تازه ترين
اداڪارا گوهر خان وري فلسطينين لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا گوهر خان هڪ ڀيرو وري مظلوم فلسطينين لاءِ آواز اٿاريندي چيو آهي ته فلسطين 70 سالن کان پنهنجي زندهه دلي جي قيمت چُڪائي رهيو آهي. گوهر خان پنهنجي آفيسل انسٽاگرام هينڊل تي اسٽوري پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته فلسطين ۾ لاڳيتو 19 هين ڏينهن کان اسرائيلي فوج جي بمباري جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ غزا تباهه ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻارن ۽ عورت سميت 5000 کان وڌيڪ فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن. ڀارتي اداڪارا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا تائين دنيا جو ڪو به سپر پاور ملڪ ۽ قوم قومن جو ادارو غزا ۾ جنگ روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ اسرائيل کي فلسطين جي نسل ڪشي روڪڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن فلسطينين لاءِ دعا ڪندي چيو ته يا رب! معصوم حياتين، سندن گھرن، روزي تي رحمي فرفاءِ، هنن جي جاري ظلم کي ختم ڪري ڇڏي. گوهر خان وڌيڪ چيو ته فلسطين گذريل 70 سالن پنهنجي ان زندهه دلي ۽ احسان جي قيمت چڪائي رهيو آهي جيڪو هنن اسرائيل تي ڪيو هو. واضح رهي اڳ به اداڪارا فلسطينين جي حق ۾ پنهنجو پيغام جاري ڪيو هو.

خبرون