهنين ۾ خراب ٿيل زمين کي پوکي جي لائيڪ بڻايو آهي ،تيار ٿيل هٿرادو ڀاڻ رڳو ڀاڻ ناهي پر ٻيو به گهڻو ڪم ڪري ٿو هن چيو ته هڪ لٽير پاڻي وارو ڀاڻ هڪ ايڪڙ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان زمين بهتر ٿيڻ سان گڏو گڏ پيدوار سٺي ٿئي ٿي هن چيو ته ٽنڊو قيصر ۾ لڳل ٽرائيل کان پوءِ جڏهن خراب ٿيل زمينون بهتر ٿيڻ شروع ته هاڻ ٻين آبادگارن به رابطو ڪيو آهي ڪيميڪل واري ڀاڻ ۽ هٿرادو ڀاڻ جي خرچ بابت ٻڌايو ناياب ٻڌايو ته ڪيميڪل واري ڀاڻ کان هٿرادو ڀاڻ اوهان کي اد قميت کان به گهٽ اگهه ۾ پوندو ،زمينن کي گهڻو ڪيميڪل وارو ڀاڻ ڏيڻ سان موسمي تبديلين تي ۽ زمينون خراب ٿين ٿيون ڪامياب تجربي کان پوءِ ليب ۾ هڪ ليٽر هٿرادو ڀاڻ 500 ليٽر تائين جو سفر ڏاڍو اوکو طئي ڪيو هاڻ هو مهيني ۾ پنج سئو ليٽر پاڻي وارو هٿرادو ڀاڻ تيار ڪري سگهي ٿي،هن حيدرآباد واسڻ ۽ سنڌي هجڻ ڪري پراڊڪٽ جو نالو به ڀاڻ رکيو آهي هن جي دعويٰ ڪئي ته هو هن هٿرادو ڀاڻ سان ملڪ ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلن تي ضابطو آڻي سگهي ٿو ، وسائيل گهٽ هجڻ ڪري وڌيڪ ڀاڻ تيار نٿي ڪري سگهي ،ملڪ جي موسم هن هٿرادو ڀاڻ لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي آهي وسايل هجن ته هو هر مهيني ۾ 30 کان به وڌيڪ تيار ڪري سگهجي ٿي ،زمين جي پيداوار وڌائيڻ ۽ غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ هڪ ليٽر هڪ ايڪڙ لا ڪم ايندو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت سندس مدد ڪري ته هو هٿرادو ڀاڻ کي هٿي وٺرائي ملڪ کي صاف ۽ سرسبز ملڪ ٺاهيندي جيڪا سندس خواهش آهي ملڪ موسمي تبديلين جي انڊيڪس مان به نڪري ويندو

خبرون