تازه ترين
يوٽيوب ۾ بهترين ۽ ڪم جو فيچر شامل

گوگل طرفان يوٽيوب ۾ هئون ۽ ڪم جو فيچر شامل ڪيو پيو وڃي جيڪا وڊيوز جا اسڪرين شاٽس ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهو فيچر گوگل ڪروم ۾ ڪم ڪندو ۽ هن وقت بيٽا ورجن ۾ موجود آهي. ان فيچر کي استعمال ڪرڻ سولو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ آگسٽ 2023ع جي آخر ۾ گوگل طرفان ڪاپي وڊيو فرام نالي فيچر متعارف ڪرايو ويو هو. ان فيچر ذريعي ڪنهن بهوڊيو ريم کي اسڪرين شاٽ کانسواءِ ئي ڪاپي ڪرڻ ممڪن آهي. ان وقت گوگل ٻڌايو هو ته اوهان ڪنهن وڊيو کي پلي ڪرڻ کان پوءِ گھربل منظر تيان کي روڪي ۽ پوءِ ان فريم کي ڪاپي ڪريو. هاڻ انهيءَ فيچر کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ هڪ سوشل ميڊيا واهپيدارن ان فيچر جي نشاندهي ڪئي. ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪروم تي يوٽيوب وڊيو کي گھربل فريم تي روڪي مائوس سان رائيٽ ڪلڪ ڪريو. ائين ڪرڻ تي نظر ايندڙ ڊراپ ڊائون مينيو ۾ سيو وڊيو فريم جو آپشن نظر ايندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري تصوير کي پي اين جي فائيل جي حيثيت سان محفوظ ڪري ڇڏيو. اهو فيچر ان وقت ڪم جو ثابت ٿيندو جڏهن اوهان رڳو وڊيو فريم جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ جا خواهشمند هوندا. ان فيچر سان سڄي اسڪرين جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ کان پوءِ ڪراپ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، پر مائوس تي ڪجهه ڪلڪ ڪري بهترين معيار جو وڊيو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ ممڪن هوندو.

خبرون