تازه ترين
خبردار! هنن 10 شخصيتن کي انٽرنيٽ تي سرچ نه ڪريو

ايڪس ۽ ٽيسلا جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ کي اوهان جيترو پسند يا نا پسند ڇو نه ڪندا هجو پر اهو اوهان لاءِ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو. جي ها ڪجهه مشهور شخصيتن بابت انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو ڇو جو سمارٽ فون يا ڪمپيوٽر ڪنهن وائرس جو شڪار ٿي سگھي ٿو. ڪمپيوٽر سيڪيورٽي ڪمپني ميڪافي آن لائين سرچنگ جي حوالي سان 10 خطرناڪ شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هالي ووڊ اداڪار ريان گوسلينگ کي انٽرنيٽ سرچنگ لاءِ سڀ کان خطرناڪ شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. ان فهرست ۾ 5 مرد ۽ 5 عورتن کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب جڏهن واهپيدار ڪنهن مشهور شخصيت بابت ڪجهه بڌندا يا نئين ڄاڻ چاهيندا آهن ته اهي4 ڪجهه سوچڻ کانسواءِ سرچ ڪندا آهن، ان سان سائبر ڪرمنلز کي موقعو ملندو آهي ته اهي شڪي ويب سائيٽس ۾ نقصانڪار ميل ويئر يا وائرس وغيره انسٽال ڪري ڇڏين. ان فهرست ۾ آمريڪي اداڪارا جارجينا 10 هين جڏهن ته گلوڪار بيڊ بني 9 نمبرتي آهي. اٺون نمبر اداڪارا مارگوٽ روبي جي حصي ۾ آيو آهي ۽ 7 تي صحافي ۽ ٽي وي شخصيت اي آءِ روڪر موجود آهي. ايلون مسڪ انٽرنيٽ تي سرچنگ لاءِ خطرناڪ شخصيت ۾ 6 نمبر تي آهي جڏهن ته ان کان مٿي 5 نمبر تي اداڪار Kevin Costner آهي. 2 کان 4 جي خطرناڪ شخصيتن ۾ ترتيبوار ايملي بلنٽ، جينيفر ۽ Zendaya شامل آهن. ڪمپني موجب فلم باربي جي ڪاميابي سبب ريان گوسلينگ کي انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ جي شرح به وڌي آهي ۽ ان سان سائبر ڪرملنز کي موقعو مليو آهي.

خبرون