تازه ترين
سائنسدانن انٽارڪٽيڪا جو ڪروڙين سالن کان لڪيل راز دريافت ڪري ورتو

سائنسدانن برفاني کنڊ انٽارڪٽيڪا ۾ ڪروڙين ورهين کان لڪيل راز دريافت ڪري ورتو آهي. برطانيا ۽ آمريڪا جي سائنسدانن انٽارڪٽيڪا ۾ جبلن ۽ وادين تي ٻڌل اهڙو خطو دريافت ڪيو آهي جنهن ۾ ڪڏهن درياهه وهندا هئا ۽ اهو ڪروڙين ورهين کان برف جي هيٺان غائب هو. بيلجيئم کان وڌيڪ وڏو اهو خطو 3 ڪروڙ 40 لک ورهين کان انساني پهچ کان پري رهيو آهي پر عالمي گرمي پد ۾ اضافي سان ان جي اڀرڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي. 12 هزار اسڪوائر ميل تي پکڙيل ان خطي ۾ ڪنهن زماني ۾ وڻ، ٻيلا ۽ امڪاني طور تي جانور به موجود هئا، پر برف پکڙجڻ سان اهو برف ۾ ڄمي ويو. محققن ٻڌايو ته اهو اهڙو خطو آهي جيڪو تيل تائين ڪنهن جي به نظرن ۾ نه آيو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو حيران ڪندڙ آهي ته اهو خطرو سامهون هجڻ جي باوجود نظرن کان گم هو. ماهرن چيو ته اهو خطو وچ اوڀر انٽارڪٽيڪا جي برفاني سطح جي هيٺان لڪيل آهي ۽ اهو برفاني کنڊ جو اهو حصو آهي جنهن بابت اسان کي مريخ جي سطح کان به گھٽ علم آهي. محققن موجب سطح جي سيتلائيٽ تصويرن کي استعمال ڪري سطح کان 1.6 ميل هيٺ موجود وادين ۽ جبلن جو پتو لڳايو ويو. ان سان گڏوگڏ ريڊيو ايڪو سائونڊنگ ٽيڪنيڪ جي به مدد ورتي وئي. ان ٽيڪنيڪ ۾ هڪ جهاز ڪنهن به خطي جي مٿان اڏامندي ريڊيو لهريون سطح تي موڪليندو آهي جنهن بعد اتي پيدا ٿيندڙ گونج جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. سيٽلائيٽ تصويرن ۽ ريڊيو ايڪو سائونڊنگ جي ڊيٽا کي گڏائڻ تي قديم زماني ۾ درياهن جي گذرڻ سان ٺهندڙ خطي جي تصوير بڻي جنهن ۾ واديون ۽ جبل موجود آهن. سائنسدانن موجب اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته آخري ڀيرو ان خطي سج جي روشني ڪڏهن به ناهي ڏٺي، پر ماهرن جي خيال ۾ گھٽ ۾ گھٽ 1 ڪروڙ 40 سالن کان اهو خطو برف جي اندر دفن آهي. تحقيقي ٽيم ۾ شامل ڪجهه سائنسدان پهريان به انٽارڪٽيڪا جي برف جي هيٺان هڪ شهر جيتري وڏي ڍنڍ دريافت ڪري چڪا آهن ۽ سندن مڃڻ آهي ته اڃا به ڪيترائي اهڙا قديم خطا ان برفاني کنڊ ۾ موجود آهن جن کي دريافت نٿو ڪري سگھجي. ان تحقيق جا نتيجا جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ ڇپيل آهن.

خبرون