تازه ترين
زون جو ڊيجيٽل ٽريني پروگرام، ڪير ڪير اپلاءِ ڪري سگهي ٿو؟

”زونگ“ تازو گريجوئيٽ شاگردن لاءِ ڊجيٽل ٽريني ايگزيڪيوٽو پروگرام شروع ڪندي ”ڊجيٽل ٽريني ايگزيڪيوٽو“ جي پوسٽن تي ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اها هڪ مستقل ۽ فل ٽائيم نوڪري هوندي، جنهن لاءِ زونگ ڪو کي اسلام آباد ۾ پنهنجي هيڊ ڪوارٽر ۾ ماڻهن جي ضرورت آهي. اهي ڀرتيون گورنمينٽ ۽ ڪارپوريٽ سيلز، مارڪيٽنگ، سيلز ۽ ڊسٽريبيوشن، هيومن ريسورسز، ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز، بي ايس ايس ۽ آئي ٽي انفراسٽرڪچر، انفارميشن سيڪيورٽي، نيٽورڪ آپريشن ۽ مينٽيننس سينٽر (NOMC) ۽ E2E جي پوسٽن ۾ ڪيون وينديون. 2023ع ۾ انهن پوسٽن تي ڀرتي لاءِ جيڪي ماڻهو ڪمپيوٽر سائنس، ڪمپيوٽر انجنيئرنگ، آئي ٽي، مئنيجمينٽ سائنسز، يا ڪنهن ٻئي لاڳاپيل شعبي ۾ بيچلرس يا ماسٽرس رکن ٿا، اهي درخواست ڏئي سگهن ٿا. انهن ماڻهن لاءِ لازمي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 2.5 CGPA هجي يا امتحان ۾ 70 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون هجن. ڀرتي ڪرڻ وقت سندن عمر 26 سال هجڻ گهرجي ۽ کين لاڳاپيل فيلڊ ۾ 1 سال ڪم جو تجربو هجڻ گهرجي. دلچسپي رکندڙ اميدوار زونگ جي ويب سائيٽ تي انهن نوڪرين لاءِ آن لائن اپلائي ڪري سگهن ٿا. ان کان پوءِ ٽيسٽ آن لائن ورتي ويندي ۽ آخر ۾ ڪامياب اميدوارن کي فائنل انٽرويو کانپوءِ ڀرتي ڪيو ويندو. ڊجيٽل ٽريني ايگزيڪيوٽو پروگرام لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 10 آگسٽ 2023 آهي.

خبرون