تازه ترين
فيسبڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) فيسبڪ پنهنجن واهپيدارن لاءِ ريلز جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪندڙ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو. ريلز اي/بي ٽيسٽنگ ٽو جو اهو اهم فيچر مارڪيٽنگ ۽ ڇپائي جو هڪ عام طريقو آهي جنهن ۾ ڪونٽينٽ جي ان اعتبار سانڀيٽ ڪئي ويندي آهي ته ڪهڙي طريقي سان وڌيڪ انگيجمينٽ حاصل ڪري سگهجي. مثال طور ڪنهن خبر لاءِ نشر ڪندڙ مختلف سرخين جو استعمال ڪندا آهن ته جيئن اهو ڏسي سگھجي ته واهپيدارن جو ڌيان ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿو. فيچر تحت ريلز ۾ تخليق ڪندڙ ٽيسٽ لاءِ هڪ وڊيو ۾ 4 مختلف ٿمب نيلز ۽ ڪيپشنز رکي سگھندا. فيچر بابت تفصيلن موجب ريلز جا مختلف ورجنز تخليقڪارن جي مختلف فالوورز کي 30 منٽن تائين ڏسي سگھندا. ٽيسٽ دوران جنهن ورجن کي وڌيڪ ويوز ملندا ان کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو. اهو فيچر في الحال موبائيل واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي. ڪمپني جو چوڻ هوته مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت جي ٽولز کي به متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن ڪيپشن ۽ همب نيلز بڻائي سگھجن.

خبرون