تازه ترين
تعليم کاتي جو هنر جي سکيا ڏيندڙ ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب حڪومت اڻ رجسٽرڊ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پنجاب ۾ ٽي سئو اڻ رجسٽرڊ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. لاهور ۾ اڪثر اڻ رجسٽرڊ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ادارا ڪمپيوٽر، ٽيڪنالوجي جي سکيا ڏين ٿا، لاهور ۾ 52 اڻ رجسٽرڊ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا، بهاول نگر ۾ 27، بهاولپور ۾ 15 اڻ رجسٽرڊ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا آهن. رپورٽ موجب گوجرانوالا ۽ راولپنڊي ۾ 16 ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا اڻ رجسٽرڊ آهن. ان کان سواءِ خانيوال ۾ 15 اڻ رجسٽرڊ تعليمي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن جي رجسٽريشن پنجاب اسڪل ڊولپمينٽ وٽ لازمي آهي. سمورن اڻ رجسٽرڊ ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن کي فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي کي لازمي طور تي ليبارٽري لائسنس جي معيار کي پورا ڪرڻ گهرجي.

خبرون