تازه ترين
حيدرآباد بورڊ پاران انٽر ڪامرس، هوم اڪنامڪس ۽ هيومينٽس جو نتيجو پڌرو، ڪنهن به پوزيشن نه کنئي

تعليمي بورڊ حيدرآباد ٻارهين ڪلاس جي ڪامرس، هوم اڪنامڪس ۽ هيومينٽس گروپن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي تعليمي بورڊ پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيومينٽس گروپ ۾ 4 هزار 514 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا جنهن مان 87 اميدوار غير حاضر هئا. 4 هزار 427 اميدوارن امتحان ڏنو جن مان 3 هزار 912 اميدوار پاس ۽ 438 اميدوار فيل ٿيا آهن جڏهن ته ڪاپي ڪيس ۽ مختلف سببن جي ڪري 77 اميدوارن جا نتيجا روڪيا ويا آهن ڪنٽرولر مسرور احمد زئي جو چوڻ آهي ته هيومينٽس گروپ ۾ ڪو به شاگرد اي ون گريڊ ۾ پاس نه ٿيو. اي گريڊ ۾ به رڳو 69 اميدوار پاس ٿيا جڏهن ته بي گريڊ ۾ هڪ هزار 30، سي گريڊ ۾ هڪ هزار 992، ڊي گريڊ ۾ 790 ۽ اي گريڊ ۾ 31 اميدوار پاس ٿيا. اهڙي ريت ڪامرس گروپ ۾ 968 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا جنهن مان 19 غير حاضر هئڻ سبب 949 اميدوارن امتحان ڏنو جنهن مان 870 اميدوار پاس ۽ 36 اميدوار فيل ٿيا جڏهن ته ڪاپي ڪيس ۽ ٻين سببن جي ڪري 43 اميدوارن کي هڪ کان وڌيڪ سبجيڪٽن ۾ فيل ڪيو ويو ڪنٽرولر موجب ڪامرس گروپ ۾ ڪو به شاگرد اي ون گريڊ ۾ پاس نه ٿيو. اي گريڊ ۾ 38، بي ۾ 440، سي ۾ 357 ۽ ڊي گريڊ ۾ 34 اميدوار پاس ٿيا. هوم اڪنامڪس گروپ ۾ رڳو حيدرآباد مان 17 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا ۽ امتحان دوران 15 اميدوار پاس ۽ 2 فيل ٿيا آهن. تعليمي بورڊ موجب اي ون گريڊ ۾ 2، اي گريڊ ۾ 10 ۽ بي گريڊ ۾ پاس ٿيل اميدوارن جو تعداد 3 آهي

خبرون