تازه ترين
واٽس ايپ جي ڪالنگ فيچر ۾ وڏي تبديلي

مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ گروپ ڪال فيچر ۾ وڏي تبديلي ڪندي ڪال ڪندڙن جو انگ ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. واٽس اپ، ميٽا جي ملڪيت رکندڙ ميسيجنگ ايپليڪيشن گروپ ڪالز کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائي رهيو آهي، جنهن لاءِ هن واهپيدارن جي سهولت لاءِ ڪال ڪندڙن جو انگ پڻ وڌايو آهي. رپورٽ موجب واٽس اپ گروپ ڪالز ۾ 32 ماڻهن کي شامل ڪري سگهجي پيو، پر ڪال 7 يا ان کان گهٽ ماڻهن سان شروع ٿي سگهي پئي، پر هاڻي iOS لاءِ واٽس اپ جي بيٽا ورزن ۾ هڪ نئين تبديلي متعارف ڪئي پئي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميسيجنگ ايپ هاڻي 15 ماڻهن سان گروپ ڪال شروع ڪري سگهندي، اهو انگ 32 تائين نه پهتو آهي پر 7 ماڻهن کان ٻيڻو ضرور ٿي رهيو آهي. هي نئون فيچر تازو ئي ’بيٽا ورزن‘ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهو سڀني واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.

خبرون