تازه ترين
ڪيمرا کي دوربين بڻائيندڙ ڊيوائيس ايجاد

نيو يارڪ:هڪ دوربين ٺاهيندڙ ڪمپني هڪ اهڙي جديد ايجاد ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به سمارٽ فون کي سيڪنڊن ۾ طاقتور دوربين ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. دوربين ٺاهيندڙ ڪمپني ووونس تازو ئي دنيا جي پهرين سمارٽ فون دوربين ”هسٽيا“ جو اعلان ڪيو آهي. انهي سان توهان رات جي وقت چنڊ، تارن ۽ روشن ڪهڪشائن جون شاندار تصويرون وٺي سگهو ٿا، جيڪا هڪ تمام واضح تصوير ڪڍي ٿي. اها هن وقت Kickstarter ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي آهي. هسٽيا جي تعارفي قيمت $149 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا هلندڙ سال تائين دستياب هوندي ۽ استعمال ڪرڻ به سولي آهي.

خبرون