تازه ترين
ميرا پريشانين جو شڪار، ڀيڻ کي ڪينسر، ماءُ بيمار، دعائن جي اپيل

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ميرا چيو آهي ته هو پنهنجي گھرڀاتين تي ڌياڻ ڏيڻ لاءِ في الحال ڪم ناهي ڪري رهي. ميرا انسٽاگرام تي پنهنجي ماءُ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو اسپتال جي بستري تي آهي، گڏ ئي اداڪارا ڏکيائين بابت مداحن کي ٻڌايو هن چيو ته گذريل هڪ سال کان آئون پنهنجي خاندان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪيريئر کي بريڪ لڳائي ڇڏي آهي، منهنجي ماءُ سالن کان بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ تازو ئي سندس سرجري ٿي آهي.ڳالهه جاري رکندي ميرا لکيو ته منهنجي ڀيڻ ۾ تازو ئي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي، آئون پنهنجي زندگي ۾ هن وقت ڏکي وقت مان گذري رهي آهيان ميران دعا ڪرڻ جي انداز چيو ته الله تعاليٰ مون کي اهڙو ساٿي عطا ڪري جنهن سان آئون پنهنجو ڏک، تڪليف، سور ۽ خوشيون ورهائي سگھان

خبرون