تازه ترين
سعودي عرب جو خلائي شعبي ۾ ترقي لاءِ اهم قدم

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي خلائي ايجنسي ۾ منصوبابندي جي سربراهه انجنيئر محمد القاسم اميد ظاهر ڪئي آهي ته 2023 تائين 15 هزار کان وڌيڪ هٿرادو گرهه خلا ۾ موڪليا ويندا. سعودي ميڊيا موجب خلائي ايجنسي ۾ منصوبابندي جي سربراهه چيو آهي ته سعودي عرب وڌيڪ هٿرادو گرهه خلا ۾ موڪليندو. هن چيو ته هٿرادو گرهن جي طلب مسلسل وڌي رهي آهي، سعودي خلائي ايجنسي ۽ سيڙپڪاري واري وزارت جي ڪوششن سان هٿرادو گرهن جي شعبي ۾ پهرين پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، ان سلسلي ۾ چيني ڪمپني اي اسپيس سيڙپڪاري ڪري رهي آهي.

خبرون