تازه ترين
انساني دل جو تفصيلي نقشو تيار

ماهرن جي عالمي ٽيم انساني دل جو خلوي (سيلولر) ۽ (ٽشوز) جي سطح تائين جو غير معمولي تفصيلي نقشو تيار ڪيو آهي. ان سان هڪ پاسي ته دل جي فعلن ۽ مرضن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته ٻي پاسي دل جي ڌڙڪي جو راز ۽ ان جو اصل مرڪز ڄاڻڻ به سولو ٿي ويندو. اهو منصوبو، هيومن سيل اٽلس جو هڪ حصو آهي جنهن ۾ ٻين عضون سان گڏ دل جي اندروني ۽ ٻاهرين شڪل کي به ڏٺو ويو آهي. برطانيا ۽ جرمني جي ڪيترن ئي ادارن جي ماهرن ورهين جي محبت سان ڄاڻيو آهي ته انساني دل گھٽ ۾ گھٽ 75 قسمن جي جيوگھرڙن مان ٺهيل آهي. ان کانسواءِ هنن دل جي اٺن اهڙن هنڌن تي به غور ڪيو آهي جتي پهريان انسان جي نظر نه وئي هئي. خاص ڪري ان سان دل جو ڌڙڪو خارج ٿيڻ جي مُک مرڪز کي به سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ان کان وڌيڪ ڪري اسان کي خبر پئي آيه ته دل ڪيئن ڌڙڪندي آهي ۽ ڪيئن حرڪت ڪندي آهي ۽ انفيڪشن کان ڪيئن بچيل رهندي آهي. جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ اها ڪنهن به طرح سان خوبصورت ناهي ڇو جو ان ۾ سيليولر ۽ ماليڪيولر تفصيل شامل ڪيا ويا آهن. پوءِ اها به خبر پئي آهي ته ڪهڙا جين ڪهڙي قسم جا ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ دل جي ڌڙڪي جو راز ڇا آهي. ماهرن دل جي هموار ڌڙڪي ملوث جين جي نشاندهي به ڪئي آهي. تحقيق لاءِ عطيو ڪندڙ 25 دليون به استعمال ڪيون ويون آهن ۽ ڪُل ست لک انفرادي جيو گھرن جي تفصيل لکيو ويو آهي. اميد آهي ته ان سان مرضن جي علاج لاءِ نوان دڳ کلندا.

خبرون