تازه ترين
ٽوئيٽر ۾ وڏيون تبديليون، نالو ۽ لوگو به تبديل

ٽوئيٽر طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي مشهور پکي جي لوگو جو متبادل پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جو نالو به تبديل ڪيو ويو آهي. ٽوئيٽر جي چيف ايگزيڪٽو لينڊا ياڪارينو طرفان ٽوئيٽر جي نئين لوگو جي تصوير هڪ ٽوئيٽ ۾ پوسٽ ڪئي وئي آهي ۽ پوءِ ان کي سوسل ميڊيا نيٽورڪ تي بروڊ لوگو جاءِ تي لڳايو ويو آهي. ٽوئيٽر جي نئين لوگو ۾ ايڪس لکيل آهي جڏهن ته ايلون مسڪ به پنهنجي پروفائل اميج به انهيءَ لوگو سان تبديل ڪندي ٽوئيٽر بائيومين ايڪس ڊاٽ ڪام جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٽوئيٽر جو نالو به ايڪس ڪيو ويو آهي. اها آڪٽوبر 2022ع ۾ ايلون مسڪ جي ملڪيت ۾ وڃن کان پوءِ ٽوئيٽر جي سڀ کان وڏي تبديلي آهي. واضح رهي ته ايلون مسڪ ڊگھي عرصي کان ٽوئيٽر کي هڪ سپر ايپ ايڪس ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ لوگو جي تبديلي انهيءَ ڪري ڪئي وئي آهي. ان تبديلي کان پوءِ ٽوئيٽر هڪ خودمختيار ڪمپني ناهي رهي پر ان هڪ نئين ڪمپني ايڪس ڪارپوريشن جو حصو بڻايو ويندو. ٽوئيٽر جيف ايگزيڪٽو لينڊا ياڪارينو هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ٽوئيٽر اسان جي رابطن جي انداز کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ ايڪس ان سلسلي کي وڌيڪ اڳتي وڌائيند

خبرون