تازه ترين
آءِ فون 15 جي حوالي سان نوان تفصيل جاري، ڇا ڇا نئون هوندو؟

ايپل ڪمپني طرفان آٰءِ فون سيريز جي جلد مارڪيٽ ۾ ايندڙ آءِ فون 15 جي حُوالي سان اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته اهو هڪ طاقتور چارجنگ جي صلاحيت رکي ٿو. دنيا ۾ آءِ فون سيريز جا موبائل فون پيش ڪندڙ ايپل ڪمپني جلد آءِ فون 15 مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻ واري آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آءِ فون 15 جو اعلان سيپٽمبر 2023ع ۾ ٿيڻ وارو آهي. جيئن جيئن جاري ڪرڻ جي تاريخ ويجهو ايندي پئي وڃي. ان جي خاصيتن جي حوالي سان اڳڪٿيون به وڌنديون پيون وڃن. ائين ئي هڪ اڳڪٿي ان جي چارجنگ صلاحيت جي حوالي سان به ڪئي پئي وڃي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته آءِ فون 15 چارجنگ اسپيڊ جي زبردست صلاحيت رکندڙفون هوندو جيڪو جيڪو گذريل ماڊل کان بهتر 40W چارجنگ ۽ ميگ سيف سان گڏ هوندو. مارڪيٽ ۾اهي افواهه به گردش ڪري رهيا آهن ته ايپل جي بيٽري ٽيڪ ۾ هڪ وڏي اپ گريڊ آءِ فون 15 کي اسٽيڪ ٿيل بيٽري پيڪ سان گڏ ڏنو ويندو جنهن جي ذريعي بيٽري لائف ۽ معيار ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ايپل ڪمپني جوگذريل ايڊيشن آءِ فون 14 کان وڌيڪ کان وڌ چارجنگ اسپيڊ 30 واٽ آهي، ٽوئيٽر تي هڪ ٽپسٽر چيو آيه ته آءِ فون 15 لاءِ 40 واٽ تائين وائرڊ واڌ Magsafe ذريعي 20 واٽ چارج ڪرڻ جي رفتار ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو. پر ان ڳالهه جي ڪا به گارنٽي ناهي ته اها ٽيڪنالوجي آءِ فون 15 سان گڏ ايندي يا نه. ان حوالي سان اها ڳالهه به ڪئي پئي وڃي ته ان ٽيڪنالوجي کي آءِ فون 16 سان سلهاڙيو ويندو. پر سڀني اڳڪٿين وچ ۾ اها ڳالهه ته واضح آهي ته آءِ فون 15 جو اسٽيڪ ٿيل پيڪ ۾ بيٽري جيل گرم ٿيڻ جو حل ضرور موجود هوندو پر 40 واٽ چارجنگ اڃا 100 کانمٿي جي چارجنگ جي رفتار کان گهڻو پري آهي.

خبرون